ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين ، ڇو ملڻ ڀي ڇڏي وئين انسان دوست ، سنڌ جي اڏول شاعر زخمي چانڊيو 17 ورسي جي مناسبت سان ابراهيم لاشاري (وارهه ) سونهاري سنڌ جي تاريخي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿئي پيو ته هن سر زمين سنڌ هميشه هميشه ڪئي ڏاها ،علم جي اڪابرن ، صوفي ، ولي ، عالم ، فاضل ،اديب ، شاعرن کي پنهنجي گود ۾ قديم زماني کان وٺي پئي جنم ڏنو آهي اهو سلسلو تا قيامت تائين جاري رهندو سونهاري سنڌ جي جاگرافي لحاظ کان نظر ڊوڙائبي ته شڪارپور به علمي ادبي ، سياسي ، سماجي، ثقافتي ، اهل قلم ،شاعرن اديبن جي سڀني رنگن سان سرشار نظر پيو اچي ،هن علائقي جن به شاعرن اديبن ، محققن ، سياسي ، سماجي ، شخصيتن کي جنم ڏنو آهي ، تن پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ادبي پورهي ۽ ڪوششن سان سونهاري سنڌ ۾ اعلي درجي جو مقام پڻ حاصل ڪيو هتي اڄوڪي تاريخ 24 آڪٽوبر 2000ع اڱاري ڏينهن تي هڪ سچي انسان ، ۽ انسان دوست شاعر زخمي چانڊيو جي شهادت جي ڏينهن سان ياد ڪيو پيو وڃي ، ڇو جو سڀني وصفين سهڻو ، بي ڊپو ، ماڻهون مڻيادار ارڏو پٽ هن ئي تاريخ تي شاعري جي سڀني صفنون ۽ قلم بند ڪري سنڌ واسين کان جواني واري عمر 39 سال 8 مهينا ۽ 23 ڏينهن زندگي جا پل گذاري صبح جو 30_8 وڳي شهادت جو جام نوش ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيو هن علم دوست شاعر جي ڇٽي جو نالو ڄام خان ۽ والد صاحب جو جوابپور چانڊيه نالو مولابخش خان چانڊيو هو جيڪو شڪارپور تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڊکڻ لڳ ۾ مئي مهيني جي جهولن واري گرم موسم جي پهرين تاريخ سومر ڏينهن سال 1961ع ڌاري پهريون ساهه کڻي جنم ورتو هن ذهين نينگر جي والدين بهترين تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي علي خان ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن سنڌي پنج درجا نهايت ذهانيت ۽ هوشياري سان پاس ڪري تعليم کي اڳتي وڌائيندي ڊکڻ هاءِاسڪول منجهان مئٽرڪ جو امتحان پڻ پاس ڪري هاير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور منجهان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪيائين تنهن بعد سال 1979_ 12_05 ڌاري ( هن ڏينهن سندس پٽ خالد چانڊيو جي جنم ڏينهن ) تعليم کاتي ۾ درس دتدريس جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو. ان زماني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتوديرو منجهان پوسٽ گريجوئيٽ ( اسلامڪ ڪلچر ) جي ڊگري حاصل ڪيائين سال 1984ع ڌاري پنهنجي من جو آواز عام خلق تائين رسائي ( زخمي چانڊيو) جي نالي سان شاعر ٿي اڀريو .شاعري جي اصلاح به هن نامور شاعرن محترم نثار بزمي صاحب ۽ محترم سرڪش سنڌي صاحب کان سڀ رنگ حاصل پئي ڪيائين ، هن ڪومل جذبن جي حساس دل رکندڙ عظيم شاعر پنهنجي من اندر جي احساسن جو اظهار شاعري جي روپ ۾ ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري اسان کي ٻڌايو آ پاڻ زخمي چوي ٿو ته ڏاڍو ساريندين، منهنجي مئي کانپوءِ تون، اخبارن ۾ تعزيتون ، ڏهه ڏهه ڏياريندين، منهنجي مئي کانپوءِ تون جيئري قدر ڪونه ڪيئهه، ڳوڙها ڳاريندين ، منهنجي مئي کانپوءِ تون ، اوڇنگارون ڏئي لاش تي ، راڄ روئاريندين، منهنجي مئي کانپوءِ تون ، جهر جهنگ منهنجي شاعري ، نيٺ جهونگاريندين ، منهنجي مئي کانپوءِ تون ، قبر جو قتبو پڙهي ، گل وڇائيندين ، منهنجي مئي کانپوءِ تون ، زخمي ءَ لئه ماتم ڪري ، نيٺ وساريندين، سندس شاعري جو عڪس مجموعي طور ڌرتي سان محبت ۽ عشقيه نظر اچي ٿو هو ٿورڙي عرصي ۾ هو همعصر شاعرن کان تمام جهجي مقبوليت ماڻي گوءِ کڻي ويو سندس شاعري ۾ عوامي رنگ جي ڪري هو سڄي سونهاري سنڌ ۾ هڪ مشهور شاعر بڻجي ويو .مزاحمتي شاعر واري پهلو زخمي چانڊيو کي جيل جو منهن به ڏيکاريو مڱر پوءِ به هو نه مڙيو ۽ اڳ کان اڳرو نظر آيو ،زخمي چانڊي کي سنڌ جي ڪنهن ۾ شهر ۾ ادبي ، مشاعري جي دعوت ملندي هئي ته اتي پهچي ان مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري مٺڙي آواز ۽ ترنم سان پڙهي چوڏهن چند لڳائي ڇڏيندو هو . ۽ اديبن ،شاعرن کان (واهه زخمي واهه ) جو داد پيو حاصل ڪندو هو ، زخمي چانڊيو صاحب عام زندگي به نهايت لاجواب نموني گذاريندو هو زخمي چانڊيو صاحب يارن جو يار هو سندس زندگي خوش اخلاق ۽ خوش مزاج سان ٽم ٽار هوندي هيس هو هميشه بردباري ۽ چهري تي شينهن جهڙو روب هوندو هيس زخمي چانڊيو کي ادبي سرگرمين ۾ گهري دلچسپي به هوندي هيس پاڻ سال 1991ع ڌاري ڊکڻ شهر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پايو وڌائين اڳتي هلي زخمي چانڊيو صاحب پاڻ سنڌي ادبي سنگت شڪارپور جي ضلعي رابطا سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪندورهيو پاڻ (سچوا )تنظيم سنڌ جو مرڪزي نائب صدر ۽ مرڪزي سيڪريٽري آل سنڌ ريسورس پرسن تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ پڻ رهيو ، سنڌ جو هي بهادر شاعر استادن جي نمائنده تنظيم(گسٽا ) ضلعي لاڙڪاڻو جو پريس ترجمان پڻ رهيو ، ان کان علاوه هي انسان دوست شاعر زخمي چانڊيو انسان ذات لاءِ ڪم ڪندڙ تنطيم (هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ) جو نهايت برجستو سرگرم ڪارڪنن منجهان هو جڏهن ته ان زماني ۾ هن انسان دوست شاعر وٽ سواري لاءِ هڪ سوزڪي موٽر سائيڪ پڻ هوندي هئي جنهن جي اڳيان هڪ نعرو هميشه (انساني حق ) درج هوندو هو، زخمي چانِڊيو صاحب پنهنجي شاعري واري زبان سان سڀني انسانن کي امن ڀائيچاري ، محبت سان رهڻ جي ڪيڏي نه سهڻي تلقين ڪري چوي ٿو ته انسانن کي او انسان ! مار نه تون بيدردي سان تنهنجو ساٿ ازل جو آ زخمي زخمي زخمي سان زخمي چانڊيو صاحب سال 1996ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ جواب پور چانڊيه کي ڇڏي اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ پنهنجي رهائيش اختيار ڪيائين ،سندس شاعري کي ڪيترن ئي سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ڳائي زخمي صاحب سان گڏ پنهنجو نالو پڻ نروار ڪرايو زخمي جو پهريون گيت جنهن سندس مقبوليت آسمان تي پهچايو اهو هو (شمن علي ميرالي جي آواز ) ۾ ٻول هئا (ڇو اچڻ ڀي ڇڏي وئين ڇو ملڻ ڀي ڇڏي وئين )ان کان علاوه فوزيه سومرو ، ماسٽر منظور ، صادق فقير ، برڪت علي ، غلام شبير سمون ، ديدار علي سمون ، تاج مستاني ، عاشق نظاماڻي ، غلام علي سنڌيلو ، سرمد سنڌي ، سليم رضا ڪنڀر ، ۽ حاجي امدادالله ڦلپوٽو پڻ (نعتيه ڪلام ) ڳائي ٻڌندڙن کان داد حاصل ڪيو ، هن سماج سڌارڪ ۽ مزاحمتي عوامي شاعر کي رب سائين 6 پٽن ۽ 6 ڻياڻين جي اولاد سان نوازيائين ، جن جي تربيت پڻ بهترين نموني جي ڪيائين سندس هڪ پٽ خالد چانڊيو سندس نقشي قدم تي هلي هڪ بهترين شاعر ۽ بهترين براڊ ڪاسٽر جي ادبي حلقي ۾ سڃاڻپ رکي ٿو ، جڏهن ته ٻه ٻيا پٽ حفيظ چانڊيو ۽ ساجد زخمي چانڊيو پڻ ادبي لڏي سان گهري دلچسپي پڻ رکن ٿا هنن ڀائرن هميشه پنهنجي والد صاحب جو نالو ادبي دنيا ۾ روشن ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي سندن کي جس هجي ته هو هر سال پنهنجي شفيق والد جي ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندي نظر اچن ٿا جتي زخمي چانڊيو ايوارڊ سان سنڌ جي اديبن کي نوازيندا رهن ٿا سنڌ جي هن ڀلوڙ مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو کي پڻ ڪيترن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو جن ۾ ( سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران بهترين رابطه سيڪريٽري ، سچوا پاران بهترين مرڪزي سماجي اڳواڻ ، استاد بخاري ادبي فورم لاڙڪاڻو پاران ڏئي سندس جهول ڀري وئي هن ڀلوڙ مزاحمتي شاعر جي شاعري جا ٽي ڪتاب شهر شهر زخمي 2001 ع ۽ ٻيو ڏاڍو ساريندين سال 2004ع ۽ ٽيون ڪتاب ٻه ڏينهن اڳ (مٺڙا ٻار 2017) ٻارن جي شاعري ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن پاڻ زندگي ۾ ڪيترن ئي اخبارن ، رسالن ۾ مضمون لکي سنڌي اديب جي جهول ڀريائين ، سندس جون سماجي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن زخمي صاحب پاڻ پنهنجو فرض نڀائڻ لاءِ هاءِ اسڪول شيخ زيد ڪالوني لاڙڪاڻو ڏانهن خالد ،حفيظ ، ساجد ۽ گهروارن کان موڪلائي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ويٺل هٿياربندن مٿس انڌانڌ فائرنگ ڪري سنڌ جي اربيلي شاعر کي سڀني سنڌ واسين کان هميشه هميشه لاءِ ڌار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو سندس وڇڙي کي اڄ سترهن سال گذري چڪا آهن مڱر هو اڄ به هر شعور واري انسان کي ياد آهي سندس جي سالياني ياد 22 آڪٽوبر 2017 آچر ڏينهن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ هڪ زبردست پروگرام منعقد ڪيو ويو جتي سنڌ جي ناليوارن اديبن ، شاعرن محترم تاج جويو صاحب ،آزاد انور ڪانڌڙو ، علي آڪاش ، عزيز سانگي ، عيسي ميمڻ ، خالد چانڊيو، رضوان گل، سڄڻ سنڌي ، رياضت ٻرڙو، حفيظ چانڊيو ، ڀائو در محمد ٻرڙو، سرمد چانڊيو ،ساجد چانڊيو، رياض سومرو کان علاوه ڪيترن ئي اديبن شاعرن سندس جي ادبي پورهي تي روشني وجهي ڀيٽا پيش ڪئي ، ان موقعي تي سندس جي تازي ڪتاب (مٺرا ٻار ) جي مهورت پڻ ڪئي وئي . سندس جي اڄ 24 آڪٽوبر 2017ع تي 17 ورسي شاندار نموني سان ملهائي ويندي سندس جي مزار اباڻي ڳوٺ جوابپور چانڊيه ۾ واقع آهي ، پاڻ ڪهڙي نه مٺري زبان سان شعر چئي ٻڌائي ٿو ته پيار اسان پنهنجايو آهي باقي سڀ اجايو آهي جنت جهڙو ديس اسانجو، سڀني جو سرمايو آهي .