کپري جي ڳوٺ بانڪو خان چانيهو ۾ هڪ ميوزيم حفيظ ڪنڀر ڀوتارڪي سنڌ ۾ ڀلا ڳوٺن جي سڃاڻپ ڪهڙي هوندي؟ هڪ اها تہ ڳوٺ ۾ ووٽ ڪيترا آهن؟ ان کان پوءِ ورلي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن نيڪ مرد جو کوليل اسڪول ان ڳوٺ جي سڃاڻپ هوندو. باقي ڪنهن ڳوٺ ۾ رهندڙ راڳي، تعويذ ڪندڙ ملون، جن ڪڍندڙ ڀوپو، وڏا وڻ، ڪو ليکڪ وغيره سڃاڻپ ٿي سگهي ٿو... پر اسان جي هڪ دوست پنهنجي ڳوٺ کي، رڳو تر ۾ نہ پر سنڌ ۾ سڃاڻپ ئي منفرد ڏني آهي.. اهو دوست آهي عطا محمد چانهيو جنهن ڳوٺ کي نئين سڃاڻپ ميوزيم قائم ڪري ڏني آهي.. چئن پنجن هزارن جي آبادي جي ڳوٺ بانڪو خان چانهيون ۾ ڪروڙين روپين جو ان طرح ميوزيم ٺاهيو آهي جو نون سالن کان سندس جنون ديوارن تي فرش تي، ٽيبلن تي، اوپن ايئر حصي ۾ پکڙيل، antiques, articrafts جي شڪل ۾ پکڙيل نظر ايندو.. ۽ اڃان به هن جا ٻيا پراجيڪٽ آهن... پبلو پڪاسو چيو هو تہ" مونکي ميوزيم ڏيو تہ آئون ان کي ڀري ڇڏيان..." سو هي عطا چانيهو صاحب آهي جيڪو نون سالن کان پنهنجو ميوزيم انهن شين سان سينگاريندو ڀريندو وڃي جيڪي شيون ڪنهن دور ۾ عام ۽ اهم هيون پر هاڻ اهي انتهائي دلچسپ ۽ قيمتي آهن.. ڇو تہ اهي نوادرات، antiques بڻجي چڪيون آهن، وقت انهن کي ناياب بڻائي ڇڏيو آهي، اهي قيمتي شيون سنڌ ۾ ڪنهن وٽ ناهن پر رڳو عطاچانهيي صاحب وٽ آهن. انهن منفرد قيمتي تاريخي شين جي سنڀال سندس مشغولي، مشغلي جون منزلون طئي ڪري هاڻ ذميواري، ڊيوٽي ۾ شامل ٿي چڪي آهي. ۽ سندس ميوزيم ۾ رکيل اهي شيون ماوراء وقت بڻجي چڪيون. هن جي ميوزيم مان ملڪن جي ڪلچر، تخليقي تاريخ جو گس وڃي ٿو عطا چانهيو جو ڳوٺ ٿر جي ڪنڌيءَ تي آهي. هتي اقبال رند، صفدر پنهور، شاعر عزيز گل، گل ڪلهوڙي، نهال ڪمار، جلال جان سان گڏ اسان دادلي دوست مصطفي مھيري جي اڳواڻي ۾ شام جو پنج وڳي ڌاري پهتا هئاسون. ماضي ۾ هتان دريائن جا پراڻا وهڪرا ويندا هئا. هن جي ڳوٺ جي پسگردائيءَ ۾ داخل ٿيڻ شرط اوهان جي سامهون منفرد، مختلف ۽ خوبصورت جاگرافيائي خطو سامهون اچي ويندو. جيڪو ٿر جي ڪس واري بيلٽ جهڙو ئي آهي. کپرو شهر کان اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو تي هن ڳوٺ ۾ اوڻيهين سئو ٻائيتاليهه ۾ پرائمري اسڪول سندس ڏاڏي بانڪي خان قائم ڪرايو هو جيڪو اپ گريڊ ٿي ھائي اسڪول ٿيو. تر جا هزارين شاگرد ان اسڪول مان پڙهي نڪتا. اڄ بہ ان اسڪول ۾ ويھ ٻاويھه ٽيچرز جو اسٽاف ۽ ٽي سئو شاگرد آهن گرلز مڊل اسڪول الڳ آهي.. اينيمل هسبنڊري جو گريجوئيٽ عطا چانيهو صاحب نوادرات ، ميوزيم جي دنيا طرف ڪيئن ويو؟ هو ان کي هڪ دلچسپ ڳالھ سان منسوب ڪري ٿو "آئون اڪثر هڪ خواب ڏسندو هئس جنهن ۾ آئون ڪنهن وڏي قلعي جي برجن مان هيٺ ويندڙ گس وٺي اندر داخل ٿيندو هئس. جتي مونکي هي antiques ، نوادرات، پراڻيون شيون نظر اينديون هيون، سالن تائين اهو خواب آئون ڏسندو رهيس، پوءِ جيئن جيئن عملي طور هي قديم شيون مون وٽ اينديون ويون مون کان اهو خواب دور ٿيندو ويو هاڻ خواب نٿو ڏسان " خوابن جو تعلق شعور لاشعور، تحت الشعور سان هجي ٿو، نفسياتي علم انهن کي خوب سمجهي ٿو. پر هن جو خواب نون سالن ۾ ميوزيم جو عملي روپ وٺي چڪو آهي ۽ ان ميوزيم لاءِ هن هڪ هڪ شئي ڪٺي ڪرڻ لاءِ پشاور کان يونان تائين جا سفر ڪيا آهن... "ڳالھ اصل ۾ وِل ۽ ارادي جي آھي، مون سان اهو ٿيندو آهي جو ميوزم لاءِ جيڪا شئي چاهيندو آهيان، رابطن، ڪوششن، ٿوري محنت سان اها Antique ٿوري عرصي ۾ مونکي ملي ٿي وڃي" عطا چانيهو چوي ٿو ھن کي جيڪا شئي ملڻ محال ٿي وڃي ٿي عطا صاحب وڏي محنت سان ان جو Replica ٿو ٺهرائي. ڪپھ ٽاڻڻ وارو سيٽ هن ڪنهن مقامي ڪاريگر کان ڪاٺ جي گراڙين سميت ٺهرايو هو. ھي وھسڪي جو ڪيس ڪٿان هٿ ڪيو؟" مون هڪ articraft طرف اشارو ڪندي پڇيو " يونان ويو ھئس اتي نظر اچي ويو، مونکي وڻي ويو اهو antique وڃائڻ نٿي چاهيم، يونانين بہ منهنجي دلچسپي جو خوب فائدو ورتو نيٺ ان وقت بہ اسي هزار روپين ۾ وٺي آيس, هن ۾ شراب جي بوتل رکبي آهي" هن ٻڌايو ھو شراب، وھسڪي کان خود گھڻو پري ۽ سليماني چانهن جي انتهائي ويجهو آهي هن جي ميوزم نما اوطاق جي اها چانهن منفرد ۽ مشهور آهي جيڪا اوهان کي ڪنهن پراڻي قديم ٽري، ۽ کنڊ رکڻ جي پراڻي خوبصورت کنڊ ٿانو ۽ چمچي سان پيش ڪئي وڃي ٿي، اسان کي جيئن چانهن ملي تہ مون سليماني چانهه ۾ کنڊ ملائيندي پڇيو " هي کنڊ ڪيتري پراڻي آهي؟ " ۽ هو کلي پيو ھن پراڻ ۽ قدامت ايتري گڏ ڪئي آهي جو آسي پاسي پيل نيون شيون بہ فنا في الميوزيم ٿيون لڳن.. ھن سائز جي ميوزيم تي ويھ ٽيھ ملازم رکيل هجن ٿا پر عطا چانيهو خود ۽ سندس ٻہ ٽي ملازم ويهن ٽيهن ماڻهن جو ڪم ڪري ميوزيم سنڀاليندا ۽ ان کي وڌائيندا اچن ھن اسان کي مسقبل ۾ آڊيو وڊيو لئبرري جو ٺهندڙ پراجيڪٽ ڏيکاريو جنهن ۾ باليووڊ جي وڏي اداڪاره نوتن جي تصوير فريم ٿيل هئي ھن ٻڌايو تہ "ھن آڊيو وڊيو لئبرري جو محرڪ اها نوتن جي تصوير ئي هئي جيڪا مون پشاور مان وڏي محنت سان ٻہ ٽي پنڌ ڪري حاصل ڪئي." نوادرات، اينٽيڪ، aircrafts پراڻين شين کي گڏ ڪندڙ ٻين پاڪستاني سرڪلز ۾ عطا چانيهو سرگرم ترين شخص آهي هنن جو ريڊيو لسنرز جو سرڪل اڃان تائين سرگرم آهي. هو شهداد پور ۾ هرسال گرامون فون تي ميوزڪ ٻڌندڙن، اهل ذوق دوستن کي گڏ ڪندا آهن. پوري پاڪستان مان هو گرامون فون، ڪتي ڇاپ ھز ماسٽر وائيس جا رڪارڊ فونن ۽ چئنجرز تي هلندا آهن ۽ هنن جي پوري سنگت ساٿ پراڻا گيت گانا ان ميلي ۾ انجواء ڪندي آهي. هن وٽ هڪ هڪ شئي جا تفصيل آهن. ستيتاليهه ۾ هندستان کان جن ڍڳي گاڏين تي ماڻهو چڙهي ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا ان ڍڳي گاڏي کان وٺي موئن جي دڙي برانڊ ڍڳي گاڏي هن جي ميوزيم جي اوپن ايئر حصي ۾ رکيل آهن ھن جي ميوزم کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ماڻهو اچن ٿا ۽ وڏي تعداد ۾ اچن ٿا هن کان جڏهن پڇيو ويو تہ "توھان جي هن ڪم بابت ماڻهن جو ڇا خيال آهي" "خيال ڇا هوندو؟ اهوئي تہ چريو آهي باقي ڇا؟ ھو کلي چوي ٿو پوءِ سنجيدگي سان چوي ٿو تہ" ڪي ماڻهو تہ هن ميوزيم کي گاڏين ۾ اچي وزٽ ڪندڙن متعلق اهو بہ چون ٿا هي سڄو ڪم ٻاهرين فنڊ تي اين جي او وارا ڪري پيا ڏين... بي علم سماج ۾ ميوزم گهمبا بہ آهن، اتان نوادرات چوري بہ ڪبا ۽ تاريخي اهڃاڻ ڪٺا ڪندڙ ماڻهن لاءِ ڪا بہ راءِ قائم ڪري سگهن ٿا. پر بانڪي چانيهي جو هي پوٽو انهن سڀني ڳالهين جي پرواه ڪرڻ بنا پنهنجي تر ۽ ڳوٺ کي هڪ ميوزم جي شڪل ۾ تاريخي ۽ علمي سڃاڻپ ڏئي رهيو آهي. انهن سڀني ڳالهين باوجود هن انفرادي ڪوشش سان قائم ٿيل هن ميوزيم جون جڳ ۾ ڳالهيون بہ آهن، ڪي پوڙها ڪشالا ڪڍي الائي ڪٿان ڪهي الهو سائي جو هڪ گم ٿيل ڪلام هن جي ئي ميوزيم ۾ رکيل فوني تي ٻڌڻ لاءِ هتي پهتا هئا، ميوزيم جيڪو سماج ۾ ايجوڪيشن جو حصو بہ ٿي سگهي ٿو ۽ انسان کي ماضي سان متعارف ڪرائي نئين تحقيق طرف وٺي وڃي سگهي ٿو. جيڪو مختلف ثقافتن جو اظهار بہ ڪري ٿو . هن صاحب اهڙو ميوزيم اڪيلي سر قائم ڪري ڏيکاريو آھي هو اڳتي شاہ لطيف جي شاعري تي ڪو يادگار ڪم ڪرڻ ٿو چاهي. هن کي لطيف جي شاعري تي چڱي خاصي دسترس حاصل آهي.