ڏسي شيطاني تنهنجا شوق ...

ڏسي شيطاني تنهنجا شوق .....
ڏسي شيطاني تنهنجا شوق سڄي ڪائنات آ حيران،
وڌي وئين تون براين ذوق سڄي ڪائنات آ حيران.
نه تو وٽ ڪو رهيو آ هوش رهين ٿو مام ۾ مدهوش،
ڏنئه دانائي کي در توق سڄي ڪائنات آ حيران.
تنهنجي آزاد خيالي هي سڄو ناسور نا سمجهي،
کلائين پاڻ تي ٿو لوڪ سڄي ڪائنات آ حيران.
جيئڻ ۾ تون چئين جدت اها وحدت برائي آ،
ڪبي عادت انهيءَ جي روڪ سڄي ڪائنات آ حيران.
جسم ڏيکارين ٿو جاهل ستر انسان لئه بهتر،
وئين تون عقل ۾ ٿي ڦوڪ سڄي ڪائنات آ حيران.

لبستم دائودپوٽه
 
آخري ترميم:
Back
Top