هي خون منهنجو هوندو. عنوان آهي تنهنجو، مضمون منهنجو هوندو. سمجهان ٿو تنهنجو منهنجو سنگم ته ٿي نه سگهندو. هي گهاءُ جنهن جو نالو رکجي ويو وڇوڙو، تَنهنجو رڳو روئڻ سان مرهم ته ٿي نه سگهندو. ڀاڪُر م تنهنجي ناهيان، بوسن ۾ تنهنجي ناهيان، ديدون ته ڇا او دلبر، يادن ۾ تنهنجي ناهيان، پر جي ڪڏهن ڪڏهن مَن، تنها اداس ٿين تون، ڳوڙها کڻي نه ڳاڙين، آهُون نه بي ڀرين تون. چپڙا گلابي چوري، هوري تمام هوري، جي هي ڪلام منهنجو ڳائين ته ٻيو کپي ڇا؟ منهنجي تِکي تڙپ جا تحفا کڻي هزارين. جذبا کڻي هزارين، بوسا کڻي هزارين، پنهنجي زبان سان جي لائين ته ٻيو کپي ڇا؟ رومال تنهنجو تنهنجي هٿ سان لڳي چُڪو آ، چپ سان لڳي چُڪو آ ۽ ڳل اگهي چُڪو آ. رکندس نه مان لٽن ۾، دل جي تهن ۾ رکندس، هيجن سَوَن ۾ کڻندس. چمندس ضرور پيو پر چمندس نه مان چپن سان، ڇو جو ڪپهه نه ملبي آ، آڳ جي اُلن سان. مان چاهه سان پيو چمندس، احساس جي اکين سان، اتساهه سان پيو چمندس، هن ۾ هڳاءُ تنهنجو، تنهنجو سڄو تصور، عڪس ۽ اهاءُ تنهنجو، هي ڪو وڌاءُ ناهي، الله سان پيو چمندس. ______ استاد بخاري (زندگي زندگي)
صفا ڪو سٽيل ٿو لڳين ادا لاجواب شاعري بخاري جي پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه، ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔ گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو، ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔ لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا، نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔