• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ها نڪ جي ڦليءَ جهڙو ڪٿي آ نصيب مُنهنجو اهڙو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


ها نڪ جي ڦُلِيءَ جهڙو ڪٿي آ نصيب مُنهنجو اهڙو!
تنهنجي ڪنَ جِي واليءَ جهڙو، ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو!

يا مان هُجان ها ململ جو چولو، پائين ها پنهنجي بدن تي،
يا ته هجان ها پازيب تنهنجي، جوت چمانءِ ها پيرن کي،
يا گُل ٿيان ها سڳيءَ جهڙو! ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو؟


يا ته هُجان ها چوڙيون ته سنگ مرمر جهڙيون ٻانهون ڇُهان ها،
يا ته هجان ها ڇلڙو پڇاڙيءَ چيچ ۾ پيو ته هُجانءِ ها،
ناهيان بٽڻ ڳچيءَ جهڙو! ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو!

اي ڪاش تنهنجو سپنو هجان ها ساري رات سوچين ها جنهن کي،
يا ته مان هجان ها آئينو ”تبسم“ هرهر ڏسين ها تون مونکي،
ناهي ڀاڳ ٻنهِي جهڙو! ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو!


آواز : سرمد سنڌي
ٻول : عبدالغفار تبسم
 
Back
Top