ٻئي سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ هڪ اهم سيشن هي به اٿو : Journey of Sindhi Language سنڌي ٻوليءَ جو سفر هن سيشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قديم سفر کان هاڻوڪي سفر يعني ڊجيٽل دور تائين جون ڳالهيون ٿينديون، ڪاميابين ۽ ناڪامين جي ڳالهه ٿيندي، جديد دور ۾ ٻوليءَ جي ڪاميابين ۽ چيلينجز تي ڳالهيون ٿينديون. انٽرنيٽ ۽ موبائل جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ٿيندي. اسپيڪر آهن ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، امر فياض ٻرڙو ۽ محمد سليمان وساڻ. هن سيشن جو موڊريٽر آهي ڊاڪٽر احمد سومرو. تنهنڪري دوستو فيسٽيول جي ٽئين ڏينهن آچر 29 آڪٽوبر 2017ع تي منجهند جو ڏيڍ وڳي کان اڍائي وڳي تائين، بيچ لگزري هوٽل ڪراچي جي اڪئيرس هال ۾ اوهان جي اچڻ جو اوسيئڙو رهندو. Journey of Sindhi Language 2nd Sindh Literature Festival 29 October, 1:30 to 2:30 PM Aquarius Hall, Beach Luxury Hotel, Karachi