شاگرد جڏھن وڏن شھرن ۾ پڙھڻ اچن ٿا تہ کين رھائش گھربل ھوندي آھي. اڪثر دوست اھڙي سھولت جو انتظام ڪرڻ جي خوآھش ڪندا آھن. انھن لاءِ ڪجھہ معلومات. ساڳيو ڪم ڦلو ميگھواڙ پڻ ڪيو آهي. ان کان پڇبو تہ سندس راءِ تجربي جي بنياد تي هوندي. مون سندس هاسٽل ۾ رهي بہ ڏٺو آهي. مسئلا ٻيا بہ آهن پر هيٺيان قابلِ ذڪر آهن. 1. هاسٽل ۾ رُڳو اُهو رهندو جيڪو پنهنجي رهائش افورڊ نہ ڪري سگهندو هُجي (يا گروپ ۾ ڪو فليٽ يا جاءِ وٺي رهڻ وارو آپشن وٽس نه هجي) 2. ٻنهي صورتن ۾ هو چاهيندو تہ کيس ان خرچ کان گهٽ ۾ اهڙي هاسٽل ملي. پر ياد رهي تہ اڪثريت جي سوچ اھا ھوندي تہ آهي ٿورو ڏيئي گهڻو وٺجي. اھڙن کي مطمئن ڪرڻ وڏو مسئلو هجي ٿو. 3. جيئن اسان سنگت ساٿ جي گاڏيءَ ۾ بيگر کڻڻ وقت رُڳو پيٽرول/سي اين جي جا پيسا لڳايون ٿا. جڏهن ته گاڏيءَ ۾ آئل، مرمت ۽ ٻيا خرچ بہ هوندا آهن. ايئن ئي هن ڪيس ۾ بہ رُڳو گهر جو ڪرايو ناهي. يوٽيلٽيز وغيره هجن ٿيون. ان کان علاوه جڏهن شاگردن جو موڪلون ٿين ٿيون تہ هو انهن ڏينهن جا پيسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هوندا ۽ گهُر ڪندا آهن تہ سندن جاءِ بہ سوگهي رهي. اهڙي صورتِحال هاسٽل سنڀاليندڙ لاءِ مسئلو پيدا ڪري ٿي. 4. جيئن تہ هاسٽل ۾ ڪمري ۾ 2-3-4 تائين شاگرد گڏ رهن ٿا. ننڍين ننڍين ڳالهين تان ”مسئلہِ ڪشمير“ روز جو معمول هوندو آهي جنهن کي پڻ هاسٽل هلائيندڙ منهن ڏيندو آهي. 5. اسان وٽ رضاڪاري جذبو بہ گهٽ آهي ۽ جيڪو بہ اهڙو جذبو رکي ٿو تہ يا تہ کائنس فرشتو ٿيڻ جي گهُر ڪئي وڃي ٿي يا وري کيس ”کائو“ جو لقب ملي ٿو ڇو تہ غير يقيني ۽ وهم ڪڏهن بہ ناهن مرندا، ڪو ماڻهو بنا ڪنهن غرض ايڏو ڪم ڪيئن ڪري سگهي ٿو.ـ ـ هي سڀ لکڻ جو مقصد دلبرداشتہ ڪرڻ نہ پر انهن پاسن کان خبردار ڪرڻ لاءِ آهن جيڪي متان نہ ڏٺا ويا هجن
هاسٽل ۾ آئون به رهيو آهيان، توبنهن ڪيم ته آئنده هاسٽل ۾ نه رهندس. اهي مسئلا اسانجا روم ميٽ جام ڪندا هُئا، ڪڏهن ڪڏهن مُفتي ٿي ويندا هُئا ته ڪڏهن صفا ديشي.. بس پوءِ ڀڄي جان ڇڏائيسين.