• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳالهه مان ڳالهوڙو....

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
ڳالهه مان ڳالهوڙو....
پاڻ وارو يار سلامون گهٽي لنگهندي مليو، سلام دعا کان پوء پڇيو مانس ته ڇو اڄ لڙڪيل ٿو لڳين؟
ٿڌو ساه کڻي چيائين ته استاد توکي سڄي خبر آهي پوء به پڇين ٿو.
ابل گٽڪي جي وڪري تي سختي ڪئي اٿن. مانڊڻي تي مائو ڪونه ٿو ملي شهر وڃڻو پوندو.
1f912.png

مون چيومانس ته اهو ڪو وڏو مسئلو ڪونهي هن کان اڳ به هزار ڪوششون باوجود گٽڪو بند نه ٿيو.
پر استاد ڏس نه رڳو باھ اسان گٽڪي وارن جي پويان، هي پٺاڻ نسوار جا ٽوڪرا ڀريو گهٽي گهٽي ويٺا آهن ان تي ته سرڪار جو موچڙو ڪونهي.
1f47f.png
سلامون ڳالهائڻ جي موڊ ۾ هيو مون به سندس دل نه ڀڳي ته ڀلي اوٻر ڪڍي. سائين ڏسو نه نسوار ڏئي پٺاڻ وتي هنڌ هنڌ وٺ لاھيندو، نسورا کائجي ته اڳيان هيٺيان مٿان ڏند ڳريو وڃن، مٿي ۾ ڦيري الڳ....... استاد گٽڪو ماٺيڻو نشو آهي، وات ۾ وجهي مست ٿيو ويٺو هج، ڪلاڪ کن لاءِ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو روزو، مٽون ڦوڪيو ڪلاڪ کان پوء وات کولي گڏ ڪيل مال کڻي پچڪاري ڪر..... ڪراچي جي ڳوٺن جا روڊ رستا ڳاڙها ڳاڙها لعل لڳا پيا آهن. رنگ روغن جي ڪا ضرورت ناهي، رستي جو جيت جڙو مڇر ناس ٿيو وڃي. استاد اڪثر ماڻهن جي ڪپڙن تي ڳاڙهي رنگ جو ڀرٿ نظر ايندو، گٽڪي جو ڪمال ته آهي. گٽڪي وات ۾ هجڻ ڪري ماڻهو ماٺيڻان سڏجن نه ويڙه نه جهيڙو......... وڙهون به ڇا تي وات ٿا کوليون ته؟؟.......... سمجهو آهيو.
1f47a.png


"يار گهڻو گٽڪي کي نه ساراه هتي رهندي ست سال ٿيا آهن، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد آهن، 19 ڄڻا ته هوندا جيڪي وات جي ڪينسر ۾ فوت ٿيا آهن. " مون چيو.
1f914.png

بي شڪ پر سائين سچ ٿو چوان ته ان کان وڌيڪ ته ڪچي شراب پيڻ وارا جگر جي ڪينسر ۾ مئا آهن پوء گتا به بند ڪرائين رڳو گٽڪي تي مار.
1f60b.png

هاڻي سلامون جوش ۾ هو.
پٺاڻن کي ته دماغ جو ڪينسر ٿيو پوي ڪلاڪ نسوار نه ملين ته چريا ٿيو پون وتن بسن ۾ ماڻهن کي ڏاڙهيندا.
1f602.png
1f601.png
.
سلامون جي سلامتي واريون خبرون سُڻي ساه ۾ ساه پيو......... * س* سان سنڌ جي *سائي* ياد پئي. سرڪي هنيون سرور سان ستو پيو هج.
1f6cc.png

نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀوُ.
سائين جو سر سلامت پاڻ کي لهر نه لوڏو.
1f3ca_200d_2642.png


22742577_10212438329045848_4939376831812861952_n.jpg
 
Back
Top