• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا دوستو هڪڙو تمام پيارو آزاد نظم ياد اچي ويو آهي پراڻو آهي پر سنڌ سلامت تي پهريون دفعو ونڊ پيو ڪريان۔ حقير ۽ غريباڻي ڪاوش آهي، توهان جي محبتي راين جو شديد منتظر رهندس۔

آزاد نظم
نثاراحمدناز

يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو،
ائين جرڪي،
سج بکي ٿو بادلن جي اوٽ مان،
ڄڻ ! عڪس پنهنجي روشنيءَ جا،
يادگيرن ۾ ،
سراپا سُونهن تُنهنجِي
ائين جرڪي،
زرد نيري سج لٿي جا،
ڄڻ‌ ته ڪرڻا،
رقص ڪن ٿا،
هر سنڌوءَ جِي لهر سان گڏ،
ڄڻ ! ڪي ڇلڪن،
مڌ پيالا هِتِ سوين ٿا،
جامَ جانان !
شور دريا جو اُٿي ٿو،
هير ٿڌڙِي جا لڳي ٿِي،
اُف اچي ٿو،
ياد ڏاڍو، نانءُ تُنهنجو،
نام جانان !
ڄام شوري جِي جُهڙالي شامَ توبن،
ٿِي لڳي ڄڻ !
زندگيءَ جي آخرِي ڪا شام جانان !
شامَ جانان ! شام جانان ! شام جانان !


2148782sunriseatsanurba.jpg
 
جواب: يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

سائين نثار ناز صاحب واه واه، تمام زبردست شيئرنگ آهي۔
 
جواب: يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

هن آزاد نظم مان لڳي ٿو ته ”ناز“ مهراڻ ڪنڌيءَ تي بيٺو آهي، سج لهڻ تي آهي، شام جا پاڇا وڌي رهيا آهن ۔۔۔ سامهون پري آسمان تي لهندڙ سج جي لالاڻ اچي چڪي آهي جنهن جا ترورا پاڻيءَ جي لهرن تي لڏي لمي شاعر جي جذبن کي اڀاري وجهن ٿا ۽ انهن لالاڻ مائل لهرن ۾ کيس محبوب جو چهرو نظر اچي ٿو ۔۔۔۔ بس پوءِ ته سمجهو شاعر جو موت ۽ آخري شام ئي هوندي ۔۔۔
زندگيءَ جي آخرِي ڪا شام جانان !
شامَ جانان ! شام جانان ! شام جانان !
بيشڪ ”ناز“ کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ هڪ ته شام جي لاليءَ جو سحر مٿان وري درياهه شاه بادشاه جي لهرن جو تاثير ۔۔۔ مٿان وري سيني ۾ ويٺل محبوب ۔۔۔ انتظار شديد من الموت
 
جواب: يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

سائين نثار ناز صاحب واه واه، تمام زبردست شيئرنگ آهي۔
مٺا ادا نصير چنا صاحب توهان منهنجي زبردست همت افزائي ڪئي هن غريباڻي حقير شاعري کي زبردست چئي ۔ قسم سان اهي ٿورا ته لاهڻ جهڙا ئي ڪونه آهن پر يقين ڄاڻ ڳائبا ضرور پيا۔
 
جواب: يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

هن آزاد نظم مان لڳي ٿو ته ”ناز“ مهراڻ ڪنڌيءَ تي بيٺو آهي، سج لهڻ تي آهي، شام جا پاڇا وڌي رهيا آهن ۔۔۔ سامهون پري آسمان تي لهندڙ سج جي لالاڻ اچي چڪي آهي جنهن جا ترورا پاڻيءَ جي لهرن تي لڏي لمي شاعر جي جذبن کي اڀاري وجهن ٿا ۽ انهن لالاڻ مائل لهرن ۾ کيس محبوب جو چهرو نظر اچي ٿو ۔۔۔۔ بس پوءِ ته سمجهو شاعر جو موت ۽ آخري شام ئي هوندي ۔۔۔

بيشڪ ”ناز“ کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ هڪ ته شام جي لاليءَ جو سحر مٿان وري درياهه شاه بادشاه جي لهرن جو تاثير ۔۔۔ مٿان وري سيني ۾ ويٺل محبوب ۔۔۔ انتظار شديد من الموت
الا نثار ابڙا اصل سور ساوا ۽‌سوايا ڪري ڇڏيا تواهڙا زبردست ڪامينٽس ڏئي هن شاعري تي۔ ادا شاعر کان اڳ ناز ته ناز آهي نه، سو جُدائي جي جهوري ناز کي زندگي جي آخري شام جانان چوڻ‌ تي مجبور ڪري ڇڏيو نه۔ باقي اها دُعا ڪر ناز جي ڀلي آخري شام هُجي پر يار شاعر جي آخري شام ٿي ته سموريون رنگينيون ٿمجي وينديون۔
 
جواب: يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

سائين توهان جو نظم تمام خوبصورت لڳو،دل جي ويران زمين کي آباد ڪري ويو
 
جواب: يادگيرن ۾ سراپا حُسن تنهنجو (آزاد نظم(

سائين توهان جو نظم تمام خوبصورت لڳو،دل جي ويران زمين کي آباد ڪري ويو
ادا فياض منصور شال ٍٍٍٍجُڙيو هُجين، الا توهان نوجوانن جي دل به ويران زمين، خير اسان جي هي حقير شاعري انهي دل جي ويران زمين کي آباد ڪرڻ جي ڪم ته آئي ۔ لک لائق فياض
 
Back
Top