• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق بازي ڇڏين ڪونه ٿو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
عشق بازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
ڇو مجازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
هي خدا ۽ خوديءَ سان ٺڳي،
اي نمازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
روز ڏاڙهون بدن تي نوان!
سنگ سازي ڇڏين ڪونه ٿو!
سرت ڪيڏي ڪئي ٿي ڪٺي؟
پرت تازي ڇڏين ڪونه ٿو؟
هي نماڻيون نماڻيون اکيون،
ايءُ آزي ڇڏين ڪونه ٿو؟
روز رومي پڙهين ٿو اياز،
پو به رازي ڇڏين ڪونه ٿو؟

...شيخ اياز
 
Back
Top