گلقند

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    مولوي صاحب سنئون سڌو سادو ماڻهو هئو .....هڪ دفعي بس ۾ سفر دوران کانئس ڪنڊيڪٽر ڀاڙو گھريو.اُن پنهنجو هٿ پاسيري کيسي مان پئسه ڪڍڻ لاء وڌايو ته ڀر ۾ ويٺل نوجوان اجنبي سندس هٿ روڪيو ۽ مولوي صاحب جو ڀاڙو ڏنو. مولوي کيس حيرت مان چيو * ابل مان توکي سڃاڻان به ڪونه.*........ ..”سائين اوهان بزرگن جي خذمت اسان تي فرض آهي “ نوجوان چيو .
    مولوي بس مان لٿو ته پاسيرو کيسو صاف هئس...... [​IMG].
    ٻئي دفعي ساڳيو نوجوان مولوي کي بازار ۾ مليو. مولوي صاحب کيس سڃاتو،ان کان اڳ جو مولوي صاحب ڪجهه چئي، هو پاڻ مولوي صاحب سان ڳلي لڳي رنو ”سائين مون کي معاف ڪيو اوهان جي چوري ڪيم جنهن جي مونکي سزا ملي ،منهنجي نياڻي مري وئي “
    ....مولوي کي رحم آيو ابل مون توکي معاف ڪيو.
    دوڪان تي پهتو ته کيسو وري خالي ٿي چڪو هئس .. [​IMG] مولوي کي ڍڪر اچي ويو.
    ٽيو ڀيرو ڇا ٿيو جو مولوي صاحب موٽر سائيڪل تي ويو پئي ته ساڳيو همراه نظر آيس کڻي جھليائينس ...همراه روئي ڏنو هڙ پئسا واپس ڪيائينس ،آئينده گناه نه ڪرڻ جو وعدوڪيائين ۽ چانهن پيارڻ جي صلاح ڪري کيس هوٽل ۾ وٺي ويو .[​IMG][​IMG][​IMG]
    مولوي خوش ٿيو ته دين به بچيو ۽ دنيا به ملي ...[​IMG]
    همراه پهرين پاڻ موڪلائي نڪتو........ٻاهر اچي مولوي صاحب تي انڪشاف ٿيو ته سندس موٽر سائيڪل همراه چوري ڪري ويو ...... [​IMG][​IMG]
    هو مٿي تي هٿ ڏئي زمين تي ويهي رهيو.
    .......... . اسان سنڌ جا سادا ماڻهو به چور بگهڙ[​IMG] حاڪمن هٿان هر دفعي مختلف رنگ و روپ ۽ طريقن سان پيا ڦرجون ..[​IMG][​IMG][​IMG]
    الله سائين ساڃانهن ڏيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو