سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم؛ سنڌ سلامت تي ڪجهه حاضر رڪن اِهو سوال ڪندا آهن۔ ته ڪپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔ سو اُنجو طريقو بلڪل آسان آهي۔ جيڪڏهن توهان پنهنجو آواز پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رڪارڊ ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهانکي هڪ مائڪرو فون جي ضرورت پوندي۔ اُنجي قيمت هن وقت بازار ۾ 200 کان 300 رپين تائين هوندي۔ پو توهان پنهنجو آواز پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رڪارڊ ڪري سگهو ٿا۔ [/IMG] پو توهانکي هڪ وائس رڪارڊر سافٽويئر جي ضرورت پوندي۔ سو هتان ڊائونلوڊ ڪريو۔ لنڪ سافتوئر ڊانونلوڊ ڪري چڪا آهيو۔ ته پو پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ڪري وٺو۔ پو پنهنجي ڪمپيوٽر جي Volumes جي پراپرٽي هيئن سيٽ ڪريو۔ ڏسو هي تصوير؛ پو توهان پنهنجو آواز رڪارڊ به ڪري سگهو ٿا۔ ٻڌي به سگهو ٿا۔ اگر توهان انٽرنيٽ تي آن لائين ريڊيو ٻڌي رهيا آهيو۔ توهان چاهيو ٿا ته ڪو پروگرام يا ڪو ڪلام رڪارڊ ڪجي۔ ته سو بلڪل آسان آهي۔ پنهنجي ڪمپيوٽر جي Volumesجي پراپرٽي هيئن سيٽ ڪندا۔ ڏسو هي تصوير؛ اميد آهي ته منهنجو هي سمجهايل موضوع توناهکي ضرور سمجهه ۾ آيو هوندو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامتsindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز آساني سان رڪارڊ ڪريو يار اصل مٽ ڀڃي ڇڏئي ۔ لڳي ٿو توهان واري لنڪ تي ڪنهن موڊيريٽر جي نظر نه پئي آهي نه ته ۔۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز آساني سان رڪارڊ ڪريو ادا اظهر اهڙي بهترين ٽيوٽريل تي توهان جا لَک ٿورا۔۔۔ ڇا اوهان جي ٻڌايل سيٽنگ سان اسان انٽرنيٽ تان ڊائريڪٽ ايف ايم به ريڪارڊ ڪري سگهون ٿا۔۔؟
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز آساني سان رڪارڊ ڪريو ادا توهان جي سمجهائڻ جو تصويري طريقو ڀلو لڳو۔۔۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ وحيد جي ڳالهه آهي ته ٻيلي ڏاهو ٿي آئينده ڪنهن پورن سائيٽ جو لنڪ ڏيڻ بجاءِ سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪري ڪنهن ٻي سائيٽ تي اپلوڊ ڪريو جهڙوڪ فائل ڊن۔۔۔ ۽ بعد ۾ لنڪ شيئر ڪريو۔۔۔ توهان جي موجوده لنڪ کي ترميم ڪيو ويو آهي۔۔۔ شيئرنگ جي مهرباني۔۔۔