حراسمينٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي نثار کوکر هن جو توڻي جو شاعري سان پري پري جو ڪو واسطو نه هيو پر سندس عادتون ان سنڌي شاعر جهڙيون ٿي پيون هيون جنهن عمر جي آخري حصي ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريء کي شاعري سيکارڻ بهاني پنهنجي رکيل يا ڪييپ ڪري ويهارڻ جو سوچيو هو پر ڇوڪري سندس پاسو ئي مٽي وئي. جنهن بعد ان شاعر ڪهڙا گل ٽيڙيا سو ڪنهن ٻئي واري جو ذڪر هوندو پر پهريان اچو ته ڄامشوري هلون ۽ ان سينئر استاد سان ملون جنهنجي سموري عمر اهڙي سياسي نظرئي جي پرچار ڪندي گذري آهي جنهن ۾ عورت مرد برابر حقن جا حقدار هجن.جتي ٻنهي مان ڪير به ڪنهنجو جنسي بنيادن تي يا ٻئي ڪنهن بنياد تي استحصال نه ڪري سگهي پر هن کي لطيف آباد جي اها چنچل اردو ڳالهائيندڙ ڇوڪري ڏسي الائي جي ڇو سمورا مارڪسوادي نظريا وسارڻا پيا ۽ هن پنهنجي آفيس ۾ کيس چانهن جي دعوت ڏئي گهرائي ورتو.سندن تعلق استاد شاگرد وارو ئي رهيو پر ڪجه وڌيڪ فري اسٽائيل ۾ ايترو وڌي ويو جو سندس آفيس جون چاٻيون به اها شاگردياڻي کڻي ايندي هئي. کيس ائين محسوس ٿيندو هو جيئن سندس صدين جي سڪايل روح کي تڏهن راحت ملندي هجي جڏهن اها لطيف آبادڻ ڇوڪري ڪڏهن ڪڏهن سندس آفيس ڪمري کي سنواريند سجائيندي هئي ۽ کيس حجت مان چوندي رهندي هئي آپ ڪتنا گند ڦيلها ديتي هو...ڪب تڪ آپ ڪو سمجهاتي رهون گي...اهڙن فري اسٽائيل جملن ٻڌڻ کانپوء سندس من کي راحت ملندي هئي ۽ کيس پنهنجي رسي ويل گهرواري ياد ايندي هئي ۽ پنهنجي منفرد انداز سان مسڪرائي کيس چوندو هو يه ميرا ڪام ٿوڙي هي..يه تو تمهارا ڪام هي.. جب تڪ تم هو مجهي ڪيا پرواه... اها حجت واري استادي شاگردي تيستائين هلندي رهي جيستائين ان ڇوڪريء اچي کيس پنهنجي مڱڻي بابت نه ٻڌايو..هو زماني گرد ۽ چڱن ڀلن چڪرن مان نڪتل سينئر ماڻهون هوندي به اهڙي خبر تي ڪنهن ڳوٺاڻي وڏيري جيان ردعمل ڏيکارڻ لڳو..هن پنهنجي ان پياري شاگردياڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سندس مڱيندي جو نمبر هٿ ڪري کيس اهڙا ڪي ميسيجن مٿان ميسيج ڪيائن ته بابا اسان جي جوڙي ڊپارٽمينٽ ۾ ليلي مجنون طور مشهور آهي تون ڪرين ڇا پيو.. اسان ٻنهي جي وچم ائين نه اچ جيئن ڪباب ۾ هڏي.....اها مڱڻي ڪنهن سان پيو ڪرين وغيره.وغيره......اهڙن ميسيجن تي گهوٽيتا ڪاوڙجي پيا ۽ اچي ڪنواريتن کي استاد جا اهي ميسيج ڏيکاريائون...جنهن بعد نقصان ته ڇوڪريء جو ئي ٿيڻو هو سو ٿيو.سندس مڱڻ ٽٽي پئي.اردو ڳالهائيندڙ ڇوڪرين ۾ مڱڻي جو ٽٽِ پوڻ ڪيترو نه سنگين مسئلو آهي سو توهان سمجهي سگهو ٿا پر اهڙي وارتا کان هڪ هفتي بعد جڏهن هوء لطيف آباد مان پنهنجي ڊپارٽمينٽ وئي ته سندس سينئير عاشق استاد پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾ چپ ڀڪوڙي مسڪرائي سگريٽ جو دونهون پنهنجي مختصر مڇن مان ڪڍندي ڪنڌ لوڏي کيس اشارن ۾ چئي رهيو هو ته ديکها ميرا ڪمال.....پر سندس خاموشي جي پيغام کي سمجهڻ بدران ان بهادر ڇوڪريء کيس ٻاهر ورانڊي ۾ سڏ ڪيو.جتي سڀني جي سامهون سندس آفيس جون چاٻيون سندسن منهن تي اڇليندي کيس رڙيون ڪري چوڻ لڳي ته مون تنهنجو آخر ڇا بگاڙيو هو جو تو منهنجي زندگي تباهه ڪئي آهي.توکي ڪنهن حق ڏنو ته منهنجي مڱيندي کي مسيج ڪر..مون توکي هڪ استاد هڪ مهربان استاد سمجهي توسان پنهنجي محبت جون ڳالهيون شيئر ڪندي رهيس ۽ تون اندر ۾ نانگ پاليندي رهيئين.مونکي توکي همدرد سمجهيو پر تون وڏو مڪار ۽ منافق نڪري پئين...اڳتي منهنجي سامهون نه اچجان متان مان تنهنجي ڪا بيعزتي نه ڪري ويهان....ائين چئي اها شاگردياڻي پنهنجي بيوسي تي روئيندي رهي ۽ سندس سنگتياڻيون ۽ اهو ڪاريڊور غمن جي ڏينهن ۾ آيل هولي جي رنگن جيان اداس ٿي ويو....
تمام گهڻو ڏک ۽ صدمو ٿيو آهي هن واقعي تي، سنڌ يونيورسٽي جي اهڙن استادن کي گزارش ٿي ڪجي ته خدارا هاڻ ٻيلي هن اداري تي رحم ڪريو.
سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي مادر علمي درسگاھ جي هڪ اعليٰ بهترين مثال رکي ٿي هي جنسي وحشت وارو ويڌن سنڌ يونيورسٽي جي سماجي اخلاقيات تي داغ آھي .جيڪا سنڌ يونيورسٽي موجوده غيراخلاقي صورتحال آھي تنهن مٿان علامه آءِ آءِ قاضي جي روح نوحو پڙھندي هوندي