بردبار عورت سڄي آ ڀلائي ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    بردبار عورت سڄي آ ڀلائي

    چوڏهين چنڊ هو ونهجي ڪا آئي
    چاندي جهڙو رنگ سفيدي صفا صاف
    مخملي نرم نرمل نياري خوشبو عود عمبر
    واسيو ويڙهو جنهن سان گلابي عنابي ڪومل ڪنواري
    شرم ٻوٽي جهڙي حيادار بي حد سمونڊ جهڙي گهري
    نه ڪنهن سان ٿي قهري اٻهري اٻهري اڳيان جو آئي
    سڀئي ساه جنهن لئه سر خم ويا ٿي
    اها ناز واري پياري پياري
    حيا شرم جنهن جو وڏو بي بيان هو
    اتر جهڙي البيلي نه ڪو ناز نخرو
    حسين هن جا عنوان رنگين بيحد
    سڄي سڪ سالم
    رکي هو هلي ٿي
    جيءُ ۾ جلي ٿي
    نه ئي ڪجه کلي ٿي
    ائين بند مٺ جيئن
    ڏسڻ ۾ اچي ٿي
    فخر جنهن تي عورت
    سڀ سڀ ڪري ٿي
    اها لڄ واري
    اها ديد واري
    ڪڏهن ڪين ڪرڪي پنهنجي هو قسمت
    هر حال ۾ هو ڪيي رب تي راضي
    ڳڻن واري جيڪا ڳڻتين نه ڳاري
    اڃا ٿي سگهاري
    سڄو پاڙو هن جي عظمت ڳڻي ٿو
    هن جو نالو جو ڪو سڻي ٿو
    اها ڀاڳ واري
    اها جاڳ واري
    اندر جنهن جي الله
    سدان ورد جاري
    ڀڃي نفس کي نهوڙي ڇڏيو جنهن
    وري شوق شيطاني ٽوڙي ڇڏيائين
    سنگتياڻي پنهنجن کي هي هي چيائين
    رهو ساب سڀ ڀ
    پنهنجي ورن لئه
    نه ڪيو ڪائي تامش برن ڪمن لئه
    ڪهڙي ته مائي
    ڪئي جنهن ڀلائي
    عزت هئي جنهن مٺ پنهنجي مائي
    اجائي نه جنهن ذري ڪا وڃائي
    برد بار عورت سڄي آ ڀلائي
    بردا بار عورت سڄي آ ڀلائي

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو