• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تقدير فسانو بڻجي ٿي

منصور حمزه

سينيئر رڪن
تقدير فسانو بڻجي ٿي
هر ڳالھ اسان جي اکين جي
معصوم نشانو بڻجي ٿي
ڪو سمنڊ ۾ اسان ۾ ڀرجي جو
ڪا وير اسان ۾ اٿلي ٿي
جنهن وقت ڪپر سان اٽڪي ٿي
ڪا سپ انهيءَ مان نڪري ٿي!

سانڍاڻ هيو، ۽ سير هئيءَ
۽ بازوءَ ۾ زنجير هئي
هِت آئون هيس، هُت هوءَ هئي
هِت شام هئي، هت باک هئي
هُت ديپ هيا، هِت راک هئي!

ڪجھ بوند وٺي، ڪو واءُ گهليو
هڪ جذبي ۾ درياءُ گهليو
هڪ ڳالھ کلي، ايذاءُ گهليو
ناراض هُئي، پرچاءُ گهليو!

پر پوءِ به تنها ئي آهيون،
سچ خواب نه ڪوئي ٿيو آهي
جت چنڊ چڪورن کي ماڻي
جت سونهن صبا کي ٿي ڄاڻي
سنسار اهو ڪو ٻيو آهي!
سو پيار اهو ڪو ٻيو آهي!
 
Back
Top