حشو ڪيولراماڻي : هند ۾ گم ٿي ويل سنڌ جو سپوت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    حشو ڪيولراماڻي : هند ۾ گم ٿي ويل سنڌ جو سپوت

    ليکڪ نصير اعجاز

    کوڙ ورهيه اڳ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ سائين جي ايم سيد سان دوست سيد غلام شاھ معرفت جڏهن پهريون ڀيرو ملاقات ۽ تعارف ٿيو هو ته منهنجي ڳوٺ ڀريا جو ٻُڌي سائين ڇرڪي ويو ھو. “حشوءَ وارو ڳوٺ؟” سائينءَ ھڪدم پڇيو ھو. مون سائينءَ کي ٻُڌايو ھو ته حشوءَ جو گھر اسان جي پاڙي لڳ ئي ھوندو ھو ۽ وڏي عرصي تائين سندس نالي جي تختي اُن گھر تي لڳل ھوندي ھئي. سائين جي ايم سيد سان ان کانپوءِ جڏھن به ملاقات ٿيندي ھئي ته حشوءَ جو ذڪر ضرور ڪڍندو ھو.
    ننڍپڻ ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته ميمڻ پاڙي جي مسيت کان مٿي ويندڙ گھٽيءَ رستي بازار ڏانھن اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو ۽ واٽ تي ھڪ پڪ سرائين گھر تي حشو ڪيولراماڻيءَ جي نالي جي تختيءَ تي ضرور نظر پوندي ھئي. تڏھن مونکي ڪا به خبر ڪانه ھئي ته حشو ڪير آھي.
    گھڻو اڳتي ھلي معلوم ٿيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيولراماڻين جا ٻه ٽي گھر ھئا ۽ انھن سان اسان جي آخوند گھراڻي جا ويجھا لاڳاپا ھوندا ھئا. ٻن ڀائرن آسُودومل پي ڪيولراماڻي ۽ واڌُومل پي ڪيولراماڻيءَ جون ڀريا ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏيون خدمتون رھيون آھن. آسُودومل ڀريا جي ڪي سي اڪيڊميءَ جو وڏي عرصي تائين ھيڊماستر رھيو ۽ ورھاڱي وقت ھندستان لڏڻ مھل اھو اسڪول منھنجي والد آخوند قادربخش ايڊووڪيٽ جي حوالي ڪري ويو ھو جيڪو سندس شاگرد ھو. منھنجي ڏاڏي آخوند حاجي فيض محمد جو ڀاءُ حافظ محمد صادق (اڳوڻو ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، پرنسيپال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۽ ھيڊماستر اين جي وي اسڪول ڪراچي) ۽ چاچا جميل احمد، جنھن 1967 تائين اسڪول سنڀاليو، به سندس شاگرد ھئا، آسُودي مل جو ڀاءُ واڌُومل انڊين ريلوي ۾ وڏو آفيسر ھو پر سندس سڃاڻپ علم ۽ ادب لاءِ خاص خدمتن جي ڪري وڌيڪ ھئي. ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا پر اڄ ڀريا ۾ انھن جو ڪوبه رڪارڊ ڪونھي. ھو اسڪول جي گورننگ باڊيءَ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ خاص سيلون ۾ ڀرياروڊ اسٽيشن تي اچي لھندو ھو. واڌُومل جو گھر بازار جي ٻئي ڇيڙي تي ھو. ورھاڱي کانپوءِ ڪنھن پنجابيءَ ان گھر تي قبضو ڄمايو جنھن کان اسانجي ھڪ مائٽ ڏھ پندرھن سال اڳ اھو گھر خريد ڪيو. 1937۾ ٺھيل ڳاڙھين سِرن ۽ ساڳ جي ڪاٺ جي ڪم وارو گھر اڄ به موجود ۽ ٻاھران واڌُومل جي نالي واري ماربل جي تختي لڳل آھي. حشو ڪيولراماڻيءَ جو گھر بازار جي مُھڙ واري حصي ۾ ھوندو ھو. سندس گھر تي به قبضو ٿي چڪو ھو ۽ افسوس ته اڄ حشوءَ وانگر نه سندس گھر بچيو آھي ۽ نه ئي سندس نالي واري تختي. حشوءَ جو اسان جي وڏن سان ويجھو رستو ھو. اسان جي خانداني لائبريريءَ ۾ حشوءَ جولنڊن مان موڪليل ھڪ ڪتاب ورھين تائين موجود ھو. اھو برطانوي راڻيءَ جي تاجپوشيءَ بابت تصويري ڪتاب ھو جنھن تي حشوءَ جي صحيح ٿيل ھئي ۽ ھيٺان تاريخ ۽ لنڊن لکيل ھو. تاجپوشيءَ جي تقريب لنڊن ۾ 1953-54 ڌاري ٿي ھئي. حشوءَ جڏھن اھو ڪتاب موڪليو ھو تڏھن پڪ ھو لنڊن ۾ ھوندو جڏھن ھو انڊيا آفيس ۾ ڪرشنا مينن سان ڪم ڪندو ھو.
    حشوءَ خوشحال گھراڻي ۾ جنم ورتو ھو. سندس ڏاڏو کنيومل زميندار ۽ والد ٽھلرام روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ھوندو ھو. بعد ۾ ھو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عھدي تي به رھيو. سندس ٻه پُٽ ھئا ـ حشمت راءِ عرف حشو ۽ گوپي چند عرف گوپ. حشو 20 ڊسمبر 1914 تي ڀريا ۾ ڄائو ۽ اڃا اٺن ورھين جو ھو ته سندس والد 23 ڊسمبر 1922 تي لاڏاڻو ڪري ويو. سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ لکيو آھي ته ٽھلرام وڏو ايماندار ۽ انصاف پسند آفيسر ھوندو ھو. حشوءَ جي باقي پرورش سندس والده ڪئي جيڪا ٽيويھه ورھين جي عمر ۾ وڌوا ٿي وئي ھئي.
    حشوءَ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڀريا جي ڪي سي اڪيڊمي اسڪول ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ ۾ اين جي وي اسڪول مان ڪيائين جتان وري سترھن ورھين جي عمر ۾ سيلون (سريلنڪا) ھليو ويو. سيلون ۾ ھن لنڊن وڃڻ لاءِ ھڪ امتحان پوزيشن کڻي پاس ڪيو. انھيءَ دوران ھو ينگ مينس ڪرسچين ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سرگرم ميمبر ۽ سيڪريٽري به رھيو. سندس والده ۽ ٻين مائٽن چاھيو ٿي ته حشو انڊين سِول سروس جو امتحان ڏئي وڏو ڪامورو ٿئي جنھن لاءِ کيس 1935 ۾ لنڊن موڪليو ويو پر ھو ڪنھن ٻئي مزاج جو ماڻھو ھو تنھنڪري آءِ سي ايس لاءِ امتحان ڏيڻ بدران اُتان جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪنھن مھل ايئروناٽيڪل ته ڪنھن مھل اقتصاديات ۽ سياست جي شعبن ۾ داخلا وٺندو رھيو. سندس اندر ۾ ڄڻ ته پارو ڀريل ھو جيڪو کيس ھڪ ھنڌ ويھڻ نه ڏيندو ھو ۽ سدائين بيچين رکندو ھو. اھو ئي زمانو ھو جڏھن لنڊن ۾ اندرا گانڌي، سندس دوست ۽ بعد ۾ مڙس فيروز گانڌي ۽ والد جواھرلال نھروءَ سان سندس ويجھا تعلقات پيدا ٿيا. ھن اتي نه رڳو ڪرشنا مينن سان گڏ ڪم ڪيو پر انگريزن کان آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به سرگرميءَ سان شرڪت ڪئي. ھواتي لنڊن مجلس جو صدر به رھيو. سائين جي ايم سيد موجب حشو قلندري طبيعت جو ھئڻ سبب ڪو خاص امتحان پاس پاس ڪرڻ کانسواءِ 1939 ۾ سنڌ موٽي آيو پر پوءِ ٻي عالمي جنگ لڳڻ سبب واپس لنڊن نه وڃي سگھيو.
    سنڌ موٽڻ کانپوءِ حشوءَ جي زندگيءَ جي نئين شروعات ٿي. ھن سنڌ ۾ شاگردن جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو جنھن دوران ھو گرفتار به ٿيندو رھيو. ڪراچيءَ ۾ حشو انگريز سامراج خلاف پوسٽر ڪڍندو ھو جنھن ۾ ھندستان جي نقشي ۾ لانگ بُوٽ ڇپيل ۽ Stop this march of imperialism لکيل ھو. 1905 کان ھلندڙ شاگرد تحريڪ تي دايو ناٿاڻيءَ جي ڪتاب Karachi students on the march جيڪو 1946 ۾ ڇپيو ھو، تنھن ۾ حشوءَ جي سرگرم ڪردار جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آھي ته حشو ڪراچيءَ ۾ ٻين شاگردن سان گڏ گرفتار ٿيو ھو. حشوءَ کي 1940-41 ۾ ارڙھن مھينن لاءِ ۽ وري 1942 ۾ ٻن مھينن لاءِ قيد ڪيو ويو. ڪڏھن مٿس ڪن فوجين سان لاڳاپا ھئڻ جو الزام ھنيو ويو ته ڪڏھن ڪو ٻيو الزام. انگريز سامراج خلاف پوسٽر ڇپڻ تي کيس ٻن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو جتان ھو آڪٽوبر 1941 ۾ ارڙھن مھينن کانپوءِ آزاد ٿيو. جيل مان نڪرڻ کانپوءِ ھو وري سرگرم ٿي ويو ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ سنڌ جي دوري تي نڪتو. ان وقت سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن حشوءَ جي اثر ھيٺ ھئي. ھن سوڀي کي شاگردن سان واقف ڪرايو ۽ کيس سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو.
    سائين جي ايم سيد جي حشوءَ سان واقفيت 1945 ۾ ٿي ھئي. سائين کيس پنھنجو سياسي گُرو مڃيندي لکي ٿو: “سوشلسٽ ليکڪ ۽ دانشور حشو ڪيولراماڻي منھنجو سياسي اُستاد ھو.” ھي اھو زمانو ھو جڏھن سائين جي ايم سيد نظرياتي اختلافن سبب محمد علي جناح ۽ آل انڊيا مسلم ليگ کان ڌار ٿي چڪو ھو. “ھندو يا مسلم قوميت ـ ٻئي نظريا سنڌي مفاد جي خلاف ھئا. ان وقت حشوءَ مونکي سنڌي قوميت جي واٽ کان واقف ڪيو. مان جڏھن ڪانگريس جي آل انڊيا واري سياست ۽ مسلم ليگ جي مسلم قوم واري سياست کان مايوس ٿيو ھئس تڏھن حشوءَ مونکي ٻولي، ثقافت ۽ الڳ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي قوم جو تصور سمجھايو ۽ چيو ھو ته سنڌي ھڪ جدا قوم آھي”، سائين جي ايم سيد لکي ٿو. سندس چوڻ موجب حشو فرقيواريت کان بالاتر ھو. “حشو سنڌ جي ترقي پسند قومي ڪارڪنن مان ھڪ مکيه ۽ صحيح سوچ رکندڙ، باھمت، وڏي نگاھ وارو، دل جو درياھ ۽ قلم جو بادشاھ آھي.”
    حشو ھر قسم جي فاشزم جي خلاف ھو. “ھو ڪميونسٽ خيالن جو مالڪ ھو پر بورجوا فڪر جو به ڌيان سان مطالعو ڪندو ھو. حشوءَ جھڙو عظيم انسان مون اڄ تائين نه ڏٺو آھي،“ شيخ اياز پنھنجي ڪتاب “ساھيوال جيل جي ڊائري” ۾ لکي ٿو. “جڏھن سوشلزم جو سج نصف النھار تي بيٺل ھو ۽ ڪوبه ان ڏانھن ڪرڙيون اکيون کڻي نھاري نه سگھندو ھو تڏھن حشو ان جون خاميون ڳڻائي سگھندو ھو ۽ تقرير جي انداز ۾ چوندو ھو: مان ڪميونزم لاءِ جيئڻ چاھيان ٿو، ڪميونزم لاءِ مرڻ چاھيان ٿو پر ڪميونزم ھيٺ رھي نٿو سگھان.”
    حشو ڪڏھن به ڪنھن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ڪونه ٿيو. “ سياست ۾ دلچسپي وٺندي ڪڏھن به پارٽي بازيءَ ۾ ڪونه ڦاٿس. جيل ۾ ڇو ويس الله کي خبر، ڪنھن خاص پارٽيءَ جو ڪڏھن ميمبر نه ٿيس ۽ نه ڪڏھن قانون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. شايد شڪل جو تيز ڏسڻ ۾ ايندو ھوندس ۽ ولايتي جوان ٿي سنڌي بلوچ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم،“ حشو سائين جي ايم سيد ڏانھن موڪليل ھڪ خط ۾ لکي ٿو.
    شيخ اياز “ساھيوال جيل جي ڊائري” ۾ لکي ٿو: حشو پاڻ کي واڻيو چوائڻ پسند نه ڪندو ھو. “مونکي واڻيو نه چئو. مان واڻيو ناھيان. واڻئي جو مطلب پئسو، واڻئي جو مطلب وياج. مونکي ڄٽ چئو جنھن جو مطلب آھي مڙسي، ڪھاڙي، ڪوڏر، محنت ۽ ھمت،” حشو سنجيده انداز ۾ شيخ اياز کي چوندو ھو.
    حشو واقعي واڻيو ڪونه ھو. ھو ھمت وارو ارڏو انسان ھو. حشوءَ کي آخري ڀيرو 1947 ۾ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ ان الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو ته ھو سڄي سڄي رات پنھنجي فليٽ ۾ ڪجھه لکندو رھندو ھو. تن ڏينھن ۾ ھو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “نئين سنڌ لاءِ جدوجھد” جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رھيو ھو. شيخ اياز “ساھيوال جيل جي ڊائري” ۾ لکي ٿو: جڏھن سندس نظربنديءَ جو معياد وڌائڻ لاءِ کيس مسعود کدرپوش (نوابشاھ ۾ سنڌي سکن جو قتلام ڪرائيندڙ) وٽ پيش ڪيو ويو جيڪو ان وقت ڪراچيءَ جو ايڊيشنل ڪمشنر ھو، ته مان ھن سان ھن جي وڪيل جي حيثيت ۾ گڏجي ويو ھئس. مسعود آءِ سي ايس آفيسر ھو ۽ بمبئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر رھي چڪو ھو. ھو حشوءَ جو اڳ ئي واقف ھو. جڏھن پوليس حشوءَ کي مسعود وٽ پيش ڪيو ھو ته حشوءَ کي ٿري پيس سُوٽ ۽ فيلٽ ھيٽ پاتل ھئا. حشوءَ فيلٽ ھيٽ لاھي مسعود کي چيو“ھلو مسعود!” ۽ جواب ۾ مسعود چيو “ھلو حشو”. پوءِ حشوءَ مسعود سان منھنجو تعارف ڪرايو ھو. مسعود اسان کي ويھڻ لاءِ ڪرسيون آڇيون ۽ پوءِ ڳالھيون ڪندي حشوءَ کي چيو ھو،“حشو تون ھندستان ڇو نٿو ھليو وڃين؟” حشوءَ کُتوجواب ڏنس،“مسعود، ھيءُ منھنجو وطن آھي، مان ھندستان ڇو وڃان.” ان تي مسعود پنھنجي آڱوٺي سان اشارو ڪندي چيو ھوYou Sindhis will be decimated like Red Indians (توھان سنڌين کي ريڊ انڊينس وانگر ملياميٽ ڪيو ويندو). پوءِ مسعود ڪنڌ جھڪائي حشوءَ جي نظربنديءَ جو مُدو وڌائڻ جو آرڊر لکيو ۽ جيستائين اسان سندس ڪمري مان نڪري نه وياسين، ھن اسان کي اکيون مٿي کڻي نه ڏٺو. حشو ڏھه مھينا نظربند رھيو ۽ جڏھن آزاد ٿيو ته کيس ملڪ بدر ڪيائون. اسان حشوءَ کي سائين جي ايم سيد جي گھر تان ايئر پورٽ تي ڇڏي آيا ھئاسين.
    پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد جڏھن انگلينڊ ويو ھو ته سندس ملاقات ڪرشنا مينن سان ٿي ھئي جيڪو اتي ھندستان جو ھاءِ ڪمشنر ھو. سائين جي ايم سيد کيس چيو ھو: مان توھان کي اڳئي سڃاڻان ڇو ته حشو ڪيولراماڻي مون سان توھان جو ذڪر ڪندو ھو.
    ڪرشنا مينن ٻه ٽي ڀيرا نرڙ تي آڱر ھڻي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ھئائين: Yes, yes, now I remember the man…the little man who always said Sindhis are a nation
    سائين جي ايم سيد جو سياسي گُرو حشو ھڪ جيئرو جاڳندو اينسائيڪلوپيڊيا ھو. انگريزي ادب، سياست، سوشلزم، ڪميونزم ۽ تاريخ تي کيس عبور حاصل ھو. ھو شيخ اياز ۽ ٻين کي ڪتاب پڙھائيندو ۽ ليڪچر ڏيندو ھو. “حشو ڪراچيءَ ۾ لا ڪاليج ڀرسان ھڪ فليٽ ۾ رھندو ھو جنھن ۾ ٻه ڪمرا ھوندا ھئا. ٻئي ڪمرا ڪتابن سان ڀريل ھوندا ھئا جن جي وچ ۾ رڳو ويھڻ ۽ سمھڻ جي جاءِ ھوندي ھئي. حشو پاڻ کي Bohemian چوندو ھو. ھن شادي نه ڪئي ھئي ۽ پرائي زال سرلا سان پيار ڪندو ھو،“ شيخ اياز لکي ٿو. حشوءَ جي جلاوطنيءَ کانپوءِ شيخ اياز ۽ سندن دوست مونس پنجابي سندس ئي ڇڏيل فليٽ ۾ رھندا ھئا. بعد ۾ ان فليٽ جو ڇا ٿيو، ڪابه خبر ڪانھي.
    حشو پيار ڀري دل جو مالڪ ھو پر سندس ڇڙواڳ طبيعت جو اثر سندس زندگيءَ جي ھر پھلوءَ مان پڌرو ٿيندو رھيو. “حشوءَ ڪڏھن به وقت تي ماني نه کاڌي، نه ڪنھن مستقل روزگار لاءِ ڪوشش ڪيائين ۽ نه ڪڏھن ھڪ نظرئي جي پيروي ڪئي ھئائين. سندس سڄي حياتي ھڪ سوال جي نشاني ھئي. سندس ذاتي زندگي به ھن جي انھيءَ تذبذب جي عڪاس ھئي. آڪسفورڊ ۾ ھن جي ھڪ ڪرستان ڇوڪريءَ شانتي سيلدونا سان واقفيت ٿي ھئي جيڪا بمبئي جي رھندڙ ھئي. حشو ڪراچيءَ موٽي آيو ته شانتيءَ سان خط ڪتابت جاري رکي ھئائين. انگريز سرڪار خلاف 1942 ۾ جڏھن آزاديءَ جي تحريڪ زور تي ھئي ته حشو بمبئيءَ ھليو ويو ھو ۽ اتي شانتيءَ سان زبردست عشق ھلايائين ۽ وعدو ڪري آيو ھو ته ھو جلد ئي بمبئي موٽي ايندو. حشو 1944 ڌاري ٻيھر بمبئي ويو ته شانتيءَ ھن کي آخري ڀيرو اطلاع ڪيو ته جيڪڏھن ھاڻي به شادي نه ڪيائين ته ھن لاءِ وڌيڪ نه ترسندي. حشو ارادو نه ڪري سگھيو ۽ شانتيءَ ھڪ ڪميونسٽ انگريز آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي،” شيخ اياز لکيو آھي.
    “حشو ھونئن ته سارو وقت سياست، بين الاقوامي معاملن، فلسفي ۽ ادب تي ڳالھائيندو رھندو ھو پر ھڪ ڀيري پھريون دفعو ھن عشق ۽ محبت جي باري ۾ ڳالھايو ۽ چيو: مونکي انھن مردن کان نفرت ھوندي آھي جيڪي ڪنھن خوبصورت عورت جي دوستيءَ تي ٽڏندا آھن. انھن ۾ قابلِ رحم احساسِ ڪمتري ھوندو آھي ڄڻ ته ھو ان تي پاڻ پڏائيندا آھن ته ھنن سان ڪائي خوبصورت عورت ساڻ آھي،” شيخ اياز چوي ٿو. حشو ھڪ اڌ عشق جو قائل ھو.
    شيخ اياز 1963 ۾ حشوءَ سان دھليءَ ۾ مليو ھو. ان وقت سرلا سان سندس شادي ٿي چڪي ھئي. سرلا جو پھريون مڙس شايد گذاري ويو ھو جنھن کاپوءِ ھن حشوءَ سان شادي ڪئي ھئي. شيخ اياز ان ملاقات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: حشوءَ کي ٻه جوان ڌيئر ۽ ھڪ ننڍو پٽ گل جي نالي سان ھو. حشوءَ پنھنجو نالو سردار حشمت الله ۽ پٽ جو نالو گل محمد ٻڌايو ھو. گل پيءُ وانگر جينيس ٿي لڳو جنغن کي جواھر لال نھروءَ چائلڊ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ آل انڊ يا ايوارڊ ڏنو ھو. حشو ان وقت به فري لانس صحافي ھو ۽ ھن پاڪستان جي باري ۾ ڪيترائي مضمون Pakistan Xrayed جي عنوان سان ھندستان اسٽئنڊرڊ اخبار ۾ لکيا ھئا ۽ انھن کي The uprooted and the upright جي نالي سان ڪتاب جي شڪل ۾ مرتب ڪري رھيو ھو.
    “مونکي ايئن ٿي لڳو ته حشو ٽُٽي چڪو آھي. کيس ان ڳالھه جو شديد احساس ھو ته قوم سندس بيقدري ڪئي آھي،” شيخ اياز چوي ٿو. سندس ان ڪيفيت جي باري ۾ ھو لکي ٿو: ھڪ ڀيري لڇمڻ ڪومل دھليءَ ۾ پنھنجي گھر تي منھنجي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ماني ڪئي ھئي. دھليءَ جا ڪيترائي سنڌي اديب مرد ۽ عورتون اتي آيا ھئا. حشو به موجود ھو. رات جا اٽڪل ٻارھن وڳا ھئا. مان پنھنجو شعر پڙھي رھيو ھئس ۽ چوڌاري واھ واھ ٿي رھي ھئي. ايتري ۾ حشو، جو پيتل ھو، اٿي بيٺو ۽ مونکي ٻانھن کان وٺي چيائين،“شاعر اُٿي بيھه!” مان اٿي بيٺس ته ھن چيو،“منھنجن پيرن تي ھٿ رک ته ھنن کي معلوم ٿئي ته مان ڇا آھيان.” مون ھن جي پيرن کي ڇُھيو ھو ته منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ھئا. ھو پوءِ ويھي رھيو ھو ۽ پنھنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
    حشو آدرشي انسان ھو. انسان دوستي ۽ انسانيت جي ڀلي وارا سندس ويچار سائين جي ايم سيد، علاما آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ڏانھن لکيل خطن ۽ سندس ھر لکڻيءَ منجھه سمايل آھن. ھو آدرشن جي ڳولا ۾ سڄي عمر ڇڙواڳ زندگي جيئندو رھيو. سندس اندر جي اُونھائين کي جاچڻ لاءِ رڳو اھي ويھه خط ئي ڪافي آھن جيڪي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “اڄ پڻ چِڪيم چاڪ” ۾ سانڍيل آھن ۽ سنڌ جي ھن گمنام ھيري جي اسان وٽ بچيل ورثي جي حيثيت رکن ٿا. حشو پاڻ صحافي به ھو پر صحافت جي دنيا ۾ موجود گند سبب ھو ان کان به مطمئن ڪونه ھو. ھن 1948 ۾ لکيل ھڪ خط ۾ جنھن نموني ان گند جي عڪاسي ڪئي، اھا اڄ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ موجود صورتحال سان بلڪل ٺھڪي اچي ٿي. حشو لکي ٿو: جتي ذھني آزادي ناھي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڌاڙيلن جا ڀائيوار ھجن، اتي يا ته وڃي صُفي ٿجي يا پنھنجو پليٽفارم پاڻ کڙو ڪجي.
    حشوءَ پاڻ به ھڪ اخبار “سنڌ ھلچل” جي نالي سان ڪڍي ھئي.
    حشوءَ ھندستان وڃڻ کانپوءِ به سنڌيت کي ڪونه وساريو. ھن ھندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ٻين سجاڳ سنڌين سان گڏجي ھن 1956 ۾دھليءَ ۾ “سنڌُو سماج” تنظيم ٺاھي جنھن جو ھو 1961۾ صدر به چونڊيو. ان تنظيم جو مقصد سنڌي اسڪول کولڻ، سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ شامل ڪرائڻ، سنڌي ڪتاب ڇپرائڻ، سنڌي استاد مقرر ڪرائڻ، سنڌين لاءِ بورڊنگ ھائوس ٺھرائڻ وغيره ھو. حشوءَ دھليءَ ۾ پھريون سنڌي ٻولي ڪنوينشن به ڪوٺايو جنھن ۾ ھندستان جو ان وقت جو صدر راڌا ڪرشن خاص طور شريڪ ٿيو ھو.
    حشوءَ نه رُڳو پاڻ سنڌي ڪھاڻيون لکيون پر ٻين سنڌي ليکڪن جون ڪھاڻيون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي دنيا جي ٻين قومن سان روشناس ڪرايو. ھندستان جي مختلف ٻولين جي ادب بابت لکيل تحقيقي ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ حشوءَ جي ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو ذڪر لازمي ملي ٿو. سندس ترجمو ڪيل ڪھاڻيون ڪتابي شڪل ۾ موجود آھن جن ۾ امر لال ھڱوراڻيءَ جي ڪھاڻي “ادو عبدالرحمان”، ڪلا پرڪاش جي ڪھاڻي “خانواھڻ”، سُندري اُتم چنداڻيءَ جي ڪھاڻي “پٽ جي خواھش”، تيرٿ بسنت جي ڪھاڻي “فرنيچر” ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون شامل آھن. حشوءَ جي پنھنجي ھڪ ڪھاڻي “پدما” جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪا اڳي سنڌي رسالي “لھرون” ۾ ڇپي ھئي.
    حشوءَ جو سندس حياتيءَ ۾ قدر ته ڪونه ٿيو، جنھن جو ارمان کيس عمر ڀر رھيو ۽ پنجاھه ورھين جي ڄمار تائين پھچندي ھو اندر ۾ ڀڄي ڀورا ٿي چڪو ھو، پر ھندستان جا سنڌي ھاڻ کيس ھڪ مھان ھستيءَ طور ياد رکن ٿا. اديپور، ڪڇ، گجرات ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران موھن گيھاڻيءَ جو ڇپرايل ڪتاب History of Sindh سائين جي ايم سيد ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ کي ارپيو ويو آھي. ارپنا ۾ لکيل آھي؛ Dedicated to proud sons of Sindhi soil – Saeen G. M. Syed and Hashu Kewalramani.
    حشو، سنڌ ۽ سنڌيت جنھن جي نس نس ۾ سمايل ھئي، جنھن جي مائٽن کيس ڪليڪٽر ڏسڻ ٿي گھريو، جنھن اميراڻي حيثيت ھئڻ جي باوجود عوامي سياست ڪرڻ کي پسند ڪيو، ان ھستيءَ جي حياتيءَ جا پڇاڙيءَ وارا ورھيه ڏاڍا ڪسمپرسيءَ ۾ گذريا. ناليواري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، جنھن جي زندگيءَ تي به حشوءَ جو وڏو اثر ھو، پنھنجي آتم ڪٿا “ڪجھه ٻڌايم، ڪجھه لڪايم” ۾ حشوءَ جي انھن افسوسناڪ حالتن جو ذڪر ڪيو آھي. ھو لکي ٿو: حشو دھلي ڇڏي بمبئيءَ وڃي رھيو. اتي ھو پنھنجي ڀيڻ جي گھر ۾ کليل بالڪنيءَ ۾ رھندو ھو. رات جو دير سان اچي بالڪنيءَ ۾ فراسي وڇائي سمھي پوندو ھو. راتين جو رولاڪ ھئڻ سبب کيس اتان به نيڪالي ملي جنھن کانپوءِ ھو مساڻن ۾ زندگي گذارڻ لڳو. ھو گھڻو ڪري سنڌين جي پنھنجي اڏيل شھر اُلھاس نگر جي مساڻ ۾ رھندو ھو. ھو چانھه ۽ ڊبل روٽيءَ تي گذارو ڪندو ھو پر ڌُم سگريٽ ڇڪيندو ھو. حشوءَ ڪم ڪار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ھو. سندس گذارو پٽ سٽ تي ٿيڻ لڳو ھو. ھو دوستن کان ان وعدي تي قرض کڻندو ھو ته سندس ڪتاب ڇپجندو ته کين پئسا موٽائي ڏيندو. ماڌو ڀمڀاڻي آخري ماڻھو ھو جنھن حشوءَ کي آخري ڀيرو ڏٺو ھو ڇو ته حشو کانئس ٽي سئو روپيه اُڌارا وٺڻ آيو ھو.
    حشوءَ جي حالت تي ان رات آسمان به روئي ڏنو ھو ۽ ايترو ته رُنو جو بمبئيِءَ ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي۽ نديون نالا اٿلي پيا ھئا. اُن رات حشو ھميشھه لاءِ گم ٿي ويو. خيال ڏيکاريو ويو ته حشوءَ کي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇولي پنھنجي آغوش ۾ کڻي ھلي وئي ھوندي، کيس دنيا جي ڏکن کان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ. ڪجھه حلقن جو اھو به خيال آھي ته جنھن ڌرمشالي ۾ حشو رات رھيو ھوندو، اتي ڪنھن شاھينگ ٽي سئو روپيه ڦٻائڻ لاءِ کيس قتل ڪري لاش پوري ڇڏيو ھوندو. مشھور ڪھاڻيڪار موھن ڪلپنا جو به اھڙوئي خيال ھو. موھن به اڪثر حشوءَ جي مالي مدد ڪندو رھندو ھو.
    حشو ڪيولراماڻيءَ لاءِ عام طور چيو وڃي ٿو ته ھو پنھنجو ذھني توازن وڃائي ويٺو ھو. ڪيرت ٻاٻاڻي ان ڪيفيت کي Super Ego جو نتيجو سڏي ٿو. ماڻھو ان ڪيفيت کي ڇا به سڏن، اسان رڳو اھو سوچيون ته جنھن شخص سنڌ ڌرتيءَ سان عشق ڪيو، جنھن کي پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار جي سزا ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو، جنھن جلاوطنيءَ ۾ به پنھنجن کي نه وساريو، ان شخص جي اندر جي ڪيفيت ڇا ھوندي. انھيءَ ڪيفيت جو اندازوعلاما آءِ آءِ قاضيءَ ڏانھن لکيل سندس خط جي ھنن سِٽن مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪا سندس وصيعت جي حيثيت رکي ٿي، پر سندس اھا وصيعت به پوري نه ٿي سگھي. حشوءَ خط ۾ پنھنجي مزار جو ڪتبو لکيو ھو ته: ھتي اھو ماڻھو رکيل آھي جيڪو انھن کان ڀڄي ويو، جن کيس گھڻو پيار ڪيو ٿي، ان ڳالھه جي ڳولا لاءِ جنھن جو کيس پاڻ پتو نه ھو.”
    اڄ تائين ڪنھن کي به پتو نه پيو ته حشو ڪاڏي ويو. شاعر ادل سومري جي چواڻي: حشو ڪيولراماڻيءَ جو ڏس پتو ڪنھن کان پڇجي؟

    nasiraijazpk@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو