• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آرون

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
آرون:
هڪ ننڍي تڏ يا مڪڙ جيڏو جيت، جنهن جو واسو جهنگلي ٻوٽن ۾ هوندو آهي. هي جيت جيتوڻيڪ تڏين ۽ مڪڙين جي ڪٽنب جو ئي آهي، پر ڪڏهن به فصل کي نقصان نه پهچائيندو آهي. هيءُ جيت سدائين جهنگ ۾ ٻوڙن ۽ وڻن ۾ رهندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن گهرن ۾ پوکيل وڻن لوڙهن ۽ ڪن ننڍن گاهن جهڙوڪ ڊڀن وغيره ۾ به هن جو آواز ٻڌبو آهي. هي جيت ڏينهن جو بلڪل خاموش رهندو آهي، پر رات جو شور ڪندو رهندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سر سارنگ جي هڪ بيت ۾ ڪم آندل فقرو ”آڙيون ابر آسري“ اصل ۾”آرون ابر آسري“ آهي،ڇو ته ”آڙي“ ڍنڍ جو پکي آهي، اُن جو برسات سان ڪو لاڳاپو نه آهي. هن بيت جي درست
پڙهڻي هن ريت آهي:
”آرون“ ابر آسري، تاڙا تنوارين (شاهه)
 
Back
Top