• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پر والدة کان سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي آهيان

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
پر والدة کان سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي آهيان​


اسين ڪويت ۾ رهندا آهيون پنهنجي فيملي سان گڏ تعليم اصل ۾ انگلش ۾ ڪئي آهي پر والدة کان سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي آهيان اها به گهر ۾ اگر سنڌي لکڻ ۾ غلطي ٿي ته غلطي معاف


ممتاز علي وگهيو طرفان لکيل
سڀ کان پهرين ته ڀيڻ توهان کي منهنجي طرفان دل جي گهريان سان سنڌ سلامت جي فورم تي ڀلي ڪار هجي۔ ڀيڻ مون کي سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه جي خوشي ٿئي آهي جو توهان ڪويت ۾ رهي ڪري ( توڙي جو تعليم انگريزي ۾ ورتي آهي ) به توهان پنهنجي سنڌي ٻولي کي ناهي وساريو ۽ پنهنجي ٻولي سان دل لڳائي آهي۔ ۽ سلام ۽ پيرن تي هٿ رکڻ جي ڪابل ته اها امڙ آهي جنهن توهان کي گهر ويٺي پنهنجي ٻولي جي لولي ڏني۔ منهنجي طرفان امڙ کي سلام ۽ پيرن تي هٿ چوندا۔
ڀيڻ اميد ته توهان سنڌ سلامت تي لکندا رهندا، ۽ ماشاءالله سان توهان سنڌي بلڪل سوءُ سيڪڙو صحيح ۽ سهڻي لکي رهيا آهيو، ۽ لکڻي ۾ ڪا به غلطي ته نظر ڪا نه ٿي اچي، باقي توهان لکندا رهندا ته توهان جي سنڌي شايد اسان کان به بهتر ٿئي وڃي،


ڀيڻ منهنجي طرفان توهان کي هي سنڌي وڊيوز قبول پون​
sindhsalamatsaathsal​

http://www.youtube.com/watch?v=n3i43mFYO-s&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=ebQ-soGh1aQ
http://www.youtube.com/watch?v=gZP_wkCm2DA&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=KbNPKGFIGIg
 
جواب: پر والدة کان سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي آهيان

ادي ناديه مگسي کي سڀني سنڌ سلامت جي دوستن پاران ڀليڪار ۽ ڀيڻ جيئن ته پاڻ سنڌ جي مٽي آهي ۽ سندس امڙ سنڌ ڄائي انڪري سنڌ سان محبت ته فطري آهي ۔۔۔

ادا ممتاز، اوهان جا ونڊ ڪيل گيت ۽ ڪلام انتهائي سهڻا، دل کي لڳندڙ ۽ قومي جذبي سان سرشار آهن، اميد ته ڀيڻ ۽ ڀيڻ جي سڀني گهر ڀاتين کي وڻندا ۽ حظ وٺندا ۔۔۔

پر ادي ناديه مگسي، ڪافي ڏينهن کان اڱڻ تي ڀيرو ناهي ڀنڃيو ۔۔۔
 
Back
Top