گلقند. هڪ حڪومتي وزير پکين جي دڪان تي ٻوليندڙ طوطو خريد ڪرڻ ويو. هڪ طوطو پسند ڪري پڇيائينس ٻول طوطا مان ڪير ؟ طوطو : بي شرم ،بي غيرت.!!! وزير ڪاوڙ ۾ دوڪاندار کي چيو "اڙي هي ته گاريون ٿو ڏئي". دوڪاندار پاڻي جي بالٽي گهرائي سزا طور طوطي کي ان ۾ ٻه چار ٽٻيون ڏياري پڇيو. ” اڙي وري گاريون ڏيندين؟ “ ”نه سائين " طوطي وراڻيو هاڻي ٻيهر وزير طوطي کان پڇيو.... " تون مون وٽ خوش گزاريندين ؟" جي ها قبله. منهنجي زال کي ڇا ڇوندين؟ جي قبله *سانئڻ *چوندس. منهنجي پٽ کي ڇا چوندين؟ جي قبله کيس* ڀوتار*چوندس. چڱو هڪ جملو ياد ڪر....................... " ملڪ ۾ امن امان ،خوشحالي ۽ انصاف آهي " وزير چيو ”او ابل پاڻيء جي بالٽي گھراء“ طوطي رڙ ڪري دوڪاندار کي چيو. مون ته اڳئي پئي چيو بي غيرت بي شرم.......!!!!!!!!!!!!!!!!!!