• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دوستن ۽ ٻيڙين جو ساٿ

منصور حمزه

سينيئر رڪن
زل
منصور حمزه

دوستن ۽ ٻيڙين جو ساٿ هو
نرم مٽيءَ ۽ کڙين جو ساٿ هو

ڪجھ ڪپر تي چنڊ جا پيرا هيا،
ڄڻ نديءَ سان راتين جو ساٿ هو!

ننڊ پلر تي سبز رنگت جيئن هئي،
جاڳ ۾ جر جي گهٽين جو ساٿ هو!

تون هئين ڄڻ ڏور ويندڙ ڪو پکي
منتظر کي بس اکين جو ساٿ هو!

ونجھ ڀي منهنجي رڳن مان پئي مٽيو
روح کي دل جي ڪنڌين جو ساٿ هو!

تو ڇڏيو پئي ته گگن ڀي هو اداس
شام سان جوڳين، پکين جو ساٿ هو!
 
Back
Top