دنيا ۾ ثواب جا ننڍا ننڍا ڪم ته ڪافي سارا آهن جن جي ڪرڻ سان جنت ملي ٿي سگهي پر اهي ننڍا ننڍا ڪم ڪندي ڪندي حياتي پوري ٿي ٿي وڃي. پوءِ به پڪ نه آهي اهي قبول به پيا يا الائي نه ۽ نه وري جنت ملڻ جي ڪا پڪ آهي. ڇو ته اسان جا ٻيا ڪم ئي اهڙا آهن جو جنت جو انديشو ئي نه ٿو ٿئي. اردو جي هڪ وڏي شاعر به چيو آهي ته: ہم کو معلوم ہے جنت کی حقیقت لیکن دل کے خوش رکہنے کو غالب خیال اچھا ہے اسان شارٽ ڪٽ وٺڻ جا عادي آهيون ۽ چاهيندا آهيون ته هڪ ئي ڪم اهڙو هجي جنهن سان سڀ گناھ ختم ٿي وڃن ۽ سڌا وڃي جنت ۾ پئون. ان لاءِ رشوت خور آفيسر، وياجي، اسمگلر، عوام جو رت چوسيندڙ سياستدان سڄي سال جي گناھن کي معاف ڪرائڻ لاءِ هر سال حج ادا ڪندا آهن، جيڪي حج نه ڪري سگھندا آهن اهي وري خير خيراتون ۽ ننگر نياز ڪندا آهن يا وري مسجدن جي تعمير لاءِ چندا ڏيندا آهن ۽ درگاهن تي چادرون چاڙهيندا آهن. ڪي ته وري عالمه يا وري حافظ قرآن عورت سان شادي ڪرڻ جا ان ڪري خواهشمند هوندا آهن جو اهي قيامت واري ڏينهن پنهنجي گھرجي جي 70 ماڻهن جي مغفرت ڪرائي سگھنديون ڀلي جي اهي کڻي ڪيترا به وڏا پاپي هجن. مون کي به شارٽ ڪٽ وٺي ثواب حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿي پيو جنهن لاءِ پنهنجي شهر واري هڪ وڏي مولوي سان مليم. چيومانس ته اهڙو ڪو ڪم ٻڌائي جو سڌو جنت ۾ جاءِ ملي. مولوي صاحب غريبن جي مالي مدد ڪرڻ، خيرات ڪرڻ، نماز پڙهڻ، حج ڪرڻ ۽ حافظ قرآن يا عالمه سان شادي ڪرڻ ۽ ڪنهن غير مسلم کي مسلمان ڪرڻ جهڙا انتهائي ڏکيا ڪم ٻڌايا. گھر اچي ثوابن جي لسٽ تي غور ۽ ويچار ڪيم. حج، مالي مدد ۽ خيرات لاءِ پئسن جي ضرورت هوندي آهي پنهنجي آمدني اڳ ۾ ئي نه هجڻ برابر آهي ان ڪري پهرئين سَٽ ان کي لسٽ مان آئوٽ ڪيم. مان تمام ٽوٽي ماڻهو آهيان. صبح جي روشنيءَ ۾ رات جي اونداھ جهڙي ڪاري مائي مطلب منهنجي گھر واري مونکي بستري مان ڇڪي اٿاريندي آهي، پوءِ سڄو ڏينهن محنت مزدوري جي پويان ڏينهن برباد ڪندو آهيان. نماز ۾ کپي پابندي سو اهو ڪم منهنجي وس کان ٻاهر نظر آيو. ان ڪري ان تي ويچارڻ به ڇڏي ڏنو. حافظ قران يا عالمه سان شادي جو تصور به نه پئي ڪري سگھيس. هن دور ۾ ٻي شادي مطلب خودڪشي جي اهڙي ناڪام ڪوشش آهي جنهن سان انسان مرندو به ناهي پر عضوا ڀڃرائي، معزور ٿي، سڄي زندگي پيو سور سهندو آهي. منهنجي ذهن ۾ مونسان نوڪري ڪندڙ منهنجا ڪجھ هندو دوست آيا جن کي مسلمان ڪري جنت ڪمائڻ جو موقعو هو پر مونکي مذهب جي بنيادي ڳالھين کانسواءِ ڪجھ خبر ئي نه، عيد نماز به مشڪل سان پڙهان سو مون جهڙي جي چوڻ سان ڪوبه مسلمان نه ٿيندو. ان کان سواءِ اسان مسلمان خودئي ان ڳالھ تي متفق ناهيون ٿيا ته اسان مان مسلمان ڪير آهي، ڇوته اسان پاڻ ئي هڪٻئي کي ڪافر قرار ڏي وٺا آهيون. انڪري جنت حاصل ڪرڻ وارو منهنجو خواب تعبير ٿيڻ مشڪل پئي نظر آئيو. مان پاپوليشن ويلفيئر جي آفيس ۾ ڪم ڪندو آهيان جتي صرف پنهنجي ويلفيئر ڪئي ويندي آهي باقي پاپوليشن جي ويلفيئر سان اسان جو ڪو تعلق ناهي. اسان واري آفيس ۾ ڪم گھٽ ڪچهري جام ٿيندي آهي، آفيس ۾ وڏن اکر ۾ منع ڪيل آهي ته آفيس ۾ مذهبي، سياسي ۽ فضول گفتگو ڪرڻ منع آهي، پر جئين گاڏين بيهارڻ وارن کي “نو پارڪنگ”، سگريٽ جا ڪش لڳائڻ وارن کي “نو سموڪنگ”، ۽ گند پهلائڻ وارن کي “ڪچرو اڇلائڻ منع آهي” جا بورڊ نظر نه ايندا آهن ائين ئي اسان کي اهو بورڊ نظر نه ايندو آهي ۽ جيئن وڻندو آهي سو تيئن پيا ڳالهائيندا آهيون. ڪجھ ڏينهن کان پرديپ ڪافي پريشان ۽ چپ پئي نظر آيو. جڏهن پريشانيءَ جو سبب پڇانس ته “ يار! تنهنجي وس جي ڳالھ ناهي” چئي جان ڇڏائي ويندو هو. سندس وڌيندڙ پريشان ڏسي کانئس هڪ ڏينهن وري پڇيم هن جو جواب وري به ساڳيو. چيومانس يار ڳالھ ته ڪر متان مان تنهنجي پريشاني حل ڪريان. هو همراھ به ڪو سفا پريشان هو ۽ دل جو بار لاهڻ لاءِ دل جو احوال ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. اسان ٻئي آفيس مان روانه ٿي هڪ هوٽل ۾ اچي ويٺاسين بيري کي چانهن جو آڊر ڏنو. پرديپ کي چيم “ها دوست هاڻي احوال ڪر، توسان ڪهڙو مسئلو آ؟”. پرديپ چيو “يار شادي ڪرڻي آ” چيومانس “سڀ ڪندا آهن تو به ڪر، ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالھ آ؟” چيائين “يار! جنهن سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان اها چاچي جي ڌيءَ شاردا آهي.” چيومانس “پوءِ ته ڪم اڃا به آسان آهي چاچي کان ڇوڪريءَ جو سڱ گُھر ٻي صورت ۾ توجه ڌيان طلب ٿي وڃ.” چيائين “ادا! تون ته ڪو سفا چريو آهين. ڀاءُ! اسان جي مذهب ۾ سؤٽ يا ماسات ته پري جي ڳالھ آهي پر ڄاڻ سڃاڻ واري جاءِ تي به شادي ڪرڻ منع آهي.” مٿي کي کنندي چيم “اڇا ته پريشاني جو سبب اهو آهي”. چيائين “اسان ٻئي بيحد پريشان آهيون ته آخر ڇا ڪجي، الڳ به نه ٿا رهي سگھون، پر شادي به نه ٿا ڪري سگھون.” پرديپ کي آٿت ڏيندي چيم “پريشان نه ٿي تنهنجي مسئلي جو حل هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڳولهي ڪي ٿا وٺون.” گھر اچي تمام سنجيدو ٿي ان مسئلي تي سوچڻ شروع ڪيو، گھر واري مونکي ائين اڳ ۾ ڪڏهن ايترو سنجيده نه ڏٺو هو، سو پريشان ٿيندي روايتي انداز ۾ پڇيائين “مئا ڪهڙو پهاڙ ڪريو اٿئي جو ڦٿل پٽاٽي جھڙو منهن ڪيو ويٺو آهين” وراڻيم “ڪجھ به نه” “بخار اٿئي؟” “نه.” “بشنيءَ موبائيل ڪڍي اٿئي ته صحيح ٿيو، وتين پيو الائي ڪنهن ڪنهن سان ڳالهائيندو ۽ ميسيج ڪندو، ڇُٽي پرائين ماين جي جان تو مان.” “ائين به ناهي، پرايُن ماين کي اسان جھڙا سڃا پسند ناهن ايندا.” “ته پوءِ پڪ آفيس واري صاحب ڇنڊ پٽي اٿئي، ڪم جو اهڙا هوندئي.” “چري ائين به ناهي.” “ته ٻڌائين ڇونه ٿو ته لنجھڻ ڪهڙو اٿئي؟” وراڻيومانس “بي عقل! اڪيلو ڇڏ ته ڪجھ سوچڻو آهي، ۽ وڃي پٽهن کي کڻ، تو وانگر سنگھون ۽ ڳوڙها هڪ ڪري ڇڏيا اٿئين.” اٿي، ڪاوڙ مان چيائين “ها وڏو آيو آ علامه اقبال، هاڻي سوچي سوچي ڪتاب لکندو. سوچڻ لاءِ دماغ جي ضرورت هوندي آهي جيڪو تو وٽ بلڪل به ناهي. تهنڪري اجايو وقت وڃائي مٿي اندر پيل ميڄالي تي ظلم نه ڪر.” سندس ڳالھ تي توجه نه ڏنم مسلسل سوچڻ لڳس..... هر طريقو سوچيم پر ڪنهن به صورت سندن ميلاپ ممڪن نظر نه آيو ڇوته هندو مذهب جو قانون ئي اهڙو هو. ڪافي دير سوچڻ کان پوءِ اچانڪ خيال آيو سندن شادي ته ممڪن آهي. ڏاڍو خوش ٿيم. صبح جو انتظار ڪرڻ لڳس ته پرديپ کي خوشخبري ڏيان. ٻئي ڏينهن جلدي جلدي آفيس پهتس، پرديپ اڃا نه پهتو هو، ڇو ته اسان جي آفيس ۾ ڪير به پنهنجي ٽائيم تي نه ايندو آهي، ڪو اچي به ڪري ڇا، ڪم ته هوند آهي ڪونه. 10 بجي کان جڏهن ٽائيم وڌڻ لڳو ته پرديپ اچي ويو، کيس آفيس جي ٻاهر واري ڪينٽين تي وٺي ويس، چانهه جو آرڊر ڏئي چيومانس “مبارڪ اٿئي، تو وارو ڪم ٿي ويو، بس رڳو تو همٿ ڪر” چيائين “يار! مان ته همٿ ڪيان پر ڪا واھ به ته سجھي نه، مذهبن ۽ سماج جا اهڙا ته قائده قانون ۽ ريتون رسمون آهن جو انسان سڄي حياتي اڻ ڏٺي ڊپ ۽ انوکي قيد ۾ ڪاٽي ٿو، روسو سچ چيو آهي ته “انسان پيدا ته آزاد ٿيندو آهي پر هو هر هند رنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو آهي.” چيومانس “مونکي تنهنجي فلاسافي سمجھ ۾ ڪونه ايندي پر جي تو چاهين ته تو ان قيد مان آزاد ٿي پنهنجي پيار کي حاصل ڪري سگھين ٿو، بس تون پڪو ٿي.” پڇيائين “ڇا ڪرڻو پوندو؟” وراڻيم “بغاوت.....” حيرت مان ڏسندي پڇيائين “بغاوت؟” چيومانس “ها بغاوت........ بغاوت پنهنجي مذهب کان بغاوت پنهنجن مٽن مائٽن کان” پڇيائين “اهو وري ڪيئن؟” سمجھائيندي چيومانس “ڏس پرديپ، تو پنهنجي مذهب جي مطابق ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سؤٽ سان شادي نه ٿوڪري سگھين، جيڪڏهن ڪيئي ته جان جو خطرو سمجھ، جيڪڏهن ٻيو ڪجھ به نه ٿيو ته برادريءَ مان نيڪالي ته پڪ سان ٿيندئي، جيڪڏهن ائين نه ڪيئي ته ان کان سواءِ تنهنجي حالت به رحم جوڳي آهي. هر حال ۾ رسوائي اٿئي. بهتر آهي ته پيار حاصل ڪر، والدين ڪجھ ڏينهن ناراض ٿيندا پر بعد ۾ اهي به ٺيڪ ٿي ويندا آخر والدين آهن اهي ڪنهن به صورت ۾ اولاد کان ايتري دير تائين ناراض نه رهي سگھندا.” چيائين “يار! صاف ٻڌاءِ ڪرڻو ڇا آهي بس.... مان ان لاءِ ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.” چيومانس “ته پوءِ ٻڌ! اوهان ٻئي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي وڃو جيڪو پنهنجي جاءِ تي وڏي ثواب جو ڪم آهي، مسلمان ٿيندين ته جنت به ملندئي، ان کان علاوه اسلام ۾ سؤٽ، ماسات، پڦاٽ، وغيره سان شادي جي اجازت آهي، اوهان کي ڪو به شادي ڪرڻ کان روڪي نه سگھندو، قانوني تحفظ به ملندو ۽ عوام الڳ سپورٽ به ڪندو، مولوي ته مالي ساهڪار به ڪندا اخبارن ۾ اچي ويندين هر طرف واھ واھ ۽ مرحبا ٿي ويندي. هاڻي بس ٽائيم ڏي، ثواب جي ڪم ۾ دير نه ڪبي آهي.” همراھ کي مڙئي ڳالھ سمجھ ۾ آئي سو شاردا کان پڪ ڪرڻ لاءِ شام تائين جي مهلت گھري، چيائين ته رات فون تي پڪ ڏيندس. رات 9 بجي پرديپ جي فون آئي چيائين اسان ٻئي راضي آهيون..... پريديب جو هاڻي نالو محمد اويس آهي شاردا، شهناز ٿي وئي، سندن جا ٻه ٻار به آهن، اقرا ۽ نعمان. سندن والدين ڪڏهن ڪڏهن برادري وارن کان لڪي لڪي انهن سان ملڻ ايندا آهن...... شهزاد سهتو