خوشين جو وڏو ڏڻ ڏياري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    خوشين جو وڏو ڏڻ ڏياري
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    رب سائين ڪائنات کي انسان جي رهڻ ۽ سندس جي عبادت ڪرڻ لاءِ پيدا فرمايو آهي هن رنگا به رنگي دنيا ۾ انسان کي ڪڏهن خوشين سان ته ڪڏهن وري ڏکن سان ڏينهن گهارڻان ٿا پون ، هن سموري ڪائنات ۾ ڪيترن ئي مذهبن ۽ عقيدن جا انسان رهن ٿا جيڪي پنهنجي پنهنجي مذهبي ڏڻ کي وڏي عقيدت سان ملهائيندا رهندا آهن ،سموري دنيا ۾ وري هندو ڌرم جووڏو ڏينهن ڏياري (ديوالي ) سونهاري سنڌ ۾ پڻ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ به نهايت عقيدت سان ملهائي پنهنجن خوشين ۾ اضافو ڪندا آهن هن ڏينهن تي هو پنهنجن گهرن ، مندرن ، دوڪانن مٿان زيب ڀريندڙ گلن جو سجاوٽ پڻ نهايت لاجواب نموني سان ڪري سينگاريندي نظر ايندا آهن .هن رات هندو ڌرم جا پوڄاري ميڻ بتيون ،ڏيئا ۽ ڄاٽيون ٻاري رات کي ڏينهن جهڙو روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهن ڇڏيندا ڏياري جي رات هندو ڌرم جا عقيدت مند ڦٽاڪن سان وڏا وڏا ٽڪا ڪڍي خوشي جو اظهار پڻ ڪندي خوش ٿيندا آهن ٻيو ته هن رات مندرن ۽ گهرن ۾ خاص عبادتون ڪندا آهن جڏهن به هي ڏينهن اچڻ جي تاريخ ويجهو ايندي آهي ته هندن جي گهرن ۽ گهٽين ۾ صفائي پڻ نمايا نظر ايندي آهي ، هندو ان تهوار تي پنهنجي پاڙيسرين کي پنهنجن خوشن جو ڀاڱي ڀائيوار ڪندا مٺايون ۽ ٻيا تحفا پڻ ڏيندي نظر ايندا آهن هندو ڌرم جا عقيدمند هن تهوار (ڏڻ ) کي ڪوڙ کان ڇوٽڪاري ۽ حق ۽ سچ جي ڪاميابي جو (ڏڻ ) سمجهندا آهن ،سندن جو عقيدو آهي ته ( لڪشمي ) دولت جي ديوي ، پنهنجن ٻانهن تي وڏي مهر جي نظر ڪندي ڌن ،دولت سان جئ کي نوازيندي آهي قديم وقت کان وٺي هندو ڌرم جا پوڄاري اڄ به ان جوش جذبي سان (ڏيئا ٻاري ڦٽاڪن جي آواز جي گونج ) سان هي تهوار ملهائيندا آهن . عام طرح سان ڏياري يا ديوالي کي روشنين جو (ڏڻ ) به مڃوويندو آهي هي تهوار هندو ڪئلنڊر جي مطابق 28 اسو مهيني ۾ آمد ٿيندي آهي جيڪو خاص ڪري جارجين ڪئلنڊر (انگريزي مهينن جي حساب سان وري آڪٽوبر يا نومبر مهيني ۾ پڻ ملهايو ويندو آهي ، هندون جي هن وڏي مان وڏي (ڏڻ) کي هندي زبان منجهه (ديوالي ) ۽ ديپاولي ۽ سهڻي مٺڙي ٻولي سنڌي منجهه وري (ڏياري ) ڪوٺيو ويندو آهي هن تهوار تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون حڪومتون عام موڪل ڪنديون آهن جن ۾ سريلنڪا ، نيپال ، هندوستان ، ملائيشيا ، گيانا ، سينگاپور ۽ جڏهن ته اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ان ڏينهن هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ملازمن کي عام موڪل ڪندي آهي .دنيا جي ٻين ملڪن کانسواءِ آمريڪا ملڪ ۾ هي تهوار ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته سال 2003ع کان وٺي آمريڪا وائيٽ هائوس منجهه هي ڏڻ ڏياري پهريون ڀيرو وڏي جوش جذبي تحت ملهايو ويو ۽ 2007ع منجهه آمريڪي ڪانگريس هن ڏڻ ڏينهن کي سرڪاري درجو (آفيشل اسٽيٽس ) پڻ ڏنو جڏهن ته 2009ع ڌاري آمريڪي صدر بارڪ اوباما (وائيٽ هائوس ) ۾ ڏياري تقريب جو افتتاح پڻ ڪيو ، سونهاري سنڌ جيڪا امن سلامتي واري سر زمين ڪوٺي ويندي آهي هنڌرتي جي دنيا جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبد الطيف ڀٽائي رح پڻ پنهنجي من جو آواز پنهنجي شاعري وسيلي هندن جي ڏڻ (ڏياري ) کي پڻ پنهنجي ڪلام جي واهه جو زينت بڻايو آهي پاڻ سر سامونڊي جي داستان ٽيون ۾ فرمائي ٿو ته

    ڏٺي ڏياري سامنڊين سڙه سنباهيا ،

    ان کي مند اتر جي اوچتي آئي ،

    وڻجارن وائي آهي پرين پار جي .

    اهڙي طرح هندو ڌرم کان علاوه ڏياري (جين مت ۽ ٻڌ مت ) جا عقيدتمند پڻ هي ڏينهن ملهائيندا آهن سونهاري سنڌ ۾ هن تهوار ڏياري جو خوشيون پڻ ڏسڻ وٽان هونديون آهي اڄ هي تهوار منهنجي پياري شهر (وارهه ) کان سواءِ سڄي سنڌ ۾ وڏي عقيدت سان پڻ ملهايو ويندو هندن ڀائرن کي اڄ هندسن سان گڏ مسلمان پڻ مبارڪون چوندي نظر ايندا منهنجي نماڻي ڌڻي در دعا ته شال سنڌ سلامت ۽ امن ، خوشين جو گهوارو رهي هندو ڀائرن کي (ڏياري ) جون کوڙ ساريون وڌايون مبارڪون

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو