بردو سنڌي : سنڌي ٻوليءَ جو بلند پايه شاعر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    بردو سنڌي موجوده دور جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. کيس خاص ڪري گيت جي صنف ۾ ڪمال حاصل هو. هن جو اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري هو. هن ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾، 15 مارچ 1922ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليمدوران شاعري ڪيائين، جيڪا پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ترڪ ڪيائين، ۽ 1954ع ۾ پنهنجي دوست ’نظر سنڌي‘ مرحوم نوابشاهه واري جي صحبت ۾ ٻيهر شاعري شروع ڪيائين. آبداريءَ جو امتحان ڏئي، نوابشاهه جي مختيارڪاريءَ ۾ ملازمت ڪيائين ۽ هميشه لاءِ نوابشاهه ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”اکڙيون ميگهه ملهار“ ۽ ”بوندون بس نه ڪن“ ڇپيل آهن. ”اکڙيون ميگهه ملهار“ تي پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان کيس هڪ هزار رپيا انعام طور ڏنا ويا. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه شايع ڪيو هو. سندس ٻيو شعري مجموعو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ”بوندون بَس نه ڪن“ عنوان سان شايع ڪيو. بردي سنڌيءَ، سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. هن 26 آڪٽوبر 1988ع تي ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ وفات ڪئي. سندس سموري سنڌي، سرائيڪي ۽ ترجمو ٿيل شاعري تاج جويي ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪئي آهي، جيڪا ڇپائيءَ هيٺ آهي .

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڄڻ سفر هليا

    بردي سنڌي جي ياد ۾

    نوٽ: سال جا ڪي مهينا، مهينن جا ڪي ڏينهن ۽ ڏينهنجي ڪن پهرن ۾، ڪي اهڙيون شخصيتون جنم وٺنديون آهن، جيڪي انهن سالن ۽ پهرن جي حوالي سان نه، پر اهي سال ۽ پهر سندن امر نالن سان ڄاتا سڃاتا ويندا آهن. اهڙين ماکيءَ کان وڌ مٺين شخصيتن جو ظاهري وڇوڙو ڪئلينڊر جي ڪنهن تاريخ جي نراڙ تي ثبت ٿي ويندو آهي، پر سندن وجود سندن تخليق ڪيل ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ لفظن جي خوشبوئن ۾ هميشه هميشه لاءِ واسيل رهندو آهي. همعصر جديد سنڌي ادب جي هڪ اهڙي محترم ۽ قداور شخصيت سائين بردو سنڌي (جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ ”گيتن جي بادشاهه“ جي روح پرور عرفيت رکي ٿو) اسان کان 1988ع جي ڪئلينڊر جي تاريخ 26 آڪٽوبر تي ظاهري طور تي اسان کان وڇڙي چڪو آهي، پر سندس لافاني شاعريءَ جو هڳاءُ بردي صاحب جي ٻاجهاري ۽ محترم شخصيت وانگر هميشه سنڌي ادب جي پڙهندڙن جي حواسن تي دائم ۽ قائم رهندو.

    هتي اسان سنڌي ٻولي جي چند ناميارن ليکڪن جا تاثر، سندس شخصيت ۽ فن کي ڀيٽا طور پيش ڪريون ٿا، پر ان کان اڳ سنڌ جي سد بهار عالم جناب مولانا غلام محمد گرامي جو بردو سنڌيءَ تي لکيل خوانحي خاڪو هتي آڻڻ منساب ٿا سمجهون، جيڪو گرامي صاحب، مهراڻ رسالي جي شاعر نمبر ـــ 1967ع ۾ شايع ڪيو هو.

    مولانا غلام محمد گرامي لکيو هو:

    ”محمد رمضان ”بردو“ سنڌي والد خدا ڏنو لاشاري، سنڌي جديد شاعريءَ ۾ رسيلن گيتن سان ڪافي مشهور شخصيت جو مالڪ آهي. اصل ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقو ميرپورماٿيلو اٿس، مگر هاڻ مستقل طور نوابشاهه ۾ رهي ٿو. مارچ 1922ع ۾ ڄائو، محترم بردي، پرائمري تعليم دوران شعر لکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ سندس استادن همت افزائي ڪئي. ابتدائي ڪلام، شعر و شاعريءَ کي منحوس تصور ڪندي ساڙي ڇڏيائين، پر 1954ع ۾ ”نظر“ سنڌي مرحوم جي صحبت ۾ دوباره شاعري شروع ڪيائين، سندس گيتن ۾ شيريني ۽ دلڪشي، رنگيني ۽ سادين تشبيهن جو استعمال عام آهي. 1961ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ نوابشاهه سندس مجموعه ڪلام ”اکڙيون مينگهه ملهار“ شايع ڪيو، جنهن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان کيس هڪ هزار رپيا انعام ڏنو ويو. محترم بردي چند افسانا ۽ مضمون به لکيا آهن. ”رسالي مهراڻ“، ”نئين زندگي“ ۽ سنڌ جي سڀني ادبي رسالن ۾ سندس ڪلام، ڪافي انداز ۾ شايع ٿيل آهي.

    برده سنڌي، اسم بامسميٰ آهي. گيت لکڻ جو بادشاهه، رنگين ۽ شيرين رسيلي ۽ سريلي ٻوليءَ ۾ باڪمال شاعر ـــ سندس شاعريءَ جا تجربا، پيارا ۽ من موهيندڙ آهن. زبان سليس ۽ ڳوٺاڻ استعمال ڪرڻ تي وڏي مهارت رکي ٿو. سندس فن جو هر نقش هن دور جي ڪنهن نڪته ۽ زنده مسئلي سان وابسته آهي. ڳوٺاڻي زندگيءَ جو هر حسين منظر، برده جي شاعرانه اک ڏٺو آهي. زندگيءَ جي هر زخم کي سندس دل سٺو آهي، اهوئي سبب آهي جو سندس هر تاثر ذاتي آهي ۽ سندس هر فن ــ پارو، مشاهدي تي مشتمل آهي.

    حقيقي شاعر اهو ئي آهي جو پنهنجو مشاهدات ۽ تاثرات کي محسوس ۽ مشهود رنگ ۾ اول گرفت ۾ آڻي ۽ پوءِ پيرايه بيان جي رنگين ۽ دلاويز لباس ۾ پيش ڪري سگهي.

    برده سنڌي ۾ هڪ باڪمال ۽ رنگين شاعر جو روح آهي، جو هر وقت جذبات جي دنيا ۾ رقصان ۽ پيچان آهي.“

    ٽماهي مهراڻ تان ورتل
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پاڻياريءَ سر ٻهڙو....

    ’برده‘ جي شاعري ڏسي، مون کي بلڙيءَ واري جي پهرين سٽ ياد ايندي آهي: ”پانياريءَ سر ٻهڙو، جر ۾ پکي جيئن“. هن جي ڪلام ۾ اهڙوئي خوبصورت توازن، نزاڪت، لچڪ ۽ ديهات جي روماني زندگيءَ جي جهلڪ آهي، جهڙي پاڻياريءَ جي مٿي تي گهڙا پيدا ڪندا اهن ۽ هن جي گيتن ۽ نظمن ۾ اهڙي بي ساخته رواني ۽ پاڪيزگي آهي، جيئن جر ۾ پکي لهوارو ويندو هجي.
    شاعر هر انسان جيئن پنهنجي ماحول کان متاثر ضرور ٿئي ٿو ۽ هو، چاهي يا نه ڇاهي، خارجي ۽ داخلي زندگي جا تاثرات هن جي شاعريءَ مان ضرور بکن ٿا. پر جيئن مصور لاءِ رنگ فضا کان زياده اهميت ٿا رکن، تيئن لفظ شاعر لاءِ پنهنجي ماهول کان زياده اهم آهن. هو لفظن جو مصور آهي ۽ هر لفظ کي روح آهي، جنهن جي گهرائي شاعر کان زياده ڳوئي نٿو پرکي سگهي. هر لفظ جي پنهنجي پنهنجي حسين دنيا آهي ۽ شاعر جو روح لفظن جي نگريءَ نگريءَ ۾ ڀٽڪندو رهندو آهي، ان جي ماڙيءَ ماڙيءَ ۾ مهمان هندو آهي. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪيترا لفظ جي پنهنجي ليکي اڻوڻندڙ لڳندا آهن، سي جڏهن شاعر سٽ جي گلدان ۾ آڻيندو آهي، ته اهي چهچ ساون پنن وانگر لُڀائيندڙ لڳندا آهن. ’شاهه‘ جي شاعريءَ ۾ اهڙا بي انتها مثال آهن ۽ ان ڪري شاهه جي شاعريءَ ۾ لفظن جو طلسم ملي ٿو، سو شايد ئي ڪنهن سنڌي شاعر ۾ ملي. ’برده‘ جي شاعريءَ جي بهترين خوبي، هن جي ٻوليءَ ۾ حسن جي تلاش آهي. ان ۾ بي پايان سمندر جون موجون نه آهن جي سفينن سان ٽڪرائجي، انهن جا بادبان اُڏائي ڇڏينديون آهن، جي پنهنجين گهراين مان اُڀري ڪنهن دور دراز ساحل لاءِ سينا ساهينديون اُڏامنديون وينديون آهن. انهن ۾ به حسن هوندو آهي، پر انهن جي گهرائيءَ ۽ تڙپ واري شاعري ٻي نوعيت جي هوندي آهي. ’برده‘ جي شاعري شيشي جي مڇلي ــ گهر آهي، جنهن ۾ خوبصورت لفظ چونڊيل، وڻندڙ، مڇيءَ وانگر تڙڳندا نظر اچن ٿا ۽ نظر کي ٿاڌل، رنگيني ۽ هلڪي تڙپ بخشين ٿا.

    ــ شيخ اياز

    (اکڙيون مينگهه ملهار جو تعارف)
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيئرا جاڳيندا گيت

    ڪنهن به شاعر جي شعر جي ان کان وڌيڪ پوري ۽ صحيح تعريف نٿي ٿي سگهي، جو ان کي ڪنهن جيئري جاڳنديءَ ۽ سونهن ڀريءَ شيءِ سان تشبيهه ڏني وڃي.

    بردي جا گيت مون ٻڌا ۽ پڙهيا آهن، پر اهي جيئرا جاڳنيدا گيت ڏٺا به اٿم. ٻنين ۾ لابارن ويل، انهن جي هٿ ۾ ڏاٽو هوندو آهي. سانوڻ جي مند ۾، انهن جي چپن تي مرڪ هندي آهي. ڪڏهن کوهه تي، نيسر وٽ بيهي، بردي جا گيت ٽهڪ ڏيندا آهن، ته ڪڏهن اُماوس جي اونداهين راتين ۾، لوڙهن ۽ ڍنگهرن جي پويان، ڇيڻن جي دونهاٽيل فضا ۾، ويٺا لڙڪ هاريندا آهن.

    سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن به سونهن ڀريءَ ۽ ڦاٽندڙ وهيءَ واري ڇوڪريءَ جو تصور ڪريو ــ اها آهي بردي جو جيئرو جاڳندو گيت!

    ان جي پوشاڪ ۾ بردي جي گيتن جي سادگي هوندي،
    ان جي اکين ۾ بردي جي گيتن جو اٿاهه پيار هوندو،
    ان جي منهن ۾ بردي جي گيتن جي ڀرپور جواني هوندي؛
    ان جي ڳالهين ۾ بردي جي گيتن جو ميٺاج هوندو،
    ان جي لڙڪن ۾ بردي جي گيتن جي اونهائي هوندي،
    ان جي مرڪن ۾ بردي جي گيتن جي بي اختياري نظر ايندي،
    ۽ ان جي رفتار ۾ بردي جي گيتن جو ترنم هوندو.

    ـــ تنوير عباسي

    (اکڙيون مينگهه ملهار جو مُهڙ) 1961ع
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جوڀن ٻه ــ ٽي ڏينهڙا

    بردو گذاري ويو ــ هيڪر دل چيو: ويچارو سورن کان ڇُٽي پيو ـــ وري دل هنجو هارڻ لڳي. چئي: ”اها اڪيلائي نيٺ ڪڏهن پاڻ کي به نهوڙي نيندي.“ انهن اولٽارن ۾ بردي جا ٻول ياد پيا اچن:

    جوڀن ٻه ــ ٽي ڏينهڙا، جيئڻ ٿورا ڏينهن

    شاعر ته سدا حيات هوندا آهن. بردو برابر مري ويو، پر ان جي شاعري مرڻي ناهي. اها شاعري جنهن ۾ محبتن جا ملهار پيا دليون ديوانيون ڪن ۽ جنهن جون دلبريون پيون روح ريجهائين، اها شاعري جيڪا اسان جي ئي ٻوليءَ ۾ اسان جا دک درد اسان جي آڏو پئي دهرائي:

    ـــ آءُ اچي ڳيراٽي پاءِ، نماڻي ڪمري وِهانءُ
    ـــ بردا! اوڏي باکڙي، روئندن ڏيندي رَس
    ڇني يار سهاڻا نه ڇورو ڪري وڃ.

    انهيءَ شاعريءَ ۾ پنهنجن ۽ پراون جا سور به سانڍيل ته دنيا جا درد به سمايل آهن، ڄڻ ڪنهن چواڻي: سڄي جڳ جا آهن، اسان جي شاعر جي هيانو ۾ هيڪاندا ٿي چڪا هئا:

    ــ بردا! درد ڪُڻي منجهه آيا،
    پنهنجا ٿيڙا هاءِ پرايا.

    ـــ ڌاريا ڌر جا ويري نڪتا،
    حيف هجي اڻ ڪوٺين کي.

    ــ جاڏي ڪاڏي گوليون گولا،
    هاءِ ٻري ٿو اڄ بيروت!

    خاص ڪري اها شاعري، جنهن ۾ بردي پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جا گيت ڳائي پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو ۽ ان جي درياهه کي پنهنجي دل سمجهيو:

    تنهنجي موج کي مالڪ بخشيو، آهي اوج ازل کان سنڌو،
    تنهنجي مستيءَ ۾ آ هستي، پڇ تون منهنجي دل کان سنڌو.

    اسان جو اهو زنده دل شاعر گذاري ويو ته به زنده ليکيو ويندو:

    اهو مرڻو ئي ناهي جنهن جي دل عشق جي جذبي سان جيئري هجي.

    بردو اسان جي شاعراڻي لڏي جو لڄ ڀريو لاکيڻو ساٿي هو. انسان دوستيءَ جي هام ته هرڪو هڻندو رهي ٿو، پر انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پورو پئجي اچڻ سڀ ڪنهن جي وس وٽان نه آهي. جنهن کي ڪاريءَ گپ مٿان بيٺل پاڻيءَ سان ڀيٽي ٿو سگهجي؛ اهو سينواريل پاڻي جنهن جي سيني مان ڪنول جا گل اُڀا ٿي ڪنهن لال ڪنوار جئان پاڻ لکائڻ لڳندا آهن.
    انهيءَ ئي ماحول جا ٻوساٽيل اديب ۽ شاعر جڏهن پاڻ کي سڄي اڻ سڌريل سماج جو سڌريل سرواڻ سمجهي پنهنجي ليکي پيغمبريءَ جا خواب لهندا آهن، تڏهن ٻيا ته ٺهيو، پنهنجا گهاٽا يار به هنن کي ڪونه ڀانءِ پوندا آهن.
    بردو جيئن اسان جي سنگت ۾ آيو، اسان ائين ڀانيو، ڄڻ ڪنهن اڻ پوري بابت جي پورائي ٿي چڪي هجي. پاڻ شروعات کان ئي رشيد، رباني، تنوير ۽ راقم کان وٺي گرامي صاحب توڙي چاچي گدائيءَ تائين ننڍن وڏن جو ساهه سيباڻو بڻجي ويو.
    هن جي شاعري مشاهدي جي شاعري هئي، جنهن مان سچائي جي ساک بکندي ٿي رهي. هو جيڪي به جيئن به محسوس ڪندو ٿي آيو، تيئن ان کي شاعراڻو رنگ ڏئي گيتن، بيتن، غزلن ۽ نظمن ۾ نروار ڪندو ٿي ويو. هن هروڀرو مطالعي جي زور تي بي جوڙ قافين، بي سواد رديفن ۽ ڌارين جملن جي ڀرتي ڪري پنهنجي شاعراڻي ساک کي کلڻ هاب نٿي بڻايو، نه وري مرحوم پير حسام الدين راشدي چواڻي ’جڙتو لفظن سان پنهنجي ٻوليءَ جو نقصان ٿي ڪيائين.‘ شاعريءَ وانگي سندس شخصيت به نمائشي ضرورتن کان مٿي نهايت سادي سودي هئي. اجائي اڏ ــ وڏائي ۽ ماڻهپي کان نفرت جهڙي ڪابه بدعت منجهس ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ آئي. تنوير، گرامي، گدائي ته هن سان ڀوڳ چرچي جهڙي ڪا ڳالهه نه ڪندا هئا، پر رشيد، مان ۽ رباني وقتي کيس ڏاڍو چيڙائڻ لڳندا هئاسين، تڏهن به پيو مشڪندو هو. کيس چرچن تي ته ڪابه چڙ ڪانه ايندي هئي، پر سچي پچي به ڪا ويڌن آڏو ايندي هيس ته به مرڪي لنوائيندو هو؛ ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي.
    هڪ دفعي پنهنجي رشتيدار ۽ اسان جي بزرگ مرحوم حڪيم محمد معاذ نوابشاهه واري جي وڏي پٽ ڊاڪٽر انور سان گڏجي منهنجي آفيس ۾ لنگهي آيو، ٻڌايائين ته هڪ وڏي عملي اداري جي سربراهه ۾ ڪم آهي. آءٌ ساڻجھس پراڻي ناتي هوندي به منجهس آسرو نٿو سمجهان، تون هل ته ٻئي گڏجي کيس ستوهه ڀريون.
    پنهنجي آزمودي موجب مون جڏهن کيس مايوسي ڏيکاري ته دلگير ٿيڻ بدران مرڪڻي منهن سان ماشاءَ الله چئي تڪڙ ۾ هٿ ملائي موڪلائيندو هليو ويو. مون کي حيرت هئي ته هن کي ڪو ارمان ڇو نه ٿيو؟
    هن جي نماڻي طبيعت جون اهي خوبيون کيس پنهنجي وسن جهڙي شاعريءَ جي ڪري نصيب ٿيل هيون يا ائين کڻي چئجي ته سندس شاعراڻيون خوبيون کيس مٿاهين شخصيت جي ڪري ميراث ٿي مليون هيون. ڳالهه مڙئي ساڳي.
    اڄ اهو اسان جو دل گهريو دوست، سنڌ جو پيارو شاعر ۽ مانائتو انسان انهيءَ دل واري ڌرتيءَ جي گود ۾ آرامي آهي، جيڪا هن کي پاڻ ۾ پناهه ڏئي دنيا جي ڏکن سورن کان آجو ڪري چڪي آهي.
    هو سنڌ لاءِ جيڪي سونهن ۽ سچ ڀريا ٻول ٻولي ويو، تن جي صدقي هن کي سک ۽ سانت ڀريو آٿت پلي پيو:

    اي سنڌ اي مادرِ وطنِ
    سک جي تون ڪائنات آن،
    ڪنهن مہ لقا جي جهات آن،
    سهڻي سچل جي لات آن،
    گيتن مِٺن جو ديس تون!

    پوکن جي لالائي وڻي،
    ٻيلن جي سرهائي وڻي
    ساميءَ سندي وائي وڻي،
    بيتن جا پهرين ويس تون!

    تنهنجي سٻاجهي ٻولڙي،
    تنهنجي ڀلاري جهولڙي،
    پرڪيف تنهنجي لولڙي.

    اي سنڌ اي مادرِ وطن!
    سهڻي ڀٽائيءَ جا وطن!

    اسان ائين پيا ڀانيون، ڄڻ بردو مانجهاندڙيءَ جو گل هو، جيڪو واءُ جي لوڏي سان پٽ تي ڇڻي اکين کان اوجهل ٿي ويو....

    ـــ نياز همايوني
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اچي ملي هاِ!

    سدوري جا سدورا ماڻهو، جيئن جيئن هيءُ جهان ڇڏيندا پيا وڃن، اسان پارا ته بنهه نڌڻڪا ٿيندا پيا وڃن. ڀلائي ۽ چڱائي ۾ ايمان رکندڙ دوست اڄ به آهن، پر هو هن دور واري ڀلائي ۽ چڱائي واپرائيندي به ڇرڪن ٿا، ڇو ته الله ڄاڻي سچ ڇا آهي، الائي اها نيڪي اها چڱائي يا سٺائي بنهه ڳڍيءَ ڳٽ ٿي نه پوي. اڳ جي ڳالهه ٻي هئي. گرامي، حفيظ، رشيد ۽ ڏيپلائيءَ جهڙا بي ڊپا پر ڏاها، سدورا ۽ مٺا ماڻهو بنهه جهان مٺو ڪيو ويٺا هئا. اهي اسان جي لڏي جا يار هئا، هليا ويا ته تازو اسان جي ٻئي يار بردي سنڌي کي به گهرائي ورتائون. بردي نه صرف طبيعت ۾ مٺاڻ هئي، پر سندس سڄي شاعري جي جيتري مٺاڻ هئي، مان سمجهان ٿو ته ايتري مٺاڻ جديد ادب جي سڄي شاعري ۾ به گهٽ هوندي. جيئن چيم يار هو سدورو ۽ نماڻو، سڄي زندگي صبر سان گهاري ڇڏيائين، تيئن مرڻ به ماٺ ميٺ ۾ قبوليائين. نه سندس بيماريءَ جا ڪي خاص پڙها آيا، نه سندس علاج لاءِ ڪي وري خاص اپيلون ٿيون. بيمارين کي ڪيترن سالن کان ڪاٽيائين. انهيءَ وچ ۾ پيو ملندو هو. ڪڏهن منهن کي مفلر ويڙهيل ته ڪڏهن جسم ڪوٽن ۾ قابو. سندس زبان تي اثر ٿيو، پر ان کي ليکيائين به ڪونه. هر وقت ٻين جي ڳڻتي. ڪڏهن يارن لاءِ ڦٿڪندو، ڪڏهن ٻارن لاءِ. سندس محبت ۽ پيار جو قائل هوندي به مان محسوس ڪندو هوس ته ايڏي وڏي قربائتي پياري ماڻهوءَ کي موٽ ۾ اسان ڪجهه به ته نه ڏئي سگهياسين.
    بردي جي شاعري سڄي سون آهي. سندس گيت ڪافيون ۽ بيت سنڌي ادب جو وڏو مٺو سلوڻو ۽ پيارو حصو آهن، خاص طرح سان سندس سرائيڪي شاعري بنه پيهي ويندي آهي:

    خال ڏٺم گل لال سلوڻي، موتي ڏند قطار ڏٺم
    چولي لب خوش ٻولي مٺڙا، بلبل دي گفتار ڏٺم

    اڳتي چئي ٿو:

    راهه مريندي شاهه ڏٺم، آ مَلَڪ ٿئي ميهار ڏٺم.
    ديدارن ديد خريد ڏٺم، ليک ”بردي“ حسين هزار ڏٺم.

    سندس شاعري ۾ جيتري حجت، اُڇل ۽ بي ساختگي آهي، اها بردي جو خاصو آهي.

    ڪيوين ڪران هڻ چين نهين يَر،
    موهي دل محبوب دي ناز
    خونوي چشمان تير چلايا،
    کيس دل سهڻي ول نه وجهايا
    پئي ڳل ڦاهي زلف دراز!

    بردو، سنڌي شاعريءَ ۾ سڄي سنڌ کڻي آيو، خاص طرح ٻهراڙي جيڪا نج سڄي ساري سنڌ آهي، اُتان جي ماڻهن جا مسئلا، اُتان جون ڳالهيون اُمنگون، آرزوئون ۽ حسرتون ۽ اُتان جا مٺڙا ڳيچ ۽ ان سان گڏ قصا ڪهاڻيون. سندس مشهور گيت ”پرين چڙهه پيهي تي“ ڏسو:

    تُري ڳنا هي تو لئه ڳوليم، هو سڄڻ هو هور
    سيڪيل آڀون ڏاڍا ريها، کاءُ ڙي من جا چور

    ڪر نه اسان کئون عار ـــ پرين چڙهه پيهي تي
    ڳيرن ڳوٺ ٻڌو آ ويجهو، هور ڙي ڳيرا هور

    وهيا ته ڏس وڻراهه ۾ هوريان، ويٺا اورن اور
    پاڻ ۾ ونڊيون پيار ـــ پرين چڙهه پيهي تي

    مون کي سندس ’سانوڻ آيو‘ گيت ياد آهي، جڏهن سُر سان ٻڌايائين ته سندس لڙڪ به لڙيا ته ٻاهر ڪڪر به رُنا.

    جوڳي بادل، جوڳين وانگي، آيا سڀ سنسار اورانگهي
    کنوڻ کڀلي جو اک جهمڪائي، گهوري جوڳين گهمائي
    پوءِ نکيڙي ڳڻتيءَ ۾، اک روئي رعد پسائي آ

    بردو شاعر هو ته قصه گو ڪهاڻيڪار پڻ سندس مشهور ڪهاڻي ”انڌير نگري“ ڪنهن کان به وسرندي. سندس ڄي زندگي هڪ اُستاد جي سدوري ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ نه شڪوو آهي نه شڪايت، نه رُوساما نه پرچاءُ. پاڻ پنهون هو ته پاڻ سسئي، پئي ڏونگر ڏوريائين. بردو مون کان نه ته وسرندو، جو منهنجي جيءَ جڙيل يارن منجهان هڪ هو. هيءَ سٽون منهنجي جيءَ ۾ لڪل هيون. ڏاڍو دير سان هٿ آيون، جڏهن هو وڇڙيل ڪونج وانگر بنهه وڇڙي ويو:

    ولر وهي ويس، وڇريل جيئن ڪا ڪونج اڪيلي ڪُرڪي
    ڳاٽ کڻي ۽ سوئي ڳچڙي، موت اڳيان ٿي مرڪي
    او منهنجي اس نماني
    او ڪين وسارج ڄاڻي،
    اچي مل هاءِ!


    ـــ حميد سنڌي
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چانديءَ جهڙو سُر

    بردي جي شاعريءَ بابت جيڪا بنيادي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اُها اِها آهي، ته هن جي شاعريءَ ۾ ٻيا به رنگ آهن، پر هڪ رنگ ٻين مڙني رنگن تي حاوي ۽ نمايان آهي. ان جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته بردي ڳوٺاڻي جيوت جي ويجهڙائيءَ کان گهرو مشاهدو ڪيو آهي. بردو ڳوٺاڻي وايومنڊل ۾ ٿي پليو نپنيو ۽ وڌيو ويجهيو آهي ۽ انهيءَ عملي ذاتي تجربي ۽ مشاهدي کي هن شاعريءَ جو روپ سروپ عطا ڪيو آهي:

    تُري ڳنا هي تو لئه ڳوليم، هور سڄڻ هو هور،
    سيڪل آڀون ڏاڍا ريها، کاءُ ڙي من جا چور،
    ڪر نه اسان کئون عار، پرين چڙهه پيهي تي.

    ـــ

    ماهي کير جيئن او مٺڙا، سڪ تنهنجي سُرڪيندو رهندس.
    ائين بردو نئين شاعريءَ کي ٺيٺ ٻوليءَ ۽ نج تشبيهن سان مالامال ڪري ٿو:
    ”خيال“ تنهنجا کوڙ ائين، جيئن ”جهار“ هئي.

    ــ

    وهم اندر ۾ ”ٽاهڙ ڌڻ“ جيئن.

    ـــ

    ”ڪاري رات جدائيءَ واري“، مون لئه ”ڪاري پاڻيءَ وانگ“
    تنهنجي ياد جي کوري ۾ دل، ڏينهن رات ٻري ”لاڻيءَ وانگ“

    ــــ

    وسن نيڻ ٿا نت چرئي مينهن وانگي.

    جڏهن هڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو نئين شاعريءَ جي روپ ۾ پنر جنم (Re Birth) ٿي رهيو هو، تڏهن نئين يگ جي سرجڻهارن پنهنجي اصل کي پنهنجي جڙن (Roots) کي ڳولي لڌو ۽ فاريست زده، دور، جنهن کي شمشير ’بي تعلق دؤر‘ ٿو سڏي، جي کاهيءَ کي اُڪري پيار پيا. ڳوٺ، ٻهراڙيون، وسيون ۽ واهڻ به اسان جون اصل آهن، اسان جون جڙون وري به انهيءَ پاتال ۾ ئي آهن. ان ڪري بدو جيڪڏهن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي جيوت جو چِٽ ٿو چٽي، ته اهو سڀاويڪ به آهي.

    ڪڪرن جهڙي ٽور جي سائڻ، هٿ ۾ ”کنئوڻ کانڀاڻي“ لوڏي،
    نيري اُڀ جي پاڇولي ۾، پيهو هن جي آ ”ڪوهه طور“، دور وسي ٿي، دور...

    ـــ

    تنهنجي منهنجي سڪ جا شاهد، هن واهڻ جا وڻ ۽ واسي،
    کوهه کي تنهنجي ساهيڙِن مان پيهي، جيڪر کڙڪ خلاصي.

    بردي جو اهو رنگ ئي کيس پنهنجي ساٿاري شاعرن کان الڳ ۽ نمايان ڪري ٿو. هن شاعريءَ جي مڙني مروج صنفن تي لکيو آهي؛ پر هو بنيادي طور تي گيت جوئي شاعر آهي. گيت بردي جي ڏانءُ وٽان آهي ۽ سنڌي شاعريءَ جي آڳاٽي صنف پڻ. ڪنهن به مک چک کان سواءِ، ڪنهن به شعوري ڪوشش کان سواءِ، سچن جذبن کي سادن ۽ سريلن ٻولن ۾ پلٽڻ سان ئي هڪ گيت رچجي ٿو. ان ڏس ۾ بردي جا گيت ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ جيئن سنڌي شاعري گيت کان سواءِ اڻ پوري آهي، بلڪل ائين نئين شاعري بردي جي پريت گيت کان سواءِ اڻپوري آهي:

    تنهنجي ياد پلوَ ۾ پائي، گيت پريت جا ڳايان ويٺو.
    ـــ

    پکي به پاڻ ۾ پريت ونڊن پيا، رت مستانيءَ لاتو رنگ
    هير سڌيرون ساهه کي ڏئي ٿي، وڻ ٽڻ واسيا جهوميو جهنگ

    ــــ

    پينگهه پپر ۾ ٻڌي ڙي جيڏيون
    لڏي کائون لامارا، ٽوڙيون عرش جا تارا

    هڪ حساس شاعر جيڪي ڪجهه ڏسي وائسي ۽ محسوس ڪري ٿو ۽ ان تجربي ۽ مشاهدي ۾ ٻين کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ چاهي ٿو، تڏهن کيس لڙڪ کي لفظ ۾، سور کي سٽ ۾ تبديل ڪرڻ واري پيڙاتمڪ تخليقي عمل مان لنگهڻو پوي ٿو:

    بردا آهه اندر مان نڪري، بنجي پيئي مٺڙي لات
    اُڌمان جاڳن ۽ پوءِ جهٽ پٽ
    گيت ٺهي پئي بردا ماتو

    ۽ پوءِ جيئن بهار فطرت آهي، نه هر هنڌ ڦوٽهڙو ڪندي وڃي، سڪن کي سائو ڪندي وڃي ۽ ٽارين تي گل ــ ٽيڙ ڪندي وڃي، تيئن شاعر جي فطرت به گيت رچڻ ۽ سُر سرجڻ ئي آهي. هن جي سڄي ميڙي چونڊي اهي گيت ئي آهن، جن کي هو بنا ڪنهن ذات پات جي ڀيد ڀاءُ جي سموري سنسار کي آڇيندو وتندو آهي.

    مون وٽ آهن گيت اجهو
    وٺين ته مٺڙا جهولي جهل

    هو ڄاڻي ٿو ته:

    پاڻي ٻڪ مان جيئن وهي ويو
    هاريل جوڀن ڪنهن به نه پاتو

    يا

    آهي حياتي پل جي ڇانءِ

    ۽ هو انهيءَ پل کي سڦل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ جي بقاءُ ۽ ڦهلاءَ، پنهنجي ڳوڙهن ۽ ڳارائڻ کي، وڇوڙن جي ورلاين کي شاعريءَ ۾ پلٽائي ٿو:

    مرڪيو من ۽ ريڌو روح
    تو ڳل لاتو ڀنڙا ڳل

    ـــ
    ساهه سرير کي آئي سٽ
    اهڙو اوکو کاڌو هانءُ
    ـــ

    تو بن روح آ کوهه ڦٽل

    جيتوڻيڪ ”ورهه وڇوڙا“ آهن، ”پور پيراندي، سور سيراندي“ آهن، پر جڏهن بردو سڄو ساڻيهه ئي سورن ۾ وڪوڙيل ٿو ڏسي، تڏهن هو پنهنجا ذاتي سور ۽ پور پاسيرا رکي ٿو ڇڏي:

    روپ نگر جي ڌرتيءَ سائين، راحت جو هڪ پل نه ڏٺو
    آس نراسي وک وک ڦاسي نفسانفسي ۽ هيهات

    ۽ کليو کلايو چئي ٿو ڏئي ته:

    مري ويئو جي ديس لئه، ته موت ڀي حيات آ
    ـــ

    ڀائر ڄاڻي ڀائر پائي، اڄ تائين ڳل لاتوسين
    تن کان موٽ ۾ نفرت نعرا، واهه جو بدلو پاتوسين

    رضا تي راضي رهڻ، جيئڻ لاءِ جتن نه ڪرڻ، ماڳ لاءِ نه جاکوڙڻ سان نه ڪڏهن وصال جون واڌايون مليون آهن. نه ئي ملنديون، پوءِ ڀلي ته صديون گذري وڃن. بدو انهيءَ سچ کان پوريءَ ريت باخبر آهي، ته ڦٻايل حق گهرڻ سان نه، پر ڦرڻ سان ملندا آهن ۽ ان لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي، سر جو سانگو لاهڻو پوندو آهي:

    او ساٿي، ڏسو هو اڏي ڪات آهي
    ۽ وحسين جو رت سان ڀريل وات آهي

    ”اُٿو“ ”اچو“ ۽ ”وڌو“ اِهي ئي اُهي لفظ آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان ڏاڍن کي ڏاري سگهجي ٿو. بردو هڪ ڦريل، لٽيل، مايوسين ۾ غرق ٿيل نست قوم کي ظلم جي ڄڀين اُجهامڻ جي خير خبر ٿو ڏئي

    ڄڀيون ظلم جون بس اُجهاڻيون اُجهاڻيون

    پر ان سان گڏو گڏ هو ڇوٽڪاري ماڻڻ لاءِ اُتاهي ٿو. جاکوڙڻ تي اُڀاري ٿو. ماٺي مهراڻ ۾ موچ آڻڻ جي ڪوٺ ڏئي ٿو.

    اچو، اڄ ته مهراڻ ۾ موج آڻيون

    موچاري ”مهراڻ“ تي، بردي جو نظم ”سنڌو ڌارا“ حيدر بخش جتوئيءَ جي مشهور نظم ”ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه“ کان پوءِ سنڌيءَ جو هڪ ٻيو مڪمل ۽ اهم نظم آهي:

    اچي اسان جا عيب اوڻايون، تنهنجي پياري پاڻيءَ ڌوتا
    سڪ جي سرڪ پياري تو، سڀ دسي هڪ لڙيءَ ۾ پوتا
    جيڏا سرتا پاڻ ۾ پرتا، وجهي ڳراٽيون ”بردي“ پارا
    سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!

    ’اڄ‘ به ’ڪالهه‘ وانگر انسان، انسان جي هتيا ڪري رهيو آهي ۽ اسين سڀ انهيءَ نفرت جي باهه جو ٻارڻ ٿي رهيا آهيون:

    بردا هي جڳ جنگ جو ميدان صدين کان
    نفرت جو راڪاس آ بيٺو ڦاڙي وات

    ٻاٽ رات ۽ سوڀاري صبح جو ذڪر دنيا جي هر شاعر ڪيو آهي، پر بردي هنن ٻن سٽن ۾ رات کٽڻ ۽ باک ڦٽڻ جو عيجب منظر چٽيو آهي:

    رات کٽي وئي باک ڦٽي
    هر گهر ڏيئا ٿيا مڌم

    آخر ۾ بردي جي خوبصورت نظم ”ٿوري ڳالهه“ جون آخري ڪجهه سٽون ڏيڻ چاهيان ٿو، ان ڪري به ته اهو نظم ’بردي‘ جي واتان ٻڌل به اٿم ۽ هينئر به ائين ٿو لڳي ته ’بردو‘ منهنجي آڏو ويٺو هجي ۽ نظم ٻڌائي رهيو هجي:

    اکجو جهمڪو
    چوڙيءَ ڇمڪو
    کاڏيءَ هٿڙا
    مينديءَ رتڙا
    ٿڌڙا ٿڌڙا، ڪئنرا مٺڙا،
    لائي، منهنجي سر جو سائين
    چانديءَ جهڙي
    سُر ۾ چوندو

    ”ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو، تون ته صفا ڪو موڳو آهين!“


    ــ امداد حسيني
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    (”بوندون بس نه ڪن“ جو مهاڳ)

    هڪ تعلق

    چوٽيهه سال اڳ، 1954ع جي ڳالهه آهي.

    مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس ۽ دوستن سان گڏجي ”ادا“ رسالو ڪڍندو هوس. نه تجربو، نه ڏوڪڙ نه وري رهائي رسائي. الله جو نالو وٺي ڪاهي پيا هئاسين، ڪُنَ ۾! محمد وارث جي هڪ معمولي پريس هوندي هئي، مونو آباد، نوابشاهه ۾، جنهن مان هو ”پڪار“ نالي هفتيوار اخبار ڪڍندو هو. ان سان ٻارهن آنا في صفحي جي حساب سان طئي ٿيو هو ته ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي. ڪاغذ چندو ڪري جمع ڪندا هئاسين. رسالو ڇپجي ويندو هو ته سڀئي دوست گڏجي وڪڻڻ نڪري پوندا هئاسين. شايد سنڌي قوميت، ٻولي ۽ ادب جي سجاڳيءَ جو پهريون پرچو هو، جنهن کي هاڻي سواءِ چند حساس نقادن جي سڀني وساري ڇڏيو آهي، پر رڪارڊ کي درست ڪرڻ خاطر ۽ آئيندي جي محقق کي دڳ لائڻ خاطر ضروري آهي ته اهو عرض ڪندو هلان ته هن معمولي رسالي سنڌي ادب کي امر جليل، آغا سليم، نظر سنڌي، گل محمد چنا، نور عباسي، بردو سنڌي، معصوم قاضي ۽ ليکڪ سميت ٻيا ڪيترائي اديب روشناس ڪرايا.

    ان شام اسان وارث پريس ۾ پروف ڏسي رهيا هئاسين جو ٻه نوجوان اچي ٻاهر پيل بينچ تي ويٺا. ٻاهر نڪتس ته گل محمد چيو، ”هن کي سڃاڻين؟“

    چيم: نه.

    چيائين: هيءُ اٿئي غزل جو بادشاهه نظر سنڌي ۽ هيءُ ٻيو اٿئي گيتن جو شهنشاهه بردو سنڌي.

    کين گهوري ڏٺم. نظم سنهڙو، سيڪڙو، سانورو، قداور ۽ ڪجهه قدر غصيلو نوجوان نظر آيو. بردو ان جي برعڪس قد جو هلڪو، بدن ۾ ڀريل، رنگ جو اڇو، طبيعت ۾ ملائم، نهٺو ۽ نماڻو پئي ڏٺو:

    گل چيو: اسان جي پرچي لاءِ ڪجهه شعر کڻي آيا آهن.

    ٻنهي پنهنجا ڪلام وڌائي کڻي هٿ ۾ ڏٺم.

    اگر ٻنهي جي موتيءَ داڻا، اهڙا سهڻا جو سمجهيم ته شايد ڇپيل آهن. شعر پڙهيم. نظر ۾ هوڏ، للڪار ۽ ويڙهڪاند جو تاثر هو. بردي ۾ نهٺائي، نماڻي ۽ عاجزي سمايل هئي.

    ”ادا“ جي پهريئن پرچي ۾ ٻنهي جا ڪلام ڇپيا ته واهه واهه ٿي وئي.

    ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ هر هفتي ملاقاتون ٿينديون هيون. نظر سنڌي جلد ئي ٽي. بيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ گذاري ويو، البت بردي جو ساٿ اوستائين سلامت رهيو جيستائين مان نواب شاهه کان هميشہ لاءِ موڪلائي هليو نه آيس. اها 1958ع جي ڳالهه آهي.

    اٽڪل ٽيهه سال پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو سندس فون آيو. وقت جي دز اسان جي وجود کي لٽي چڪي هئي. پوءِ به خبر ناهي ڇو بردي جو آواز ماضيءَ مان ائين اڀريو ڄڻ ڪلهه ئي جدا ٿيا هئاسين. ٿڪل، بيمار، ۽ التجا واري لهجي ۾ چيائين: سڃاڻين ٿو؟

    چيم: ڇا ٿو چوين بردا؟ پنهنجا رشتا به ڪي وسارڻ جهڙا آهن؟

    چيائين: ڏاڍو بيمار آهيان. شايد نه پچان.

    چيم: دل نه لاهه.

    چيائين: اقبال جي پارت اٿئي. منهنجو پٽ انجنيئر آهي. نوڪري وٺائي ڏينس.

    چيم: رک الله تي، سڀ سڻائي ٿيندي.

    ياد آيم ته جڏهن سندس پهريون ڪتاب ”اکڙيون مينگهه ملهار“ ڇپيو هو ته ٻين سان گڏ رائٽرز گلڊ به کيس بهترين ڪتاب جو انعام مبلغ پنج سو روپيه ڏنو هو. ان کان جلد ئي پوءِ سندس پياري گهر واري فوت ٿي وئي هئي. بردو اهو ڌڪ سهي نه سگهيو هو ۽ بيمار ٿي پيو هو. ننڍڙا ٻار، سندن نيپاج ۽ پڙهائي لکائي، سندس سر تي سوار ٿي پيا هئا. هن پنهنجا روايتي گيت لکڻ ڇڏي ڏنا هئا ۽ ٻارن لاءِ شاعري شروع ڪئي هئائين. بردي جو اهو دور به عجيب هو.

    ٻي شادي ڪيائين، پر ٻارڙن جو پيار پل لاءِ به نه ورهايائين.

    اقبال مون وٽ آيو ته پيءُ جهڙي ڏِک ڏنائين. چيومانس: بابا، نوڪري تون ڳول، سفارش ڪرڻ منهنجو ڪم.

    چيائين: بابا سخت بيمار آهي، بچڻ جي اميد ناهي.

    چيم: دل نه لاهه.

    پر ڏٺم ته جهڙي پيار سان بردي ننڍي هوندي پاليو هو، اولاد پڻ سندس اوتروئي خيال پئي رکيو.

    پي. آءِ. اي. ۾ انجينئرن جون جايون خالي هيون، انٽرويو پئي ٿيا. وقت جي چيف منسٽر جو عملدار سفارشين جي لسٽ کڻي اڳ ئي انٽرويو بورڊ ۾ پهچي چڪو هو.

    کيس چيم: سنڌي اديب جو پٽ اٿئي، پارت هجئي.

    چيائين: وڏي وزير جا ماڻهو کڻائڻا آهن.

    چيم: ان جي في ته غريب ڀري ڪونه سگهندا.

    چيائين: پوءِ خير هجئي. زر ڦينڪ ته عشق ٺهه ڦهه.

    ڪم ڪونه ٿيو.

    بردي جو وري فون آيو، چيائين: اٿڻ جهڙو ڪونه آهيان پنڌي ٿو اچي پاڙي مان ڳالهايان.

    چيم: مون کي شرمسار نه ڪر.

    چيائين: ٻيو ڪنهن کي چوان؟

    اقبال آيو، چيائين: بابا هاڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان بس ٿي ويو آهي، چند ڏينهن جو مهمان آهي.

    ياد آيم ته بردي سان شام پئي ملهائي سين. شعر جي پالوٽ لائي ڏني هئائين. جهڙو هوس ٻوليءَ تي عبور، اهڙي هئس رواني. درياهه شاهه جيان وٽ سٽ کائيندو، اڇلون ڏيندو، ڌوڪيندو ڌڌڪار ڪندو پئي ويو.

    نور عباسيءَ چرچي ۾ چيس: ٻيلي اسان جي حال تي رحم ڪر. چوين ته کڻي آڻ مڃون.

    بردي ساڳئي ئي نماڻائيءَ سان چيو: نُور، سڄي حياتي اسان به تو کي برداشت ڪيو آهي، اڄ منهنجو وارو آهي. اڄ ماٺ نه ڪندس.

    اهو بردو هاڻي ماٺ ٿي ويو هو.

    ان کان پوءِ هُو عرصي تائين بنان ڳالهائڻ، بنان چرڻ پرڻ جي بستري تي خاموش پئي ٿي زندهه رهيو. ڪنهن به سندس خاص سار نه لڌي. ڪنهن به اهو نه سوچيو ته اهو شخص جيڪو اڄ موت جو منتظر آهي، سو سنڌي ادب جي چند انهن اهم محسنن مان هڪ آهي جنهن انوقت ”سنڌ“ کي لبيڪ چيو هو، جڏهن قهري ڪوٽ اڏجي رهيا هئا ۽ زنجير ٺپجي تيار ٿي چڪا هئا.

    محمد رمضان لاشاري ”بردو“ ٿيوئي ان لاءِ هيو ته ڌرتيءَ ماءُ کي ”جيءُ جيءُ جيجل، جيءُ جيءُ جيجل“ چئي ڳر لڳائي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه وساري ڇڏي.

    هن جو غم اونهو ۽ عميق هو پر هن جو سنڌڙيءَ لاءِ پيار ان کان به وڌيڪ گهرو هو. سندس سوچ تي سادا سودا ڪکائون گهر، انهن ۾ رهندڙ ميرا سيرا غريب ماڻهو ڇانيل هوندا هئا، جن جو ظاهر اڻ وڻندڙ پر دليون سون ورنيون. هو شاعر هو، عميق انساني اڌمن جو. روز مره جي روسامي ۽ پرچاءَ جو. هارين جي پورهئي جي پگهر جو. چانڊوڪين راتين ۾ لڏندڙ لامن جو، گورين جو گج تي تجلا ڏيندڙ ٽِڪَ جو.

    اڄ اهو ”بردو“ ڪجهه به نه هو.

    بستري داخل، بي سمجهه، بي جان انسان هو، جو موت جو منتظر هو.

    ۽ پوءِ اهو انتظار به ختم ٿي ويو.

    ”بردو“ گذاري ويو

    هن سان گڏ سندس سڀ تعلق، رشتا، ناتا به ختم ٿي ويا.

    صرف هڪ ناتو، هڪ رشتو، هڪ تعلق باقي بچيو آهي ۽ شايد هُو پيدا ئي ان تعلق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٿيو هو. اهو تعلق، اڄ، سڀان ۽ ان کان پوءِ صدين تائين قائم رهندو.

    اهو تعلق آهي ـــ ـــ ”پيار“ جو.
    محبت جو،
    سچائيءَ جو،
    سوڀيا جو،
    قرب جو ــ!

    شل منهنجو دوست ان ناتي ساڻ اَمَرُ رهي!


    ـــ قمر شهباز
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هڏڪيءَهير نه آهي...

    ان ڏينهن، جڏهن ٽي. وي. جي مخزن پروگرام ۾، بردي سنڌي صاحب جي نئين ڪتاب تي دوستن گفتگو پئي ڪئي ته بردي جو فڪري توڙي جسماني اعتبار کان ڳرو وجود اکين آڏو گهمي ويو. گوتم جيان گنڀير ۽ خاموش بردو،ڪنهن ڊگهي ۽ گهاٽي بڙ جيان ڳوڙهو ۽ مهربان.

    هڏڪيءَ هير نه آهي مون کي،
    هيڪر ڪنهن ته سنڀاريو هوندو.

    سوچيو هوم ته هينئر حيدرآباد مان وقت ڪڍي لائين پار نواب شاهه جو چڪر هڻبو ۽ گيتن جي خوشبيوءَ سان، پنهنجي وجود کي واسي اچبو... پر... پر...

    جديد سنڌي ادب ۽ اديبن جا محسن، پير صاحب حسام الدين راشدي، گرامي صاحب، چاچو گدائي صاحب، ادب ۽ اديبن کي ڇورو ڇنو ڪري ويا ــ الطاف عباسي گذاري ويو... ڏاڍو رناسين. نسيم کرل ۽ ماڻڪ پنهنجي ئي جوڙيل ڪائنات جي طلسم جو کاڄ ٿي ويا، ماتم ڪيوسين. بنهه ٿورا ڏانهن! اهڙيءَ ريت ترقي پسند لڏي جا ڪيئي ستارا چپ چپات ۾، ادب جي افق تان گم ٿيندا ويا... اسان انهن لاءِ ڪجهه ڏينهن رنو، پٽيو ۽ پوءِ ساڳي روايتي بي حسيءَ واري خاموشي. اڄ تائين ڪنهن کي به گڏيل طيرقي سان ياد نه ڪيو ويو آهي.... ڪالهوڪي ڳالهه آهي، رشيد ڀٽيءَ جهڙي مڻيادار مڙس کي دفنائي، بدن تان ڪاريون ڪفنيون به نه لاٿيون هيونسين ته سنڌي گيت جو بادشاهه ۽ منهنجو پاريچو، مٺو مائٽ، محمد رمضان لاشاري، جيڪو سنڌي ادب ۾ ”بردي سنڌي“ جي نالي سان مشهور هو، اهو کُڙيون گَهي گَهي گذاري ويو. شاباس آهي محترم استاد غلام رباني آگري صاحب کي، جيڪو 1983ع کان وٺي بيمار بردي لاءِ لاڳيتو معقول سرڪاري مالي مدد ذريعي سار سنڀارل لهندو رهيو... پر بردو گذاري ويو، ٻين جيان... هاڻ واري اسان جي ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون برسي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن وجود آگميو رهندو ۽ پوءِ وري ساڳي حالت رهندي.
    بردو منهنجو بزرگ هو... پر هن ڪڏهن به بزرگي نه ڏيکاري... سدائين جيڏو سرتو ٿي پيش ايندو رهيو... چوندو هو ”سڀ ٿا دانهون ڪن ٿا ته تون سڀني سان وڙهين ٿو، ڏاڙهين ٿو... ڳاريال مشهور آهين... پر مون کي ويساهه نٿو اچي.“ هن کي ويساهه به ڪيئن اچي ها، مان به ته ماڻهوءَ کي ڏسي، ان سان اهڙو ورتاءُ ڪندو آهيان... مون کان ٻچاپڙائي ۽ منافقت نه پڄندي آهي ۽ ڪوبه منفاق منهنجي سازشن کان نه بچي سگهندو آهي ۽ نه ڀڄي سگهندو. مون ڪراچيءَ ۾ 83-1982ع ڌاري نئين جاءِ جوڙائي. ٻڌائين ته ڀڄندو آيو مبارڪن ۽ محبتن جا ڦول کڻي. قربائتي انداز ۾ چيائين، ”اکڙيون مينگهه ملهار“ ناياب ٿي چڪو آهي، تنهنجا هٿ ڊگها آهن،ان کي ٻيهر چپرائڻ جو انتظار ڪر نهَ؟“ کن پلڪ ۾ اچي ”اکيون مينگهه ملهار“ جون فلمون ڏيکاريون مانس ته وائڙو ٿي ويو ۽ خوش به ڏاڍو ٿيو. چيائين، ”فلاڻي صاحب کي مون واري ڪتاب ڇپرائڻ جو ڏاڍو شوق آهي، اهي فلمون ان کي ڏيئي ڇڏ.“ انهيءَ صاحب کي نياپا اماڻيم، نه آيو نه آيو... پوءِ 1985 ۾، جڏهن هڪ حادثي ۾ لڳاتار هڪ سال تائين بستري داخل ٿيس ته اهو صاحب مون کي پڇڻ آيو. بردي جي ڳالهه نڪتي ته مون ”اکڙيون مينگهه ملهار“ جون سموريون فلمون، نئين Layout سوڌو ڊمي حوالي ڪئي مانس... پر اڄ تائين اهو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو آهي... سال کن بيماريءَ کان پوءِ 1985ع جي آخري ڌاري مون کي حيدرآباد ۾ اچڻو پيو. بردي کي ڪراچيءَ جي ڀيٽ ۾ ويجهو هوندي به نه ملي سگهيس... ۽ ان ڏينهن جڏهن بردي جو لاش گهر آندو ويو هو، تڏهن ٽي. وي جي مخزن پروگرام ۾ بردي جي نئين ڪتاب ”بوندون بس نه ڪن“ تي تبصرو هلي رهيو هو.... بردو سٺي شاعريءَ سان گڏ ڀلو ماڻهو هو. هن ٻچن جي پرورش لاءِ ڏاڍي جاکوڙ ڪئي ۽ بيمار هوندي به تخليقي عمل جاري رکندو آيو ۽ هڪ ڏينهن سڀني کي روئندي ڇڏي ويو... بردو خاموش طبع ۽ حليم سڀاءَ وارو فنڪار هو ۽ گذاري به چپ چپات ۾ ويو... روئڻ بدران اسان سنڌي ادبين کي گهرجي ته ڪو اهڙو اپاءَ ڪريون جو آئيندي ٻيا ڪيئي تخليقڪار ائين گمناميءَ جي گشي ۾ گذاري نه وڃن...
    گذاري ويلن لاءِ اسان کي اهو ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جنهن جا هو حقدار آهن ـــ پر ان سان گڏوگڏ ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، بدر قريشي، سائل آزاد، برڪت علي آزاد، ميوو خان موج، ساجد سرشاري ۽ ٻيا اسان جي توجهه ۽ دوست نوازيءَ سان منتظر آهن... جيڪي گذاري ويا، تن کي ته نه بچائي سگهياسين، پر ڇا جيڪي مئي حالت ۾ آهن، انهن لاءِ ته ڪجهه ڪري سگهون ٿا؟ ڳوڙهن ڳاڙڻ کان بهتر آهي ته ڪجهه لڙڪ بچائي رکون ۽ همٿ کان ڪم وٺي انهن لاءِ من ۾ قياس ڌاري ڪي اپاءَ وٺون... ڪو منهن مٿي ڪري ڇڏيون... ڪا مهل ملهايون...

    ـــ تاج بلوچ
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بردي جي ياد ۾

    اڳ چوندا هئا ته وقت گزرندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي، پر هاڻي وَرههَ به ساعتن جي صورت ۾ وهامي وڃن ٿا. ڪو سُڌ سماءُ ئي نٿو رهي. ڪيتريون ڪچهريون، مورن سان محفلون ۽ يارن سان روح رچنديون رهاڻيون، توڙي جو سال ٿي ويا، پر پوءِ به دل ۽ دماغ تي بنهه تازون توانيون پيون لڳن.
    ٻالپڻي جو دؤر، ننڍپڻ، جواني، ۽ هاڻي پٺتي قدم صفا ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه پئي لڳي. اکيون ٻوٽيان ٿو ته ان اڻ وسرندڙ مشاعري جي محفل ذهن جي اسڪرين تي صفا چٽي ڏسڻ ۾ پئي اچيم جتي بردو سنڌي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ پنهنجي جڳ مشهور نظم پيو پڙهي.

    اک ڦَري ٿي،
    مونجهه مري ٿي،
    آس نماڻجھي خير گُهري ٿي،
    اڄ ڪو ايندو،
    اوڏو ٿيندو،
    اوڏو ٿيندو، پُٺ ٿپيندو،
    آٿت ڏيندو،
    سُورَ سليندو،
    وجهي ڳيراٽي، گڏجي ويهندو،
    ۽ هينئن چوَندو،
    ”ٿوري ڳالهه تي هيڏو هاڃو، تون ته بنهه ڪو موڳو آهين.“

    ساڳي محفل ۾ دل جي پردي تي هي شاعر پڻ نظر اچن پيا: شمشير الحيدري، بشير مورياڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، تاج بلوچ، قمر شهباز، علي محمد مجروح، محمد حسن ساز، ڊاڪٽر نواز علي شوق، محمد جمن هالو، عبدالعزيز بيدل ۽

    سائل آزاد.

    هن يادگار مشاعري جي محفل جو اهتمام 1973ع ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي اسٽوڊيوز ۾ ڪيو ويو هو، هر شاعر پنهنجو پاڻ ملهايو هو، پر بردي سنڌي جي مٿي بيان ڪيل نظم مشاعري جو سينگار هئي. ڇا ته بردي کي ڀرپور داد مليو هو، سندس نظم تي، ڇا نه ’واهه واهه‘ ٿي هئي، خبر ناهي ته هر مصرع کي ڪيترا ڀيرا نه کانئس ٻيهر پڙهايو ويو هو.
    اسٽوڊيوز ۾ مشاعري جي محفل پوري ٿيڻ بعد سڀئي شاعر حضرات قرب جا قدم ڀري منهنجي ڪمري ۾ آيا. چانهن جو دؤر هليو. سڀني شاعرن جي فرمائش ٿي ته بردي کان ڪجهه ٻُڌجي. ڏاڍو گُسائڻ ۽ لنوائڻ جي ڪيائين، پر اسان سندس هڪ به نه ٻُڌي. نيٺ هڪ شرط تي وڌيڪ شعر ٻُڌائڻ تي راضي ٿيو ته جيڪڏهن ٻيا به ٻُڌائيندا ته پوءِ هو به ٻڌائيندو.
    منهنجي ڪمري ۾ غير رسمي مشاعرو ٻيهر شروع ٿيو ۽ سڀني دوستن پنهنجون پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. بردي به پنهنجون ڪافيون، وايون ۽ هڪ غزل ٻڌائي هر شاعر کان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو.
    ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي منعقد ڪيل مشاعري جون محفلون ياد ڪري اڃا به دوست ڪڏهن ڪڏهن پيا چوندا آهن ته ”يار ڪڏهن ٿو بدلي ڪرائين ڪراچي ته من اسٽيشن تي ساڳيا رنگ رچن، اڳي واريون محفلون مچن، ڪي مشاعرا ٿين، شاعر ۽ اديب گڏجن ۽ ڪي روح رهاڻيون ٿين.“ توڙي جو هاڻي به ڪراچي اسٽيشن تان ڏاڍا سُٺا ۽ ٻُڌڻ جهڙا پورگرام نشر ٿين پيا، پر دوستن کي ڪير سمجهائي جيڪي روز پيا چون ته مشاعرا يا ته نه پيا ٿين، پر جي ٿين پيا ته اُهو معاري ڪونهي، جيڪو اڳ هوندو هو. بهرحال ڳاله کي ورجائڻ جو مقصد فقط هي آهي ته اُها مشاعري جي محفل صفا نٿي وسري، جنهن ۾ مٿي بيان ڪيل ناميارن شاعرن سان گڏ بردي جي نظم اڃا تائين ذهن جي پردي تي ايتري تازي آهي، جيتري صبح جي ٿڌڙي ٿڌڙي هير ۽ تازن گلن جي خوشبوءِ.
    ان کان پوءِ به بردي سان ڪيئي ڀيرا ملاقات ٿي. مهرباني ڪري پيو ڀيرو ڪندو هو. هميشه مون سان سرائڪي ۾ پيو ڳالهايئندو هو. ان ڪري هر دفعي ڪانه ڪا ڪافي، گيت يا غزل سنڌي سان گڏ سرائڪي زبان ۾ پڻ منهنجي لاءِ ضرور آڻيندو هو.
    هڪ دفعي ويٺي ويٺي ٻه چار بند ٻڌايائين، جيڪي مون کانئس لکرائي ورتا.

    روُح رُلو ٿيون اکيون آليون، توکي مهر نه پئي
    بردي جي دل سورن ساڙي، پئي اڏامي رئي،
    جيئڻ جاڙ ته ٿيندو پوءِ جي هاڻ وِٿي ڪا پئي
    ڪرڻي ڀرڻي آهي جاني، اڃا به ويل نه وئي
    متان ٿئي پسُ توسان اهڙي جا تو مون سان ڪئي
    هي جڳ فاني، جوڀن جواني، ڏينهڙا چار اٿئي
    آءُ ته گڏجي گهاريون، ماريون ديوُ غمن جو ٻئي
    اڃا به ويلَ نه وئي او پيارا، اڃا به ويل نه وئي.

    هڪ دفعي مون وٽ هٿين خالي پهتو. جڏهن کيس چيم ته ڪجهه ٻڌاءِ ته ورانيائين ”عنايت! اڄ ڪجهه به نه آندو اٿم. معافي.“ مون کيس چيو، ”اڳتي جيڪڏهن بغير ڪنهن سوکڙي (شعر) جي منهنجي آفيس ۾ گهڙيو آهين....“

    کلندي وراڻيائين، ”حاضر، جيڪو مٺڙي عنايت دا حڪم.“

    بردو بيمار ٿيو. زور پئي اخبارن ۾ پڙهيوسين ته بردو سخت بيمار آهي، روز پئي سنڀرياسين ته سندس مزاج پرسي ڪري اچجي. پر حيف هجي پنهنجي حال تي ۽ حيدرآباد جي مسلسل ابتڙ حالتن تي جو دل ۾ بردي سان ملڻ جي گهڻي تانگهه جي باوجود به نه وڃي سگهيس ۽ آخر اهو ارمان رهجي ويو ته هن جهان ڇڏڻ کان اڳ، بردي سان ميل ملاقي نه ٿي سگهيس! افسوس، صد افسوس!

    ـــ عنايت بلوچ
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اُجرن جذبن جو شاعر

    هڪ سٺي ۽ ڪامياب شاعر جو ڪمال ئي اهو آهي ته سندس ڪا سٽ پڙهي، پڙهندڙ پنهنجي ماضيءَ جي ڳلين ۾ اهڙو ته وڃائجي وڃي، جو کيس ڪجهه دير موٽڻ ئي مشڪل لڳي. ۽ بردو سنڌي بيشڪ اهڙو ڪامياب ۽ اهم شاعر آهي. سندس شاعريءَ نه رڳو ٻوليءَ جي لحاظ کان، پر موضوع جي لحاظ کان پڻ ڀوري مينهن جي ٿيڻن مان نڪتل تازن گوهن جهڙي لج پنهنجي ماحول مان ڪوريل آهي. شاعر جيسين انسان جي اندروني احساسن کي لفظن جي لاٽونءَ تي ويڙهي، زوم سان پڙهندڙ جي سيني تي هڻي ٽڪ نٿو ٻڌرائي، اوسين سندس شاعري ٺلهن لفظن کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي ۽ بردي جي شاعري پڙهندي پڙهندي جتي پنهنجي ٻوليءَ جا ماکي لارا جهڙا لفظ پڙهي، نئين سگهه محسوس ڪري ٿو، اتي نيون تشبيهون پڙهي ڪي کن ٻوڙاٽجي به وڃي ٿو، جيئن:

    وهم اندر ۾ ”ٽاهڙ ڌڻ“، جيئن. خيال تنهنجا کوڙائين جيئن ”جهاز“ هئي. يا هڪ سٽ ۾ نيڻن جي وسڻ کي ”ڍري مينهن“ سان ڀيٽڻ. ساڳي ريت احساس کي ايڏي ڀرپور نموني ڪاڳر تي چٽڻ ته:

    لڏي کائو لامارا، ٽوڙيون عرش جا تارا.

    سامايل نينگرين جي خوشيءَ ۽ مستيءَ جو جيڪو عڪس بردي مٿين سٽ ۾ چٽيو آهي، سچ ته ان کان وڌ ڀرپور انداز به نٿو چٽي سگهجي، جو پينگهه جي لوڏ کي عرش تائين پهچندي محسوس ڪري سگهجي. حقيقت ۾ عرش تائين اها پينگهه جي نه پر پينگهه ۾ لڏندڙ جي اندر جي جذبي جي آهي. اهڙي ريت سندس هڪ ٻي سٽ آهي، جنهن ۾ شاعر جو من ڪنهن بي داغ شيشي وانگر پسي سگهجي ٿو:

    مرڪيو من ۽ ريڌو روح، تو ڳل لاتو پنڙا ڳل

    مٿين سٽ پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته شاعر جو من بلڪل انگور جي داڻي وانگر هوندو آهي، جنهن کي پيار جي ٻن ٻولن سان به ڦيهي سگهجي ٿو. جتي بردي سنڌيءَ اهڙا ڪونئرا ۽ خوبصورت جذبن سان ڀرپور شعر چٽيا آهن، اتي سندس شعرو جي جاڳرتا جو هڪ مثال هي به آهي....

    ڀائر ڄاڻي ڀاڪر پائي، اڄ تائين ڳل لاتوسين
    تن کان موٽ ۾ نفرت نعرا، واهه جو بدلو پاتوسين

    سچ ته بردو سنڌي، سنڌي شاعريءَ جو اهڙو گلدستو آهي، جنهن ۾ سمورن رنگن جا گل پنهنجن سمورن سگهارن رنگن سان چٽاپٽا ظاهر ظهور نظر اچن ٿا.

    ـــ طارق عالم
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاءِ! بردو سنڌي...

    محروم چاچي محمد رمضان لاشاري، بردي سنڌيءَ سان ننڍڙي کان والد صاحب جي ڪري ڏيٺ ويٺ هئي، ۽ ساڻس عملي ۽ ادبي شناسائي هئي.
    گذريل ستن سالن کان نوابشاهه ۾ رهڻ ڪري تمام گهڻي ويجهائپ رهي. وڏڙن واري نظر رکي ٻچن وارو پيار ڏيندو هو، ان ڪري ميل ملاقات گهڻي رهي. تمام نيڪ دل ۽ حساس طبيعت جو مالڪ هو. ننڍڙي نوڪريءَ جو رٽائرڊ ملازم ۽ زمين جي ٻن ـــ ٽن ٻارن جو مالڪ، جنهن جي ڪمائي به گهڻي ڀاڱي ٻين جي حوالي، تنهن هوندي به پٽن کي پڙهائي انجنيئر ۽ ڊاڪٽر بنائڻ سندس ئي همت جو ڪم هو. تمام ماٺيڻو، قربائتو، ڪچهريءَ جو مور، علم و ادب جي سٺي ڄاڻ، نواب شاهه جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ بهرو وٺندڙ، سڀ سان نيازمندي هيس. ست سال گڏ رهي کانئس گهڻو ڪجهه پرايوسين.
    بردي صاحب جي جدائي نه صرف سندس اولاد ۽ عزيزن کي محسوس ٿيندي، پر ساڳيءَ طرح سندس دوست به هن کي وساري نٿا سگهن. دعا آهي ته خدا تعاليٰ کيس جنت نصيب ڪري ۽ سندس پوين کي صبر ڏي. آمين.

    ـــ خضر حيات قاضي
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    بردو سنڌي گيتن جي بادشاهه جي ورسي جي مناسبت سان
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سهڻي سر زمين سنڌ جي مٽي جي خوشبو سموري جهان کي صدين کان وٺي معطر ڪندي نظر آئي آهي هن خطي جي هڳاءُ واري چيڪي مٽي ڪيترن ئي جوڌن جوانن ، علم جي اڪابرن ، عالمن ، اديبن ، دانشورن ، سگهڙن ۽ شاعرن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي وقت به وقت پنهنجو پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردارن کي عالم ۾ واقف ڪرائڻ ۾ اڄ تائين ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙن نيڪ مرد انسان منجهان خدا ڏنو لاشاري کي اها پروڙ نه هي ته منهنجي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي ٻار اڳتي هلي سنڌي ادب ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو بردو سنڌي سان مشهور ڪرائي پنهنجي سموري خاندان جو نالو روشن ڪرائيندو خداڏنو لاشاري جيڪو سونهاري سنڌ (مومل جي ماڙي ) واري ديس جي ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقي ميرپور ماٿيلي جو رهواسي هو، هن جي گهر 15 مارچ بهار جي مند سال 1922ع اربع جي ڏينهن صبح باک ڦٽي هڪ شاعران صفت جو نينگر پيدا ٿيو جنهن جو ڇٺي جو نالو (محمد رمضان لاشاري ) رکيو ويو جيڪو اڳتي هلي شاعري جي صنف گيت جو بادشاهه بڻجي عام خلق اڳيان پنهنجي دلڙي جو آواز شعر چئي نروار ڪرايائين . بردو سنڌي جڏهن پڙهائي واري عمر کي رسيو ته والد صاحب اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن سنڌي فائنل جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري تعليم پوري ڪري ورتي ، تنهن بعد هي نوجوان مڙس سرڪاري نوڪري جاچڻ جي جستجو ۾ لڳي ويو نيٺ ٿورڙي عرصي ۾ بردو سنڌي آبپاشي کاتي منجهه (آبداري ) جو امتحان پاس ڪري مختيار ڪار آفيس نوابشاهه ( بينظير آباد ) ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪيائين . بس پوءِ نوڪري سانگي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي واري ڳوٺ ماڪن ڪوري کي خيرآباد چئي اچي نوابشاهه هاڻوڪي شهر بينظير آباد کي اچي هميشه لاءِ پنهنجو مسڪن بڻايائين، بردو سنڌي شاگردي واري زماني کان وٺي شعر ٺاهڻ ۽ شعرو شاعري سان گهرو لڳاءَ رکيائين مڱر شعرو شاعري ڪندي ڪندي سندس کي اهو فن سٺو نه پئي لڳو پنهنجي ابتدائي ڪيل شاعري کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيائين سندس خيال ۾ شاعري ڪرڻ کي منحوس تصور ڪيائين نيٺ بردو سنڌي کي هڪ بهترين شاعر دوست (نظر سنڌي ) نوابشاهي جي صحبت سال 1954ع ۾ ساڳي رنگ شاعري ڪرڻ تي دل مائل ٿيس پوءِ ته رات ڏينهن هڪ ڪري شعر مٿان شعر گيتن مٿان گيت پيو ٺاهيندو وتندو هو اڳتي هلي (گيتن جو بادشاهه) جي نالي سان خطاب مليس سندس شاعري واري زبان نهايت سادي ۽ ڳوٺاڻي ۽ سواد سان ڀرپور لفظن جي مالها هئي سندس گيتن ۾ محاورا ، تشبيهون نهايت سهڻيون ڏنل آهن جن جي ڳالهه ڇا ڪجي ورلي اهڙو ڏانءَ ڪنهن ڪنهن شاعر کي نصيب ٿيو آهي سندس سرائڪي ۽ سنڌي زبان ۾ سمورو ڪلام گيت ، دوها ، وايون ، نظم ، آزاد نظم ، ڪافيون جي سڀني صفن سان ٽم ٽار لڳو پيو آهي بردو سنڌي (محمد رمضان لاشاري بلوچ ) پنهنجي من جو آواز ڪهڙي نه بهتر نموني پيش ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو

    بردا رهبو مڙس ٿي رهبو ،

    حد کان وڌيڪ ڪجهه هاڻ نه سهبو ،

    ٿو اڄ وقت پڪاري يار ،

    اچو اچو هن پار هلون ، هي ڏونگر ڏاڍ جا ڏاري يار .

    بردو سنڌي هڪ نهايت بهترين شاعر ٿي گذريو آهي جنهن پنهنجي چيل ڪلام شاعري وسيلي ڏيهان ڏيهه نالو ڪمايو ،سندس شاعري سنڌي زبان کانسواءِ سرائڪي ۾ پڻ چيل آهي جديد سنڌي شاعري کي نواڻ واري راهه بردي سنڌي گيتن ۾ ڏيکاري پنهنجي ذهن جي ڏانءُ کي نرالي انداز سان پيش ڪري مشهوري ماڻي شاعري جي مڙني صنفن ۾ هن پاڻ ملهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ورتي جنهن ۾ نظم، وايون ، گيت ، ڪافيون ، شامل آهن جن جي چوڻ جو بهترين ڏانءَ هيس ، بردي سنڌي جي شاعري جا ٻه ڪتاب ڇپجي سنڌي ادب جي سونهن ۾ هڪ بهترين اضافو پڻ ڪيو ڪتابن ۾ پهريون شاعري جو تخليق (اکڙيون مينگهه ملهار سال 1961ع ) ۽ ٻيو (بوندون بس نه ڪن سال 1988ع ) سنڌ جي هن مانائتي شاعر شعر چوڻ کان سواءِ به سنڌي ادب جي افسانوي ادب ۾ پڻ پاڻ ملهايو هن جا ڪيترائي افسانا ان زماني رسالي مهراڻ ۽ رسالي نئين زندگي جي زينت بڻجي ڇپجندا رهيا افسانن کان علاوه بردي سنڌي جا مضمون پڻ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهيا ، سنڌ جي شاعرن ۾ بهترين مقام رکندڙ هن شاعر پنهنجي زباني ۾ ڪيڏو نه وڻندڙ دلفريب گيت چئي پنهنجي من جي آواز جو اظهار ڪيو آ

    موٽي مند ملهار اوسائين موٽي مند ملهار ،

    ڪوئل ڪوڪي ، مور اڏامي ، ٻري ٻري پئي آس اجهامي ،

    اڱڻ مٿي ڪا آسروندي، ويٺي ڇوڙي وار

    موٽي مند ملهار او سائين موٽي مند ملهار ،

    رت مستاني ، ڦوهه جواني ، آءُ ته گڏجي گهاريون جاني ،

    هر هڪ دل مان ڇوليون کائي ڇلڪي پئڙو پيار ،

    موٽي مند ملهار او سائين موٽي مند ملهار ،

    موسم سهڻي ۽ سرمائي ، کڻي واڌايون ويڙهي آڻي ،

    وري نصيبن کي مينهوڳيون ، جيئن ڏينهڙ چار ،

    موٽي مند ملهار او سائين موٽي مند ملهار .

    سنڌي گيتن جو بادشاهه سڏائيندڙ بردو سنڌي ( محمد رمضان لاشاري) هن جهان جو سموريون ادبي مصروفيتون ڇڏي زندگي جون 66 بهارون 7مهينا ۽ 9 ڏينهن زندگي جا پل گذاري 26 آڪٽوبر سومر ڏينهن سال 1988ع ڌاري وڃي ابدي آرامي ٿيو، هن ڀلوڙ شاعري جي تربت نوابشاهه جي هڪ قبرستان منجهه آهي اڄ سندس جي 29 ورسي پڻ ملهائي ويندي .

    محمد ابراهيم لاشاري ​
     
    سليمان وساڻ ۽ TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو