1 اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛ سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي. 2 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛ تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛ اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا. 3 اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛ هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛ بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين. 4 آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛ لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛ مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو. 5 وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛ هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛ معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛ سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛ ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي. 6 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛ ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛ ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ سامُهان. 7 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِهو وِهائج وِيُّ؛ کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛ پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو. 8 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، اِيُ هيڪڙائِئَ حَقُّ؛ ٻيائِي کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورِسيا. 9 سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ ناهِ؛ هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانِھ؛ وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا. 10 عاشق چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ معشوق؛ خالق چَؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چَؤ مخلوق؛ سَلِج تنهن سُلوڪ، جو ناقِصئا نِڱيو. 11 وحدتان ڪَثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛ حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛ هُو هُلاچو هُل، با الله سندو سڄڻين. 12 پاڻَهِين جَلَّ جَلَالَہٗ، پاڻهِين جانِ جمالُ؛ پاڻهِين صورت پِرِينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛ پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛ سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي. 13 پاڻَهِين پسي پاڻکي، پاڻهِين محبوب؛ پاڻهِين خلقي خوب، پاڻهِين طالب تن جو. 14 پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛ هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا. 15 ايڪ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻِسِ ڳڙکيون؛ جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهُون. 16 ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛ جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛ پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان. وائي سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛ نيهن نيڻيڻ، ڳُڻُ ڳالهه وو. جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛ لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي. شاه صاحب (نوٽ) متعلقه سيڪشن ۾ ٿريڊ کي موو ڪرايو ويو
جواب: شاه صاحب (سر ڪلياڻ) تمام بهترين سائين لاجواب ڪوششون آهن توهان جون سنڌ سلامت فورم لا۽ اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ