غم ، خوشي، پيار ۽ نفرت جا احساس اسان سڀني ۾ آهن. خوش هُئڻ جي جيتري به سُٺي اداڪاري ڪندا آهيون پر ڪٿي نه ڪٿي ”چارلي چپلن“ وانگي پردي پٺيان لُڙڪن جا بند ٽوڙيندا آهيون.. اسان پنهنجي ڪردار سان ڪيترو به سچا ڇو نه هُجون، پر ڪٿي نه ڪٿي اسان پنهنجي بد_ڪرداري (خراب اداڪاريءَ) جي ڪري شرمندگيءَ جي ڪُن ۾ ٻُڏي ويندا آهيون. پر تنهن هوندي به اسان ڪوشش ڪندا آهيون ته سُٺي کان سُٺي ادڪاري ڪري ڏيکارجي ته جيئن ناظرين و حاضرين اهو نه سمجھن ته پنهنجي ڪردار سان سچو ناهي.. اسان ڪٺ_پتيلن جيان هميشه اشارن تي هلندا آهيون.. ننڍپڻ ۾ ماءُ پيءُ جي اشارن تي، ٿورو وڏڙا ٿياسين ته اُستادن جي اشارن تي، جوان ٿياسين ته پريميڪا (يا پريمي) جي اشارن تي، شادي ڪئيسين ته زال (يا مڙس) جي اشارن تي، پوڙها ٿياسين ته اولاد جي اشارن تي ايستائين جو مرڻ کانپوءِ اسانجو روح به اشارن تي ئي هلندو.. ته پوءِ ڇونه جسم سان سلهاڙيل اُنهن رشتن جي ڏورن جي اشارن مطابق درست طريقي سان هلون ته جيئن ولر کان وڇڙي به نه سگھون ۽ ڪردار سان به سچا ليکيا وڃون!؟ ۽ اسان جيڪڏهن اشارن ڪندڙن کان جُدا ٿينداسين ته بلڪل اڪيلا ڪنهن ڊٻي ۾ گُڏين (ڪٺ پتلين) وانگي پيل رهنداسين جتي اسان ۾ غم ۽ نفرت جا احساس وڌي ويندا ۽ پوءِ دماغي توڙي جسماني بيماريون وڪوڙي وينديون.. بهتر اهو آهي ته سلهاڙيل هُجي.