ڊائري جو ورق اندر مڙوئي اڳڙيون نثارابڙو صبح سوير ذلفيءَ گھر ٻاهران اچي زور زور سان هارن وڄايا ... در کولي هٿ سان ئي صبر جي تلقين ڪيم جو وات ۾ ڏندڻ پيل هو ... ” غازي جلد تيار ٿي ... مولانا خئير واري جي ڳوٺ هلڻو آهي ...“ جلدي تيار ٿي آيس ... ذلفيءَ موٽر سائيڪل تيز ٿي هلائي ... هلندي هلندي ئي سڀ ٻڌائي ڇڏيائين ... سندس ڀيڻ جي ڏنل بايولاجيءَ جي پريڪيٽيڪل جو هڪ اڌ سوال رهجي ويو هو جنهنڪري ٻه ٽي مارڪون گھٽ ملڻ سبب ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ۾ مشڪلات ٿيڻ جو انديشو هو ... ۽ External مولانا خئير واري جو پڪو مريد آهي ... مولانا جو نالو ٻڌل هو ... ماڻهن چواڻي ته نيڪ، پرهيزگار، متقي ۽ عالم آهي ... کيس قرآن شريف تي عبور آهي ... ڪلاڪ سوا جي مسافت کانپوءِ مولانا جو ڳوٺ اچي ويو ... ڳوٺ ٻاهران بيٺل ماڻهن کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته مولانا واري مسجد سامهون آهي ... موٽر بائيڪ، ٻاهر وڻ هيٺان بيهاري مسجد ۾ داخل ٿياسون ... ورانڊي ۾ ايراني مخملي مصلي تي اڇن ڪپڙن ۾ ملبوس ... ڪلهن تي عربي رومال ... هڪ نه پر ٻن ٽن مٺين جيتري ڏاڙهي ... نڪ جي اڌ تي پيل ننڍڙي عينڪ ... قرآن شريف جو دور ويٺي ڪيائين ... پهرين نظر سان ايئن لڳو ڄڻ هو ان مصلي تي چڙهي آسمان مان اڏري هينئر هينئر لٿو هجي ... پاڻ ٻئي سندس سامهون ادب سان پلٿي هڻي ويهي رهياسون ... ويرم کانپوءِ قرآن شريف تان اکيون مٿي کڻي ... عينڪ جي مٿان ئي مٿان اسان ڏانهن نهاريندي مخاطب ٿيو ... ” ڪيئن آيا آهيو ... پٽ؟“ نرم لهجو ”سائين آءُ ، ذوالفقار لاهوري ... بابا سائين اوهانجو مريد هيو ... لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي کان آيو آهيان ... ڪم آهي اوهان ۾ ... الله واسطي مدد ڪريو .... وڏي اميد کڻي آيو آهيان ... “ ذلفيءَ وڏي ادب سان عرض ڪيو ... ” ها آءُ لاڙڪاڻي جي لاهورين کي سڃاڻان ... چئو ڇا ڪم آهي؟“ ”منهنجي ڀيڻ Pre-Medical جو امتحان ڏنو آهي ... Botany Practical ۾ هڪ اڌ سوال رهجي وڃڻ سبب ٻه ٽي مارڪون گهٽ ملڻ جو انديشو آهي ... ۽ هو External اوهانجو مريد آهي ... مهرباني ڪري کيس اسانجي مدد ڪرڻ جي پارت ڪندا ته نياڻيءَ جو مستقبل ٺهي پوندو! “ مولانا جو چهرو تپي ٽامي جيئان ٿي پيو ... سندس ڀروون ڀڪوڙجي اکين مٿان چڙهي ويس ... ناسون ڦوٽارجي ڳلن ڏانهن ڇڪجي ويس ... ڏند ڪرٽيندي دڙڪي سان ” اٿو ته ڪٽَ نه ڪڍانوَ ... اهڙو گناه جو ڪم ... نعوذ بالله ... ڇوڪري ذات کي ڪاليج ۾ داخلا ڏيارڻ ۾ مدد ڪريان ... اڙي اوهان جهنمي آهيو جو ڇوڪر کي ڪاليج ۾ ٿا پڙهايو ۽ اهو به ميڊيڪل ۾ ... عورت کي ديني تعليم کانسواءِ ٻي ڪا به تعليم ڏيڻ گناه آهي ۽ اهو ڪم وري مونڏانهن کڻي آيا آهيو! اٿو ته ...! “ ٻنهي ساههُ مُٺِ ۾ ڪري وٺي ڊوڙ پاتيسون ... ذلفيءَ کان دهشت ۾ موٽر چالو نه ٿئي ... خئير بائيڪ چالو ٿي ... پاڻ ڳوٺ ٻاهران اچي ساهه کنيو ... مون هلندي هلندي پوئتان ورائي ڏٺو ... نظر وڃي ڳوٺ جي ٻاهران جمع ٿيل گند، گاهه ۽ گوبر جي وڏن ڍيرن تي پئي ... ذهن ۾ وڄ جيئان هڪ خيال آيو ته مولانا جو نالو، ” خئير وارو نه پر ... ڍير وارو هجڻ کپندو هو...“
جواب: اندر مڙوئي اڳڙيون سائين اسان جي ملڪ ۾ جيڪي سڀ کان وڌيڪ درسگاهون آهن اهي آهن مسجدون ۽ مدرسا، ڇو ته منهنجي خيال ۾ سنڌ جي هر ننڍڙي ڳوٺ جو ئي مثال وٺو ته به اُتي ٻه نه ته هڪ مدرسو هوندو ئي هوندو۔۔ ۽ انهيءَ۾ تعليم ڏيڻ وارو مولانا هوندو۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن سڄي ملڪ ۾ اهڙا "خير وارا مولانا" هوندا ته پوءِ ته اسان جي مُلڪ جو الله واهي آهي۔۔ هوند جيڪڏهن اهي سڀ رسول خدا جي ڏسيل اصلي واٽ تي پاڻ به هلن ۽ ماڻهن کي به هلڻجي تلقين ڪن ته اسان جو سمورو ملڪ تعليم يافته ٿي وڃي۔۔۔ مان ته سمجهان ٿو ته مشڪل سان 5 سيڪڙو مولانا اهڙا هوندا جيڪي نياڻي ذات جي تعليم جي حق ۾ آهن
جواب: اندر مڙوئي اڳڙيون بيشڪ نياڻي ذات کي اهڙي تعليم نه ڏيارجي جنهن سان سندس عزت ۽ حيثيت محروم ٿئي پر اڄ جي هن سائنسي دور ۾ اهڙا علم موجود آهن جن جي تعليم عورت کي ڏيارڻ ضرور ٿي پئي آهي، ڪيتريون عورتاڻيون بيماريون آهن يا ٻارن جون بيماريون آهن جن کي هوند عورت ڊاڪٽر ئي چڱي طرح سان حل ڪري يا سمجهي سگهي ٿي ۔۔۔ انڪري ميڊيڪل سائنس ۾ عورتن جو تعليم يافته هجڻ اڄ جي ضرورت آهي ۽ انکي پورو ڪرڻ نه دين جي خلاف آهي ۽ نه دين جي ڀنڄڪڙي، ڇاڪاڻ اسانجو دين ۔۔۔ دين فطرت آهي ۔۔۔۔