منور ملاح منهنجو پيارو ۽ سيبتو سرجڻهار مجيب سنڌي شاعري ذريعي سماجي توڙي مجازي عڪس چِٽڻ جي هنر سان سرشار خوبصورت شاعر پياري منور ملاح جي تخليقن ۾ ڌرتيءَ جي پيار جي خوشبوءِ به هميشه محسوس ڪئي آهي، سندس شاعريءَ ۾ ديس جي چاهت، ماروئڙن مسڪينن جي سار جون التجائون، غربت جي زندگيءَ گهاريندڙ لاچار ۽ مجبورن جي اهنجن جا نوحا پڻ دل سان سرجيل هوندا آهن، شاعراڻي ڪيفيت سدائين مٿس مهربان ئي مهربان رهي آهي جو نئين ٽھي جي اڀرندڙ سيبتن سرجڻھارن جي سٿ ۾ منور ملاح جو نالو سڀ کان مٿانهون ۽ نروار آهي. ڳاڙھي ڳل کي ماڪ چميو آ ڄڻ ته غزل کي ماڪ چميو آ. منور ملاح جي شاعراڻي ڪيفيت ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان ڳل کي ماڪ چمڻ جي ڳالھ ڪئي آهي، محبوب جي ڳل کي ماڪ چمڻ، غزل کي ماڪ چمڻ جو خيال بنھ نرالو ۽ منفرد آهي، اهڙي ڪيفيت ۽ منظر پيش ڪرڻ جو هنر ڪو منور کان سکي، اهڙيون خوبصورت سٽون اڄ تائين شايد ئي ڪنهن سرجڻھار سرجيون هجن ۽ اهڙي منظر ڪشي ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ڪونھي. ديد ترسي ڳوٺ جي پئي سونھن لئي آ سونھن ھڪڙي سادگي جو پاسو ورتو مون ڏٺو ٿي عڪس تنھنجو دور کان من تو پريان پئي آرسي جو پاسو ورتو. ڳوٺ جي سڳنڌ ڀريئي ماحول ۾ سونهن جي سادگي تي موهت ٿيڻ ۽ دور کان محبوب جو عڪس پسڻ به هڪ معجزاتي خيال محسوس ٿئي پيو، منور ملاح شاعراڻي اک سان منظرنگاري جا خوبصورت عڪس ائين ٿو پيش ڪري جيئن پهاڙن مان وهندڙ ڪي خوبصورت آبشار هجن. سڄو ئي وڇوڙو اکين ۾ لڇي ٿو کڄن ٿيون نھارون نظر ڄامشورو سوين گل ھاريا سوين ديپ ٻاريا جڏھن ڀي ٿيو آ گذر ڄامشورو. ڄامشوري جي حوالي سان يادن جو اظهار ڪيترن ئي تخليقڪارن مختلف لکڻين ذريعي پنهنجي پنهنجي انداز ۽ اسلوب سان ڪيو آهي، منور ملاح به ڄامشوري جي منظرڪشي خوبصورت لفظن سان ڪئي آهي، درد، وڇوڙي، نيڻ نهار کان گل گلزاري تائين خوب نڀايو آهي. منور ملاح جي دوستي واري لسٽ ۾ شامل هجڻ تي هميشه فخر رهيو آهي، منور جو دوست هجڻ تي پاڻ کي ڀاڳوند سمجهان ٿو. سندس قرب ڪمال جو آهي، دوستن کي هميشه سچ منهن تي چوڻ وارو هر پل محبتون ونڊيندڙ سٻاجهو شخص آهي، نفرت کان نفرت ڪندڙ منور ملاح کي سدائين محبتون مليون آهن ۽ سندس وڏي خوشنصيبي آهي جو کيس شهر واسين پاران مڃتا ڏيندي ساڻس محبت جو اظهار ڪندي خوبصورت شام ملهائي وئي آهي. دوستي جو ڀرم رکندڙ شاعر دوست منور ملاح سان منهنجو روح جو رشتو آهي، هر ڏکئي وقت ۾ آٿت ڏيندي نئين جوش ۽ جذبي سان جيئڻ جو اتساھ ڏياريندڙ آهي. منور ملاح ادبي حوالي سان شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر غزل جي صنف ۾ سٺو لکڻ ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيو آهي، سندس غزل ۾ ڪمال جي رواني هوندي آهي، مشاهداتي غزل سرجڻ ڪو سولو ڪم ناهي، مشاهدي هيٺ آيل ڳالھ کي غزل جهڙي ڏکي صنف ۾ لکڻ منور ملاح چڱي ريت ڄاڻي ٿو، سندس ڪيترائي غزل اهڙا آهن جن کي پڙهندي ماڻهو حيران ٿيو وڃي ته ڇا هي منور ملاح لکيو آهي، جيڪو طبيعت ۾ مٺو، سچو کرو ۽ حساس طبيعت پڻ آهي. منور ملاح ڪيترن ئي غزلن ۾ قدرت جي شاهڪارن کي پنهنجي لفظن ۾ خيالن ۾ تشبيھ طور ڪتب آندو آهي، سندس چنڊ تارن توڙي زميني هڳاءُ ڏانهن روحاني ڇڪ آهي جيڪا هن جي دل دماغ تي ڇانيل آهي، هن وٽ لفظن جو ذخيرو هجڻ باوجود چنڊ تارن ۽ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ ئي هن جي قدرتي ڏات شاعري ڏانهن ڇڪ جو سبب بڻجي ٿي، قدرتي شاهڪارن کي وڏي مهارت سان مختلف روپن، خيالن ۽ تصورن سان شعرن ۾ شامل ڪيو آهي. اڇڙي ٿر جي ڏڪارتي لکيل منھنجي ٿر جو منظر سارو صحرا جو احوال لڳي ٿو ٿوھر ٿوھر ماڳ سمورا ڀرڀانگ ھئا ڀاڳ سمورا ھر ڪو چھرو ڏُٻرو ڪيڏو چھرو ڄڻ ته سوال لڳي ٿو سال ٿيا ھٿ خالي پنھنجا ميندي ھٿ تي مھڪي ناھي آھن گھر ھي سو ڳ سمورا تاڙي جي تنوار رٺل آ تارا اجڙيل ڦوڳ سمورا ھانءُُ ڀڳي جان ھڏ ٿو ڪاڙھي رستا تو بن روڳ سمورا منھنجي ٿر جا حال اڙانگا ڪيڏا گذريا سال اڙانگا ھيل به پياسا مور مري ويا تڙ ھن خالي ڍور مري ويا اڇڙي ٿر جي تازي لونءِ ڪانڊاريندڙ صورتحال تي اهڙو سهڻو سليس نظم شايد ئي نئين ٽھي جي ڪنهن سرجڻھار سرجيو هجي، هن نظم سميت سندس ڪيترائي اهڙا جاندار نظم آهن جن کي پڙهي روح کي قرار ملي وڃي ٿو، منور ملاح جو شاعراڻو دڳ نج پنهنجو ئي دڳ آهي ۽ پنهنجي واٽ وٺي نئين ٽھي جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، دعا آهي ته منور ملاح شاعري جي مختلف اسمن صنفن سميت اھڙا شاهڪار نظم به سرجيندو رهي.