جدائي ۾ جاني جيئڻ ناهي سولو ڏسي زهر اکين سان پيئڻ ناهي سولو تنهنجا سور سڀ سيني ۾ سمائي سهڻا هن ظالم دنيا ۾ هلڻ ناهي سولو تو ته ڇڏيو آهي مونکي مٺڙا وساري پر سهڻا جاني توکي وسارڻ ناهي سولو
عبدالرحمان صاحب استاد ته استاد اهي سندس ڪهڙي ڳاله ڪجي، هتي چند شعر عبدالغفار تبسم جا ياد اچي ويا ...... دل ۾ اڄ رات تنهنجي ياد وري آ شايد اونداهيءَ رات ۾ ڪا چڻنگ ٻري آ شايد ريءَ برسات سڄي رات پسيو آ دامن دل کي اکين مان ڳجهو دريا دري آ شايد تنهنجي واعدن جي اڃان اعتبار تي آهي دل منهنجي ناهي ڪا پٿرن جي ڀري آ شايد ڪير ايندو ڇو هتي ڪير سڏيندو مونکي دل چري آهي خالي گهر کان ڊڄي آ شايد تون پنهنجي شوق سان ها شوق سان ڪر ظلم ۽ ستم ڪا تبسم ۾ اڃان ساه ذري آ شايد