تاج صحرائي ناليوارو سنڌ جو ڏاهو اديب

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    تاج صحرائي سنڌ جو ناليوارو شاعر اديب جي ياد

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ جا مڙئي شهر ، وستي ،واهڻ ،ڳوٺ ڪنهن نه ڪنهن ادبي لڏي واري صفت سان سرشار لڳا پيا آهن، شڪارپور شهر کي اهيو اعزاز حاصل آهي جو هن جي چيڪي مٽي منجهان سنڌ جا وڏن وڏن ڏاهن ۽ علم جي اڪابرن ، اديبن ، شاعرن ، عالمن کي پنهنجي ڪک ۾ جنم ڏئي پنهنجو نالو ملڪان ملڪ مشهور ڪرايو آهي انهن سنڌ جي اديبن منجهان تاج محمد ميمڻ پڻ هڪ آهي جنهن 11 سيپٽمبر 1921ع ڌاري آچر ڏينهن شڪاپور جي معزز شخصيت محترم نور محمد ميمڻ جي گهر اکيون کليون ،پڙهن جي عمر جيترو ٿيو ته سندس پي اسڪول منجه داخل ڪرايو پاڻ ابتدائي تعلي لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي اسڪولن منجهان پرايائين ، ننڍي هوندي کان ذهين ۽ پڙهائي ۾ ڀهڙ هو سال 1942ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور منجهان پاس ڪيائين هن محنتي شاگرد پڙهائي جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪراچي شهر جو رخ ڪيو گريجوئيٽ ۽ بي _ ٽي جون سندون ڪراچي مان پڙهي پاس ڪري حاصل ڪيائين سال 1945ع ڌاري تاج صحرائي پنهنجي شفيق پيءَ جي ساءِ کان محرو ٿي ويو ، تنهن بعد هو پيغمبري پيشي درس تدريس واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو ، سال 1948ع منجهه دادو ۾ استاد ٿي پڙهائڻ لڳو ، سنڌ جي هن ڏاهي ناليواري اديب جي سڃاڻپ ادبي لڏي منجهه هڪ شاعر طور ناهي مڱر هڪ ئي وقت هو تاريخدان ، جاگرافيدان ، محقق، ماهر آثار قديمه ، صحافي واري سمورين صفتن جو مالڪ هو ، پاڻ شاگردي واري زماني ۾ سياست ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ان زماني سال 1943ع ڌاري خاڪسار تحريڪ جي برجستي ڪارڪنن ۾ شمار ٿيندو هويس ، پاڻ تحريڪ آزادي واري دور (زماني ) سال 1947ع منجهه 10 آگسٽ کان 26 ڊسمبر تائين دهلي هندستان جي جيل ۾ قيد ڪاٽي آيو تاج صحرائي صاحب هڪ تمام وڏو تاريخدان هو پاڻ سال 1948ع ڌاري صحافت واري دنيا ۾ پير پاتائين ، ان زماني ۾ دادو منجهان هفتيوار اخبار (آزاد) نالي جاري ڪرائي دادو واسين جي علمي ،ادبي معلومات ۾ شاندار قدم کڻي شعور جو ڏيئو روشن ڪيائين مرحوم تاج صحرائي کي سير و تفريح سان دلي لڳاءُ هيس ان سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن، ڪوٽن، قلعن ، ٿر، بحرن ، جبل ، ڍنڍن ،ڍورن، قديم ماڳن، جا نظارا پسيءَ پوءِ پنهنجي ڏات سان انهن کي ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ڪيائين سندس جا لکيل تحقيقي مقالا اسان سنڌ واسين کي روشني جي راهه ڏيکارين ٿا . تاج صحرائي صاحب علم ادب جو هڪ ڏاهو انسان ٿي گذريو آهي تعليم جي سلسلي ۾ هو مڙني سنڌي اديبن کان اڳ کان اڳرو هو سنڌ ۽ سنڌواسين سان نهايت دلي پيار هوندو هو هن نئي نسل کي تعليم جهڙي زيور سان سرشار ڏسڻ پئي چاهيو ، سال 1956ع ڌاري سندس من ۾ هڪ تعليمي اداري کولڻ جو شوق جاڳيس پوءِ ترت دادو شهر منجهه (طالب المولي ) جي نالي جي نسبت سان هڪ هاءِ اسڪول جو پايو وڌائين ان نيڪ مقصد منجهه دادو جي اڳوڻي آفيسر ڪليڪٽر سيد مدد علي شاهه صاحب به هٿ ونڊرايو پاڻ ان سهڻي ۽ ساراهه جوڳي عمل ۽ مقصد ۾ ڪامياب ويو جتي هزارين غريبن جي ٻارن کي هڪ بهترين اداري ۾ تعليم پرائڻ جو موقعو ميسر ٿيو ،تاج صحرائي جي ان نيڪ مقصد جي طفيل دادو ۽ ان جي آسپاس جا ڪيترائي نوجوان تعليم پرائي مقابلي جي امتحانن ۾ ويهي ڪئي ڊاڪٽر بڻجي ويا ته ڪئي انجنئير ، ڪيترائي جج ڪئي وڪيل ڪيترائي بيوروڪريٽ اعلي عهدن تي ڪم ڪندي نظر آيا تاج صحرائي صاحب تعليم ۾ ڪاپي ڪلچر جو نهايت مخالف هوندو هو ڪاپي ڪلچر کي تعليم لاءِ ناسور سمجهندو هو ، سنڌ جو هي ڏاهو اديب هميشه علمي ،ادبي ، خدمت ۾ يقين رکندڙ انسان هو. هي دادو جي هميشه خدمت ڪندي نظر آيو سندس جو هڪ ٻيو اهم ڪارنامون اهو هو ته ان زماني ۾ دادو شهر ۾ ڪابه لائبريري نه هوندي هئي هن پاڻ پتوڙي (علام آءِ آءِ قاضي ) جي نالي سان منسوب ڪري هڪ بهترين لائبريري جو وجود وجهي سونهري اکرن ۾ پنهنجو نالو هميشه لاءِ لکرائي ويو. اها لائبريري ضلعي دادو جي سڀني لائبريرن منجهان هڪ شاندار وڏي لئبريري پڻ آهي جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد علمي ، ادبي ، سائنسي ، مذهبي ڄاڻ پرائي پنهنجي زندگي جي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچن ٿا ، اها لائبريري هاڻ سنڌي ثقافت کاتي جي نگراني منجهه هلي رهي آهي ، تاج صحرائي صاحب کي لاڙ ميوزم جي طرز جهڙو دادو ۾ ميوزم ٺهرائڻ جو خواب هوندو هو مڱر اهو خواب پورو نه ٿي سگهيس ، هن عظيم اديب ، تاريخدان ، اديب کي لعل قلندر شهباز جي علمي ، ادبي ،۽سندس جي فڪر جي تعليم کي اجاگر ڪرڻ جو فڪر هميشه من منجهه رهندو هو، جيتوڻڪ سال 1962ع ڌاري (شهباز ادبي ڪانفرنس ) ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتائين ، ان زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اها ادبي ڪانفرنس ٿيندي رهي ٿي جتي سنڌ جا اديب هر سال لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي ادبي ۽ علمي روشني ۽ ڀيٽا پيش ڪندا رهن ٿا سونهاري سنڌ جو هي لائق اديب علم جو اڪابر پاڻ (شهباز ادبي ڪانفرنس ) جو پايو وجهندڙ ميمبرن منجهان ۽ ڪنوينر پڻ رهيو ، پاڻ سال 1971ع کان هڪ سال لاءِ سنڌ ميوزم حيدرآباد جو پهريون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو ، پاڻ ڪيترن ئي سيمنارن ۽ ادبي مشاعرن ۾ سرگرم ٿي حصو وٺندو رهندو هو ، سندس لاءِ اها اعزاز جهڙي ڳالهه آهي ته پاڻ 1977ع ڌاري (ٽرپولي ) منجهه سڄي دنيا جي ملڪن جي نمائندن استادن (ماسترن ) جي وڏي ميڙ ۾ حڪومت پاڪستان جي واحد نمائنده طور شرڪت ڪئي ، تاج صحرائي صاحب سال 1981ع ڌاري درس تدريس واري شعبي منجهان سرڪاري عمر جي حد پوري ڪندي رٽائرمينٽ ورتي ، ان زماني يعني سال 81ع منجهه (رني ڪوٽ ) تي هڪ شاندار سيمينار جو بندوبست ڪري دنيا جي محققن کي دعوتون ڏئي سنڌ اندر گهرائي آثار قديمه جي بچاءُ ۽ انهن جي اهميت بابت آگاهي ورتي ، تنهن بعد آثار قديمه کي دنيا جي ٻين ملڪن منجهه پذرائي پڻ ملي ،تاج صحرائي صاحب شروعات کان وٺي زندگي جي آخري عمر تائين لعل شهباز ميلي ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ رهيو سندس هميشه خواش هوندي هئي ته (شهباز ايوارڊ ) الائي جي ڪڏهن ان جو هقدار ٿيندس ، تاج صحرائي صاحب جي اميد پڻ پوري تي زندگي جي آخري عمر ۾ (شهبازايوارڊ ) پڻ حصي ۾ مليو ، تاج صحرائي صاحب نظم ۽ نثر پڻ زبردست نموني ۾ لکيو شاعري جي صنفن منجهان غزل ۽ نظم لکڻ جو وڏو ڍنگ هوندو هيس پاڻ شاعري واري زبان سان ٻڌائي ٿو ته

    زندگي جي دراز پلڪن تي ، حادثن جو غبار ايندو آ

    همسفر تيز گام ٿي اڳيان ، ميڪدي ۾ قرار ايندو آ .

    محترم تاج صحرائي صاحب نثر لکڻ جو به ڪوڏيو هو هن جا ڪيترائي تحقيقي مضمون ، مقالا سنڌي زبان کان علاوه انگريزي زبان ۾ ڇپجي سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو پڻ ڪيو سندس ادبي پورهيو به لاجواب ۽ شاندار ۽ وڻندڙ آهي پاڻ سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي زينت ۾ وڌارو ڪرايو ڪتابن منجهان قلندر لعل سيوهاڻي ، تصوير درد ، سنڌو تهذيب ، دادو ضلعو _ جاگرافي ۽ تاريخي آئيني ۾ ، کيرٿر جبل ، (ليڪ منڇر انگريزي ۾ )نيئين ننڊ اکوڙ (لطيفيات ) سر سارنگ مقالو ، گورک چوٽي مقالو ، ان کان علاوه پڻ ٻيا ڪتاب لکي پنهنجو نالو نروار ڪيائين ، سنڌ جي هن ڏاهي جفاڪش استاد ، شاعر ، تاريخدان ،۽ بهترين آرڪيلاجسٽ ۽ اديب کي زندگي ۾ ڪيترن ئي انعامن ايورڊن سان نوازيو ويو ، سندس کي حڪومت پاڪستان پاران (تمغه حسن ڪارڪردگي ) جهڙي ايواز سان پڻ نوازيو ، سونهاري سنڌ جو هي عظيم خدمتگار اديب سڀني ادبي ڪمن منجهان هٿ ڪڍي هي رنگا به رنگي دنيا جي سنسار کي ڇڏي زندگي جون 81 بهارون 1مهينو ۽ 17 ڏينهن گذاري سومر ڏينهن درالبقاءَ ڏانهن هميشه لاءِ راهي ٿي ويوسندس جي 28 آڪٽوبر تي 14 ورسي ملهائي ويندي ، منهنجي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي نماڻي گذارش آهي ته سنڌ جي سڀني ڏاهن اديبن ۽ ادبي خدمت رکندڙ مڙني شخصيتن جي ورسي سرڪار سطح تي پاڻ مرادو ملهائڻ گهرجي .

    ڏسپتو محمد ابراهيم لاشاري معرفت لاشاري هائوس نزد مختيار ڪار آفيس واره ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو