منصور حمزه
سينيئر رڪن
غزل
منصور حمزه
جيو جيو هي زندگي، جيئڻ جو ئي مقام آ
مست مست ٿي وڃو، گهڙي گهڙي ڪو جام آ!
هلون هلون ائين هلون، جا بادلن کي موج آ
اڏئون اڏئون سڀئي اڏئون، قدم قدم اڏام آ!
چٽان جيئن مٿي اٿئون، ۽ آسمان ٿي پئون،
نگر نگر نگون ٿيئون، جو هر ڏسا ٿي گام آ!
اماس ۾ ڪا لوَ ٿيئون، صبوح لئه شمع ٿيئون،
اهو جيئَڻُ آ زندگي، اِنهِيءَ کي ئي دوام آ!
ادا ادا ۾ شوخ هوءَ، نظر نظر ۾ با ڪمال،
پرينءَ جي ڳالھ ڳالھ تي، ڪيو سمئه قيام آ!
ملئون به ٿا وڙهئون به ٿا، روئون به ٿا کلئون ٿا،
ڊهون به ٿا ٺهون به ٿا، عجيب عشق مام آ!