• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ٻڌايان مان ڪنهنکي غم جو فسانو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


ٻڌايان مان ڪنهن کي ؟
غم جو فسانو،
آهي بيوفا هِي سارو زمانو.


سُکن منجھه ساٿي ته سڀڪو سڏائي،
ڏِسيو ڏُک، ڏوران ٿو هرڪو ڇڏائي،
ڏکن ۾ ڇڏي ويا بنائي بهانو..

جنين پيار ڏيئي ٿي پنهنجو بنايو،
انهن اڄ اسانکان به مُنهڙو مٽايو،
اڪيلو ڇڏي ويا بنائي بيگانو.

آواز : ماريه بلوچ



 
استاد جمن جي آواز ۾ :


آهي بيوفا هِي سارو زمانو،
ٻُڌايان مان ڪنهنکي غم جو فسانو.

جنين پيار ڏيئي ٿي پنهنجو بنايو،
انهن اڄ اسانکان ڀي منهڙو مٽايو،
ڇني سي ڇڏي ويا بنائي بيگانو..


سکن منجهه ساٿي ته سڀڪو سڏائي،
ڏِسيو ڏُک، ڏوران ٿو هرڪو ڇڏائي،
بيزار ٿيندا بنائي بهانو.


پياسيءَ جون آهون اثردار آهن،
مگر عاشقن لئه بيڪار آهن،
بنائن ٿيون الٽو ئي غم جو نشانو..


 
Back
Top