ڪڏهن ڪڏهن فيسبڪ تي اهڙا به ماڻهو ملندا آهن جن سان ڳالهائيندي بلڪل پنهنجائپ محسوس ٿيندي آهي، انهن مان اڪثر همخيال ئي هوندا آهن. ڦٽيل عاشقن کي انهنجي صحبت جا سنگتي فيسبڪ تي ملن ٿا ته سنجيده ماڻهن کي سنجيده صحبتي. اديبن کي اديب ملن ٿا ته ميڪ اپ وارين کي شاپنگ جون شوقين ليڊيز مطلب ته همخيال اسانجي چؤطرف موجود آهن اسانکي صرف انهن سان عليڪ سليڪ رکڻي آهي ۽ پوءِ انهن سان پنهنجي دل جون ڳالهيون، پنهنجا خيال ۽ ويچاري ونڊي جيڪو سُڪون ملندو آهي شايد اُهو ٻئي ڪنهن پليٽفارم تي ملندو هُجي کوڙ ماڻهن جا خيال ايترا ايترا ته ملي وڃن ٿا جو پوءِ اُهي رشتن جي ٻنڌڻ ۾ هڪٻئي سان ٻڌجي وڃن ٿا (اها خبر ناهي ته ڪيتري دير تائين پر في الحال ته باقاعده ٻڌجي ٿا وڃن ۽ اميد اٿم ته آئينده به ٻڌل ئي رهندا هوندا). ڪُجھ ماڻهن کي همخيال ناهن ملندا ته پوءِ اُهي فيڪ آئي_ڊيز ٺاهي پنهنجا همخيال دوست ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.. جيڪڏهن ڪو وات ڳاڙهو (پان کائيندڙ هرگز نه) آهي ته پوءِ اُهو نقلي آئي_ڊي تان وات ڳاڙهن کي شامل ڪري ٻين جا پٽڪا ڌُوڙ ڪرڻ ۽ عزت سان کيڏي پنهنجي پَر ۾ مزا وٺندو آهي.. پر انهن کي گھُرجي ته جيڪي اندر آهيو اُهي ئي ٻاهر ٿيو، اصلي آئي_ڊيز تان به ائين ئي پيش اچو جيئن نقلي آئي_ڊيز تان ٿا اچو ته جيئن لوڪ سمجھي ته توهان جي طبعيت ڪهڙي آهي . ٻي ڳالھ ؛ لازمي ناهي ته توهانجو هر اسٽيٽس يا لکڻي توهانجي حلقهء احبابِ فيسبڪ کي وڻي، جيڪڏهن توهان ان ڳالھ جا خواهشمند آهيو ته منهنجي هر لکڻي يا پوسٽ سڀني کي پسند اچي ته پوءِ يا توهان غلط آهيو يا توهان غلط ماڻهن کي شامل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي توهانتي تنقيد نٿا ڪرڻ چاهن ۽ اِهو به ياد رکو ته تنقيد کي براءِ اصلاح وٺو، نڪي تنقيد کي براءِ تنقيد.. ڇوته جيڪو توهان سوچيو ٿا لازمي ناهي ته اُهو ئي درست هُجي.. انڪري اهڙن دوستن کي لازمي شامل ڪريو جيڪي عُمر ۾ توهان کان سينيئر هُجن ۽ ڪُجھ اهڙن کي به شامل ڪريو جيڪي توهانجا همخيال نه هُجن، يقين ڪريو توهان به انهن وٽان گھڻو ڪُجھ حاصل ڪندؤ..