• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جديد سنڌي الفابيٽ *و* سان واڍو.

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
جديد سنڌي الفابيٽ *و* سان واڍو.
جڏهن کان ڪاٺ مهانگو ٿيو آهي ته و سان واڍي جو تصور ختم ٿي ويو آهي.،جن لاءِ مشهور هو ته واڍي جي گهر ۾ " گھڙا منجي" به سالم نه هوندي آهي. گھڙا به ويا ته منجيون به ويون. هاڻي ڪولر، فرج، ڊسپينسر اچي ويا. اڄ ڪله جو واڍو خوشحال آهي ڇاڪاڻ ته واڍي مان ترقي ڪري ڪارپينٽر جو بڻجي ويو آهي. جڏهن کان نقلي ڪاٺ گتو يا شيٽون ايجاد ٿيون آهن سندن چاندي آهي. هينئر ڪارپينٽر صاحب چائنا دروازي ۾ هينڊل لڳائڻ جا به 700 روپيا ٿو طلب ڪري.

*و* سان وڏيرو........ پراڻي زماني ۾ ڪنهن عزت دار، شريف انصاف پسند بزرگ کي پنهنجو امير چونڊي کيس پنهنجي راڄ ڀاڳ جو وڏيرو چوندا هئا، يعني عزت آبرو، ڪار وهنوار ۾ مٿڀرو. جيستائين وڏيري جو معيار اهو هو ته راڄ ڀاڳ ۾ امن آتشي ۽ سڪون هو. هر هڪ جي عزت محفوظ هئي. آھستہ آھستہ قدر بدليا، پئسي وارا وڏيرا ٿيڻ لڳا ته ڪم ظرفن هٿان ڪنهن جي به عزت جان و مال محفوظ نہ رهيو. سندن ڪردار ڳوٺ راڄ جي محافظ جو نه رهيو بلڪ ظالم، علم دشمن، چور پاٿاريدار جو رهيو، ايتري قدر جو وڏيري جو لفظ گار بڻجي ويو.
وڏيري جي ذڪر تي هڪ ڳالھ ياد پئي ته اهڙي ئي هڪ وڏيري جي رنگت ڪاري هئي، هڪ همراه هوٽل تي ذڪر ڪيو ته وڏيرو اهڙو ته رنگ جو ڪارو آهي جهڙو ڪانو.
چمچن مان ڪنهن اهو ذڪر وڏيري سان ڪيو ته سائين همراه توهان کي ڪارو پيو چئي.
وڏيري حڪم ڏنو ته هن جو منهن ڪارو ڪري گڏه تي گهمايوس.
هاڻي همراهه جي منهن تي دانگي پيا مَلين، اتي به هي نہ مڙيو رڙ ڪري چيائين "او ڀائو منهنجو منهن اڌ ڪارو ڪجو ڪٿي ڳوٺ وارا نه سمجهن ته پاڻ وڏيرو سائین گشت تي نڪتو آهي" .
1f600.png
1f601.png
1f602.png
1f603.png
1f604.png
 
Back
Top