• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واٽس ايپ ۾ تصوير ڪئپشن سميت فارورڊ ڪرڻ

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
واٽس ايپ ۾ اڪثر اسان ھڪ تصوير موڪليندي ان سان ڪو ڪئپشن لکندا آھيون. يا تصويرون ڪئپشن سان اينديون آھن. اسان چاھيندا آھيون تہ اھا تصوير ڪئپشن سميت ٻي گروپ يا ڪانٽيڪٽ ڏانھن بہ وڃي پر تصوير بنا ڪئپشن جي فارورڊ ٿي وڃي ٿي.
ان جو حل اھو آھي تہ تصوير فارورڊ ڪرڻ وقت ان کي سليڪٽ ڪري فارورڊ جي آپشن (تير) بدران شيئر واري نشان ۾ وڃي اتي واٽس ايپ سليڪٽ ڪندي موڪلجي تہ ڪئپشن بہ گڏ اچي ويندو. نہ رڳو اچي ويندو پر ان ۾ اتي ئي ڪا ترميم پڻ ڪري سگھجي ٿي.
 
Back
Top