مدد علي سنڌي سنڌي ادب جي ٻرندڙ لاٽ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي ادب جي ٻرندڙ لاٽ مدد علي سنڌي جي جنم ڏينهن

    جي مناسبت سان
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ قديم زماني کان وٺي علم ،ادب جو مرڪز رهي آهي هن جي چيڪي مٽي جي هڳاءَ صدين کان وٺي سڄي دنيا کي پنهنجي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڪيترن ئي اديبن ۽ اهل علم وارن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏيڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ، وادي مهراڻ جي ٿڌڙي هوائن واري علم ادب واري شهر حيدرآباد کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌي ادب جي وڏن وڏن ڏاهن علم جي اڪابرن کي جنم ڏنو آهي اهڙين معزز شخصيتن منجهان الله بخش قريشي صاحب جي گهر 12 آڪٽوبر سال 1950ع خميس ڏينهن پرهه ڦٽي مهل هڪ روشن ڏيئي فقير صفت نينگر مدد علي قريشي پهريون ساهه کڻي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ، مدد علي سنڌي جا وڏا اصل قلندر جي نگري (سيوهڻ شريف ) جا رهاڪو هئا مڱر مدد علي سنڌي جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيڻ سبب والدين سندس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پرائمري جي ابتدائي تعليم (فاطمه گرلس اسڪول حيدرآباد ) منجهان حاصل ڪئي مدد علي سنڌي ننڍي هوندي هڪ ذهين ۽ محنتي شاگردن ۾ شمار ٿيندا هئا هن ڪڏهن به اسڪول وڃڻ کان نه ڪيٻايو سنڌي پنج درجا به سٺن نمبر ۾ پاس ڪيائين مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته مدد سنڌي صاحب جنهن اسڪول منجهان پرائمري تعليم حاصل ڪئي اهو اسڪول خلافت تحريڪ جي رهنماءَ شيخ عبدالرحيم جي وڏي نياڻي محترمه حاجاڻي غلام فاطمه شيخ جو قائم ڪيل هو ، ان خاتون مدد سنڌي جهڙي ڏاهي شاگرد جي رهنمائي ڪئي .وڌيڪ تعليم مددعلي سنڌي مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد منجهان پاس ڪري انٽر ۽ گريجوئيٽ جي سند وري سچل سرمت آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ورتائين . وڌيڪ تعليم پوسٽ گريجوئيٽ (ايم _ اي ) ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ، ته ان زماني منجهه مدد علي سنڌي شاگردي واري زماني ۾ سياست ڪرڻ سان سلهاڙجي ويو ،سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيندي سياسي ڪيسن سبب (ٻه ڀيرا ) بي دخل ڪيو ويو ،۽ پنهنجي تعليم پوري نه ڪري سگهيو ،بس پوءِ سياست سان ڏينهون ڏينهن گهري دلچسپي ورتائين سال 1969ع ۾ عوامي مسلم ليگ سان ناتو رکيائين ان زماني منجهه شيخ مجيب عوامي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي تي نامزد ڪيو ، ۽ ٿورري عرصي ۾ حيدرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر پڻ مقرر ٿيو . تنهن بعد مدد علي سنڌي قومپرست سياست ۾ پڻ بهرو ورتو پاڻ جئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي باني ڪارڪن منجهان آهي ،سياست ۾ وڌيڪ سرگرم ٿيڻ ۽ عام ماڻهن ۾ سياسي شعور وڌائڻ لاءِ آڪٽوبر 1970وع ڌاري ( اڳتي قدم ) نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين ، ان رسالي کي ان وقت جي حڪومت چپجڻ کان مورڳو بند ڪري ڇڏيو . پاڻ سال 1973ع کان وٺي 1978ع تائين روپوش زندگي جا سال گذارڻ تي مجبور ٿي پيو ان زماني ۾ حڪومت 72 ڪتابن ۽ رسالن جي چپجڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي (اڳتي قدم ) شايع ڪندڙ پريس کي سيل (بند ) ڪيو ويو ان ڪيسن ۾ مدد علي سنڌي ۽ مشهور اديب طارق اشرف جي گهرن تي چڙهائي ڪئي وئي ،هي حساس دل رکندڙ مدد علي سنڌي پوليس کي ڇاپن دوران هٿ نه آيو ان وقت پوليس بي رحم ڪاروائي ڪندي (86) سالن جي عمر جي بز رگ والد صاحب الله بخش قريشي کي سندس عيوض لاڳيتو 26 ڏينهن حيدرآباد سٽي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو . آخر ڪار مدد علي سنڌي سال 1979ع ڌاري سياست منجهان هٿ ڪڍي صحافت وارو پيشو اختيار ڪيائين . مشهور صحافي سليم اڪبر مرحوم جي اخبار (سنڌ نيوز ) جي ايڊيٽر طور عهدي تي ڪم ڪندي نظر آيو ، سنڌ جي هن بهترين اديب ،صحافي مدد علي سنڌي جي زندگي منجهه سال 1963ع ڌاري هڪ حسين حادثي جو شڪار سبب زندگي جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو هي ارڏو پث حساس طبيعت جو مالڪ بڻجي پيو، بس پوءِ طبيعت ۾ اوچتو شعرو شاعري ڪرڻ سان راحت پئي محسوس ڪيائين حساس طبيعت جي هن نرم دل انسان شاعري ۾ پنهنجي من جو آواز لوڪان لوڪ مشهور ٿيڻ لڳو پاڻ شاعري ۾ ان زماني ۾ (سانگي ) تخلص اختيار ڪيائين سال 1968ع منجهه مدد علي (سانگي ) ٿي شاعري واري صنف ۾ نالو نروار ڪرايو، سنڌي موسيقي ، ۽ راڳ ٻڌڻ سان روح کي راحت محسوس ٿيندي اٿس ،پاڻ ڪلاسيڪي راڳ (مالڪوس ) ٻڌڻ جو وڏو شوق رکندڙ آهي ان راڳ ٻڌڻ شرط طبيعت منجهه محويت طاري ٿيندي نظر ايندو آهي مدد علي سنڌي صاحب هڪ صاف دل انسان آهي ،اديب ، شاعر ۽ صحافتي صفت واري شخصيت جو مالڪ آهي مدد علي سنڌي شاعراڻان ٻول ڪهڙي نه بهتر نموني ٻولي من جو آواز ڪڍي اسان کي ٻڌائي ٿو

    آءُ پيارا آءُ ، ڏاڍو وياڪل ٿو گهاريان ،

    ساري رات تڪيندي تارا ، توکي ٿو ساريان .

    آءُ پيارا آءُ ، تن ۾ تنهنجي آهي تات ،

    ڪين وڻي ٿي مون کي ڪائي دين دنيا جي بات .

    آءُ پيارا آءُ ، جدائي تنهنجي ڏاڍي ٿي ماري ،

    ساعت ساعت دلڙي روئي ، تو کي ساري ساري

    آءُ پيارا آءُ ته ٻيهر نئون ڪجي نيهن ،

    سانوڻ ڇا ڇا ساوڪ ڪئي آ ، موٽي آيا مينهن .

    آءُ پيارا آءُ ، ٻڌايان ڳجهڙيون ڪي ڳالهيون .

    تنهنجي خاطر سيني ۾ مون صدين کان سانڍيون .

    آءُ پيارا آءُ ، اچي ٻڌ، منهنجا مٺڙا ميت ،

    تنهنجي ورنهن لئه ،سکيو آهيان ڇا ڇا سر سنگيت !

    آءُ پيارا آءُ ٻڌايان ڪافيون ڪيئي وايون ،

    تنهنجي جدائي ۾ اي جاني ! روئي جي مون ٺاهيون .

    آءُ پيارا آءُ، ٻڌيان توکي شعر سمورا ،

    تن ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي، تنهنجي پيار تي پورا .

    پاڻ سنڌي ادب ۾ پهريان شعر لکي پير پاتائين ، پوءِ مدد علي سنڌي کي ڪهاڻين لکڻ سان دلي لڳاءُ ٿي پيو ۽ پوءُ دلچسپي سان ڪهاڻيون لکندي لکندي سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار طور پنهنجو نالو نروار ڪيائين ، سندس جي اول ڪهاڻي (ويا گذري ڏينهڙا ) ماهوار رسالي سهڻي جي سال 1970ع واري جون مهيني واري پرچي جي زينت بڻجي شايع ٿي تنهن بعد سنڌ جو هي ڏاهو ڪهاڻيڪار مسلسل سنڌي ادب کي پنهنجي قلم وسيلي آسودو ڪندي نظر آيو آهي هن جي بهترين ڪهاڻين منجهان اڏي جنين ڏکڙا ، اجنبي بڻجي جيئڻ کان پوءِ ، ۽ احساسن ۽ جذبن جو موت لاجواب ۽ بهترن ڪهاڻين ۾ شمار ٿين ٿيون ، هن مسلسل سنڌي ادب جي خدمت ڪندي ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس ناهي ڪئي آهي ، مدد علي سنڌي کوڙ سارا ڪتاب لکي سنڌي ادب جي سونهن ۾ مسلسل اضافو ڪندي نظر آيو آهي، سندس ڪتابن منجهان پهريون ڪتاب ( دل اندر درياءُ ، هستي جي اجاڙ ايوان ۾ ، هو جي مئا ماڳ ۾ (ناوليٽ ) شهر صحرا ڀانئيان (سفر نامون ) پنر ملن (شاعري ) مضمون ، قلندر (قرت العين حيدر جون ڪهاڻيون (سنڌي ترجمو) سنڌ جي هن بهترين ڪهاڻيڪار ۽ اديب سنڌ جي مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني سچ ، روزاني هلال پاڪستان ، روزاني سنڌو ، سنڌ نيوز جو ايڊيٽر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي نظر آيو آهي مدد علي سنڌي صاحب نثر توڙي نظم منجهه هو لاڳيتو سنڌ جي اخبارن ، رسالن ۾ مضمون ،ڪالم لکندي نظر اچي ٿو سنڌ جو هي يگانو اديب جا وار چاندي نما محسوس ٿيندي نظر اچن پيا پاڻ اڄ 12 آڪوبر 2017ع خميس ڏينهن 67 سالگهره پنهنجي گهر وارن سان ملهائي ڪيڪ ڪاٽيندو ، اڄوڪي ڏينهن تي ادبي لڏي کيتر جا سڀ ساٿي سندس نيڪ خواهشات سان گڏ جنم ڏينهن مبارڪون پڻ چوندا ، منهنجي هن فقير صفت سنڌ جي ڏاهي اديب لاءِ ڌڻي در اها دعا آهي ته الله تعالي سندس وڏي ڄمار ۽ صحت عطا ڪريس ، پنهنجي قلمي پورهي سان سنڌي ادب کي وڌيڪ نوازيند رهي ​
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو