• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سکر

nadar baloch

سينيئر رڪن
سکر
شمس العماء مرزا قليچ بيگ

اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهين سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سنه 927ھ : 1529ع ڌاري جڏهين مرزا شاه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهين بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلھ ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺلھ يا منارو سڏيندا آهن. سنه 983ھ : 1575ع ۾ اڪبر بادشاه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿئي. جڏهين هو بکر ۾ آيو، تڏهين بادشاه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ڏئي ۽ پاڻ فقط سکر هٿ ۾ رکي. سنه 998ھ : 1589ع ڌاري، جڏهين خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏيئي ويو، تڏهين آدم شاه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاه جي ٽڪري ٿي سڏجي.سنه 1168ھ : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو؛ پر بادشاه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاه ڪوچ ڪري نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سنه 1258ھ : 1842ع ۾ جڏهين سر چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهين هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي.
 
جواب: سکر

مهرباني ڀاءَ نادر بلوچ صاحب، اوهان سکر بابت تاريخ جو هڪ ننڍڙو ٽڪڙو ونڊ ڪيو آهي، هن ٽڪڙي مان اهو واضح آهي ته سکر پڻ بکر سان گڏو گڏ ترقي ڪندو رهيو هوندو ۽ شاه بيگ ارغون 1521 يا 1522ع ڌاري بکر کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ قرار ڏنو هو ۔۔۔ ۽ جڏهن شاه بيگ مري ويو ته سکر وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان ڦري شهر ٿي پيو هو جو اڪبر بادشاه 1575 ع ۾ ڪيسو خان کي سکر جو حاڪم مقرر ڪيو، جنهن مان ثابت ٿيو ته اڪبر بادشاه پنهنجي خاص ماڻهونءَ کي ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ته نه يقينن وڏي شهر جو حڪمران ئي ٺاهيو هوندو ۔۔۔

انڪري ايئن چئجي ته بکر سان گڏ سکر پڻ ترقي ڪندو رهيو هوندو ۽ 50 سالن ۾ هڪ شهر ٿي ويو هوندو ۔۔۔
 
Back
Top