سنڌ جو اربيلو شاعر استاد بخاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    سنڌ جو اربيلو شاعر استاد بخاري جي 25 ورسي مناسبت

    ابرهيم لاشاري (وارھ)



    زندگي تي ناهي ڪوئي ڀروسو ،

    حسن کي پوڄي وٺو پوڄي وٺو

    سونهاري سنڌ جيڪا صدين کان قدرت جي سمورن رنگن سان مالا مال لڳي پئي آهي هي ڌرتي جيڪا ولين ،بزرگن ، شاعرن درويشن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي ڪيترن ئي ڏاهن علم جي اڪابرن کي وقت به وقت پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي حصي جي ڪيل ڪمن ذريعي پنهنجو پنهنجي ڌرتي جو نالو هن سڄي ڏيهه ۾ جرڪائڻ ۾ ڪا ڪم ناهي ڇڏي اهڙي ريت وادي مهراڻ جي ڌرتي کي اهيو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هن دنيا جي وڏي عظيم شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح ، شيخ اياز ۽ سنڌ جي اربيلي شاعر استاد بخاري کي پنهنجي سيني تي جنم ڏنو. جن شاعري وسيلي پنهنجي من جو آواز ڪڍي پنهنجي معاشري جي ترجماني پڻ ڪئي آهي


    استاد بخاري جنهن جي گيتن ، غزلن ، نظمن جي گونجارسنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي سالن کان پکڙيل رهي آهي . سيد احمد شاه بخاري ولد سيد حاجن شاه بخاري جي گهر کان 16جنوري 1930 ع خميس ڏينهن پنهنجي زندگي جو سفر ڳوٺ غلام محمد چانڊيو کان شروع ڪيو. جنهن جو والدين آذان( ڇٺي )جو نالو پنهل شاهه رکيو هو ،سندس مٺڙي امڙ وري پيار منجهان ( عرسو ) جي نالي سان سڏيندي هئي جڏهن استاد بخاري پڙهڻ جي عمر (وهي ) تي پهتو ته سال 1936ع ڌاري سندس والد صاحب اسڪول جي محنتي ۽ شفيق استاد (خدابخش کٽي ) وٽ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو تنهن زماني ۾ اسڪول جو هيڊ ماستر محمد حسن ڪوري هو اسڪول ۾

    داخل ڪرائڻ وقت سندس والد صاحب پتاشا ورهائي (احمد شاهه ) نالو لکرايائينس استاد بخاري جا والدين ايترا گهڻا پڙهيل لکيل ته نه هئا . مگر ان جي برعڪس استاد بخاري جي سار سنڀال تمام بهتر نموني سان ڪيائون ، ننڍ پڻ ۾ سندس پي ِسيد جي جهوپڙي منجهه قديم زماني جا قصا، ڪهاڻيون، تاريخي واقعا ٻڌائي ذهن کي روشناس پيو ڪندو هو. ٻئي طرف سندس جيجل امڙ وري پنهنجي مٺڙي زبان سان مذهبي پرچار پئي ڪندي هئي ، عمده ۽ شاندار تربيت والد جي صلاحن ،امڙجي دعائن استاد بخاري جي زندگي تي بهترين اثر ڇڏيو. استاد بخاري 1944ع ڌاري سنڌي فائنل پاس ڪري سال 1946ع ڌاري پهريان روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ڪرڻ لڳو مگر اها نوڪري سندس طبيت کي ڀان نه پئي جلد ئي ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي . ستت ئي1947 ع ڌاري پرائمري ٽيچر جي حيثيت سان تعليم کاتي سان سلهاڙجي استاد بڻجي ويو .انهن ئي ڏينهن 1961ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1963ع ڌاري انٽر ،بي اي، جا امتحان خانگي طور امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيائين . ۽ وري استاد بخاري تعليم ۾ هڪ وک اڳتي وڌائيندي 1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. 1967ع ڌاري استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اهڙي ريت استاد بخاري لاڙڪاڻو، سانگهڙ ،دادو، ۽ سيوهڻ ڪاليجن ليڪچرر ٿي رهي آخر ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين . استاد بخاري پاڻ سنڌي ٻولي جو محبوب بهترين شاعر ۽ سندس جديد شاعرن جي صف ۾ سڀنئي کان مٿي اول نمبر تي شمار ٿئي ٿو . استاد بخاري سنڌ جو عوامي ۽ قومي شاعر طور مڃتا ماڻي، هو ڪنهن هڪ خطي يا طبقي جو نه پر سڄي سونهن ڀري سنڌ جو عوامي نمائنده شاعر هو.۽ ائين کڻي چئجي ته استاد بخاري سڀني جو شاعر هو ، سندس دل دردن سا ڀريل هئي استاد بخاري جي شاعري جي هر صنف هر موضوع سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي استاد بخاري سونهن ۽ درد جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني شاعري وسيلي ڪئي آهي پاڻ چوي ٿو ته

    تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

    ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي

    عشق جي اڳ ڪچهري کي بنايو آوي

    جو هتي آ سو پڪو آهه ڪچو ڪو ڪونهي

    سونهن ۽ نيهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي

    ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي

    ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون

    تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي

    عشق جو آند نه ڪو پاند ٻڌون ٿا استاد

    سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي


    سندس پهريون (تخلص) آسي ان بعد ( دردي )استعمال ڪيو، مگر پوءَ جلدي پاڻ کي( استاد )سڏرايائين .سندس اصل سڃاڻپ ئي يعني (استاد) تخلص سان ٿي ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهوري ماڻي .استاد بخاري واقع پوري قوم جو سجاڳ استاد هو . سندس شاعري جو لفظ لفظ غزل گيتن، محبت ،درد، پيار، امن، خوشحالي، جدوجهد ترقي جي پيغام سان ڀريو پيو آهي، استاد بخاري شاعري جي ابتدا شاگردي واري زماني ۾ ڪئي جڏهن هو اڃان پنجين ڪلاس جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو.استاد بخاري ننڍي هوندي تمام ذهين هوندو هو اسڪول جي شاگردن ۾ به نمبر اول تي هوندو هو. جڌهن اسڪول جي اسيمبلي جو گهنٽ وڄندو هو ته پنهنجي مٺڙي مڌر آواز سان گيت هروز پيو چوندو هو. سندس ڳائڻ سان به بيحد دلچسپي هوندي هيئس ۽ هڪ موسيقار جي حيثيت سان سڃاتو ويندو هو ان وقت جي مشهور مقبول شاعرن جي شاعري جا الاپ پيو ورجائيندو هو .اڪثر استاد سڳورا سندس اسڪول بند ٿيڻ مهل يا وري رسيس جي مهل ڪجهه ٻول ٻڌائڻ لاءِاستاد بخاري کي فرمائش ڪندا هئا. ائين ئي سندس دل ۾ شاعري ڪرڻ جا اڌما پيا ايندا هئا ۽ پوءِ ائين شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيس 1947 ع ۾ پرائمري استاد ٿيڻ جي حيثت ۾ باقاعده شاعري ڪرڻ شروع ڪيائين انهي زماني۾ ئي پنهنجو تخلص (استاد) رکيائين ۽ ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادبي نالي (استاد بخاري ) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو، استاد بخاري پنهنجي شاعري جي شروعات شاگردي واري زماني ڪري چڪو هو ليڪن علمي ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني بهرو وٺڻ لاءِ 1950/51 ۾مليو. جڏهن پاڻ مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان تربيت پئي ورتي 1950 ع واري زماني کان وٺي عمومن مشاعرن ۾ پئي بهرو ورتائين. استاد بخاري سدائين متحرڪ رهيو .سنڌ جي ڪنهن به شهر وستي واهڻ ۾ ڪو به مشاعري جي دعوت استاد بخاري کي ڏيندو هوته اتي وڃي پهچندو هيس. سندس تعلق بزم طالب المولي انجمن ،آفتاب ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل مشاعرن وغيره ۾ حصو وٺڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۽ ٽي وي تي مشاعرن يا وري بزرگن جي ميلن تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ بحرو وٺندو هو ۽ پنهنجي خوبصورت شاعري پيش ڪري استادن کان داد پيو حاصل ڪندو هو. استاد بخاري پنهنجي زبان سان چوي ٿو ته

    دوست ڪيا سين دلداري لاءِ ڪن ٿا دل آزاو ري

    چنڊ جهڪيو هو جن قدمن تي چوٽ لڳي ڪاپاري

    ڪوئل ڏئي ويس بلبل ڏي ويس پرواني ڏي ويس

    جنهن جنهن وٽ ويس تنهن تنهن وٽ آ زاري زاري زاري

    تنهنجو منهنجو ناتو رشتو ، شايد موت ڇني

    هي ياري هڪ ٻي ياري آ ناهي ماڻهن واري

    اوکي بازي الفت واري ، پياري ۽ نياري

    هي جن جيتي تن به نه جيتي ، هارين ناهي هاري

    پيار جي عيوض پيار گهرين ٿو ، حيف اٿئي استاد

    عاشق ناهين ڄڻ ڪو آهين ، يار وڏو واپاري.

    استاد بخاري سال 1951ع جي 10 مئي تي 21 سالن جي وهي کي پهتو ته شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو

    .استاد بخاري صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انهن جا مهاڳ پڻ لکيا. استاد بخاري به لطيف سائين جيان پنهنجي شاعري وانگر عوامي ۽ سادي ٻولي اختيار ڪئي آهي سندس شاعري سلاست ۽ بلاغت جي لفظ سان ٽم ٽار لڳي پئي آهي پنهجني شاعري وسيلي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي احساسن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي پهريان پهريان استاد بخاري جي شاعري غزلن ۽ ڪافين تي مبني هوندي هئي جيڪا اڪثر ٽماهي رسالي ( مهراڻ ) ۾ پئي ڇپجي هئي. ان وقت عالم اديب مولانا غلام محمد گرامي صاحب مهراڻ رسالي جي تسلسل سان شاعري ڇپائڻ ۾ حوصله افزائي پڻ ڪئي، پوءِ وقت گذڙڻ سان گڏوگڏ آهستي آهستي سندس شاعري ۾ پختگي ايندي وئي استاد بخاري شعر جي مختلف موضوعن جهڙوڪ وائي، بيت نظم، ڏوهيڙو، رباعي، قطع ،ٽيڙو ۽ آزاد نظم وغيره ۾ به ان وقت طبع آزمائي ڪرڻ لڳو.شعر جي ٻاهرين صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل ۽ هائڪو ۾ به استاد پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ جهجهي انداز ۾ شعر چيائين. استاد بخاري سچ ۽ پيار جو شاعر هو. سندس شاعري نج سنڌي لفظن سا ٽم ٽار آهي اڪٽر شاعري ۾ تشبيهه ۽ استعارن ۾ ٿيل آهي سندس کي (استعارن جو بادشاه )چئجي ته ان ۾ ڪو وڌاءِ نه ٿيندو. سادي ٻولي ۾ پنهنجون تشبيهون پنهنجا استعارا جنهن ۾ سنڌ امڙ جي چڪي مٽي جو هڳاءِ هو استاد بخاري جي شاعري رومانوي به هئي ته قومي به سندس قومي شاعري نوجوان وڏي حب منجهان ڳائيندا آهن. استاد بخاري جي شاعري جو محور سنڌ ۽ سونهن هئي،استاد بخاري شاعرن منجهه سمورن خوبين جو مالڪ هو، استاد بخاري هڪ ته سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار هو هڪ سونهن جو پوڄاري ٻيو سنڌ يار آهي تعريف تنهجي سون کان پڌري ٿي نه ٿي سگهي توڙي جو پاڻ توبه چيو ٿي وڌاءِ آهي استاد کي پهاڙ نه سمجهو جي سمجهو ٿا چوٽي تي برف آهي اندر ۾ اولاءِ آهي استاد بخاري جي شاعري عشق ۽ قوميت سان ڀري پئي آهي استاد بخاري پنهنجي سونهن محبت ۽ پيار ڀري شاعري وسيلي نوان جذبا نئين آٿت ڏئي قوم ۾ اتساه پيدا ڪيو انهن کي پنهنجي حق وٺڻ لاءِ راه ڏيکاري ۽ پنهجي شاعري وارن ٻولن ۾ صلاح تو ڏي ته

    سون بازار مان ڳهني وٺبو آ

    فيض مرشد کان پني وٺبو آ

    جو سمجهي ته اوهان جو حق آ

    حق مڙسي سان ڇني وٺبو آ

    استاد بخاري سونهن جو شيدائي ۽ پيار جو فدائي هو هن پنهجي شاعري ۾ سونهن پيار کي امرتا بخشي هئي. استاد بخاري کي سنڌ ڌرتي جي سٻاجهڙن ماروئڙن سان بي لو ث محبت هئي. جنهن کي هو عبادت سمجهندو هو . جنهن جو اظهار هن پنهنجي شاعري وسيلي پڻ ڪيو پاڻ چوي ٿو ته

    پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين

    چيم هڻي پڇاڙي آ

    عبادت جي ضرورت آ

    هو ڪميٽيڊ شاعر هو استاد بخاري وطن دوست شاعر هو. اسين جڏهن به استاد بخاري جي شاعري ڏانهن غور فڪرسان مطالعو ڪنداسين ته هو عوامي قومي نون توڙي پراڻن شاعر ۾ هڪ جيترو مقبول هو. سندس شاعري جا 25 کان مٿي مجموعا ڇپيل آهن. جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، گيت اسان جا جيت اسان جي، اوتيون جوتيون ،لهر لهر دريا ءِ سوچون ڀڻڪا واڪا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي ،نه ڪم نبريو نه غم نبريو، زندگي او زندگي، ولولو۽ووڪ ،ميلا ملهالا، لهر لهر لالڻ ،وطن ۽ ويساه، ڳائي پيو جاڳي پيو، ماندي ٿي نه مارئي ،هڙئي ئي هيج وطن جا، تڙتڙ تيڏيان ڳالهيان ،گهڙيا سي چڙهيا، گلدستي ۾ گيت وغيره سندس ٻيوڪا في اهڙو ڪلام جيڪوشعري مجموعن ۾ نه ڇپجي سگهيو آهي اهومختلف اخباري رسالن ۾ ٽريل پکڙيل آهي ان سان گڏ ڪري ڇپائڻ جي ضرورت آهي، زندگي جي آخري حصي منجهه هن عظيم شاعر استاد بخاري کي بلڊ ڪينسر جي بيماري وڪوڙي وئي، پاڻ علاج واسطي ٻاهرين ملڪ برطانيه جي شهر لنڊن ما بلڊ ٽرانفريشن ڪرائڻ به ويو هو، ليڪن بيماري بستري تي سمهاري ڇڏيو موت جو رڪاس سندس حياتي مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو رهيو آخر ڪار سڀ ڪنهن کي اوڏانهن .ئي هلڻو آهي ، استهار زبردست نموني ڪري ٻڌائي ٿو

    هڪ موت مئي جو ڀوءُ سهڻا ،

    ٻيو تو مان نه ٿو ٿئي ڍوءُ سهڻا .

    استاد بخاري هزارين چاهيندڙن کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي شام جو 9 آڪٽوبر 1992ع جمعي ڏينهن هجري سن مطابق 11 ربيع الثاني 1413هه تي ڪراچي ۾ 62 سال 8 مهينا 23 ڏينهن زندگي جا ڏينهن گذاري سنڌي شاعرن ۽ اهل قلم وارن کان موڪلائي هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ٿي لاڏاڻو ڪري ويو سندس مرتي جي خبر پوندي، سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هينئرتائين به سندس شاعري ساڳي شوق ۽ چاهه سان پڙهي وڃي ٿي اڄ سندس سڄي سنڌ ۾ 25 ورسي ملهائي ويندي سنڌ جا سڀئي اديب سندس فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا ۽ سندس ڀيٽا پيش ڪندا .






    .​
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو