سلام رکل داس بينرجي– سلام مجمدار محمد عثمان ميمڻ زنده قومون پنهنجي محسنن جو قدر ڪنديون آهن. جي نه ته اوڪڙو ويهي ويهي انتظار ڪندي مري وينديون يا اندران اندران سون تي سيڻ مٽائي بدلجي هن ڌرتي جي گولي تان غائب ٿي وينديون آهن. ضروري آهي ته جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ياد ڪجي ٿو اتي سورلي ۽ گربخشاڻي کي ياد نه ڪرڻ پاڻ سان زيادتي ٿيندي. جتي ٻولي جي ڳالهه نڪرندي اتي منگهارام ملڪاڻي، محمد ابراهيم جويو، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ياد نه ڪبو ته اها ان ٻوليءَ سان زيادتي ٿيندي، جنهن کي ’امڙ‘ ڪري سڏيون ٿا، جتي شاعري جي ڳالهه ڪبي اتي شاهه لطيف، قاضي قادن، عبدالڪريم بلڙي وارو، اياز، استاد، شيام ۽ امداد کي ياد نه ڪبو شاعريءَ جا مياري ٿي پونداسين. جڏهن انڊس / سنڌو تهذيب جي ڳالهه ڪبي ته سر جان مارشل، رکل داس بينرجي، ڊڪشٽ، ڪزنس ۽ اين جي مجمدار جي ڳالهه نه ڪئي سون ته پوءِ سنڌو تهذيب جا ڄاوا ئي ڪو نه آهيون. اهي پنج ئي ماڻهو ڌريان ڌاريا هئا. نه هتي ڄاوا نه نپنا پر جڏهن هتي آيا ته هتان جي مٽيءَ جي واس ۾ اهڙا ته وٺجي ويا جو جيڪڏهن سنڌو تهذيب نه هجي هان ته جيڪر سندن نانءُ نشان به شايد ڪو نه هجي هان. جي انهن پنجن جو سنڌو تهذيب کي اجارڻ ۽ سنوارڻ ۾ هٿ هو ته سندس شخصيت نکارڻ ۾ سنڌوءَ جو وڏو هٿ آهي نه ته ڄڻ ته ڄاوا نه ها جڳ ۾ آيا نه هئا. سو منهنجا سائين هو اسان تي احسان ڪري پنهنجو وارو وڄائي ويا. اسان سندن ٿورا لاهي ته ڪو نه سگهنداسون پر ڳائي سگهون ٿا. خاص ٿورا آهن ٻن بنگالين جا، هڪڙو رکل داس بينرجي ۽ ٻيو هو ناني گوپال مجمدار. ٻنهي اسان تي جيڪي وڙ ڪيا آهن، اسان کي کوٽي، کَرڙي، دنيا آڏو اهڙو بيهاريو آهي جو اسان چئي سگهون ٿا ته اسان هڪ اهڙي عظيم تهذيب جا وارث آهيون جيڪا اڄ کان 5 هزار سال اڳ بابل، نينوا ۽ ڪش سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايون بيٺي هئي. اڃا به ٻه رتيون ڪسر باقي گهٽ نه! جڏهن انگريز سرڪار 1886ع ۾ ڪراچيءَ بندر کي پنجاب سان ڳنڍڻ لاءِ ريل پئي وڇائي. ته کين منٽگمري ضلعي ۾ برهمڻ آباد نالي شهر جا کنڊر مليا (جنهن جي ڀر ۾ هڙاپا جو مشهور ماڳ کوٽيو ويو)، جنهن جو مٿاڇرو پڪين سرن سان ڳاڙهو هو. هنن انهن سرن مان ڪجهه سرون استعمال ڪيون، پر شايد کين خبر هئي ته هو هڪ قوم سان ناحق ڪري رهيا آهن جو سندن تهذيب کي ڪُٽي ڪُڪرو ڪري استعمال پيا ڪن. معنيٰ ته ڌارين جي اک ۾ به ڪا حيا شرم رتي هئي. رکل داس بينرجي جي باري ۾ گهڻا صاحب ڄاڻندا هوندا. پر پوءِ به هتي سندس خاڪو ڏيان ٿو جيئن ان محسن بابت ڪي ٻه چار اکر سنڌي اتهاس ۾ رهجي وڃن. نه ته اڄڪلهه انٽرنيٽ تان سڀ ڪجهه مليو وڃي، نه ٿا ملن ته اين. جي. مجمدار ۽ حاڪم علي شاهه بخاري. ڪير ڪم ڪري، ڪير لکي! خير! رکل داس بينرجي 12 اپريل 1885ع ۾ برهمپور ضلعي مرشدآباد ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ماتي لال ۽ ماءُ جو نالو ڪالي ماتا هو. هن تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن پريزيڊنسي ڪاليج مان سال 1907ع ۾، ايم. اي ڪلڪتي يونيورسٽي مان ساڳي تاريخ جي مضمون ۾ ڪئي. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1910ع ۾ ڪلڪتي جي ميوزيم ۾ اسسٽنٽ جي حيثيت سان ڪيو. اتي هن آرڪيالاجي جو شعبو سنڀاليو ۽ 1911ع ۾ کيس اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا مقرر ڪيو ويو ۽ اتي ئي 1917ع ۾ کيس پروموشن ڏئي سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ 1926ع ۾ کيس جبري رٽاير ڪيو ويو. هن جي آرڪيالاجي کاتي ۾ نوڪري 16 سال رهي. انهيءَ عرصي دوران هن گهڻائي ڪتاب لکيا، پر هن جو اهم ڪم موهين جي دڙي جي ڳولا هئي. رکل داس بينرجي 1920ع ڌاري سنڌ آيو، جو کيس ٻڌ جي ٺلهن ۽ سڪندر اعظم جي فتح مينارن جي ڳولا هئي. هن کي ٻڌايو ويو ته ڏوڪري جي ڀرسان به هڪ ٺلهه آهي، هي صاحب اتي پهتو، رڻ ۾ هيڏو سارو ٺلهه بيٺل ڏسي ڪجهه حيران ٿيو ۽ اهڙي رپورٽ جان مارشل کي ڏنائين، جيڪو ان وقت هندوستان جي آرڪيالاجي کاتي جو سربراهه هو. تڏهن رکلداس بينرجي هندوستان جي آرڪيالاجي کاتي ۾ ويسٽرن سرڪل جو سپرنٽينڊنٽ هو (اهو ئي ٺلهه اڳتي هلي موهين جي دڙي سان دنيا ۾ مشهور ٿيو). هن ٻڌ جي انهيءَ وهاري جي چوڌاري کوٽائي شروع ڪئي. اتان جيڪي وٿون نڪتيون انهن کيس ياد ڏياريو ته اهڙيون وٿون هڙاپا مان به مليون آهن، جنهن جي کوٽائي راءِ بهادر ديارام ساهني ڪري رهيو هو. پوءِ هن دڙي جي ڪافي حصن جي پڙتال ڪئي. هن 1922ع کان موهين جي کوٽائي شروع ڪئي، جيڪا سندس جبري رٽائرمينٽ تائين جاري رهي. هي پهريون ماڻهو هو جنهن دنيا جي آڏو موهين جهڙي بي مثال تهذيب کي دنيا جي آڏو آندو ۽ ٻڌايو ته هي ماڻهو اڄ کان 5000 ورهيه اڳ صاف سٿرن شهرن ۾ پڪيون جايون جوڙائي رهندا هئا. عام راءِ اها آهي ته هن دڙي کي جان مارشل ڳوليو ۽ کوٽيو، ان تاريخي ڀُل کي کي درست ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جان مارشل ڊائريڪٽر جنرل هو، ان کي مواد هيٺين آفيسرن کان ملندو هو. پاڻ موهين جي دڙي تي ڏسڻ ضرور آيو هو پر لاڙڪاڻي جي گرميءَ ۾ هڪ ڏينهن به بيهي کوٽائي ڪا نه ڪرائي هئي. اهو اڄ به ٿئي ٿو ته وڏا صاحب ننڍن صاحبن جي تحقيق تي ٽوپي نراڙ تي رکي هلن ٿا، خاص طور تي آرڪيالاجيءَ ۾ ته اها پريڪٽس عام رهي آهي. شايد ئي ڪو سيبتو رڪارڊ آرڪيالاجي جي مرڪزي آفيس مان ملي، ڇو ته جيڪا سروي يا کوٽائي ٿيندي هئي ان جي مڪمل رپورٽ ڊائريڪٽر جنرل کي ڏيڻي هوندي آهي ۽ بدلي ٿيڻ وقت صاحب سموو مال مسالو پاڻ سان گهر کڻي ويندو آهي. آفيس جي ڪٻٽ ۾ ان جو نانءُ نشان به نه هوندو. جيئن ڏکڻ سنڌ جي مڪمل سروي ڪرائي وئي، ان سروي جي رپورٽ صرف نالن جي صورت ۾ پاڪستان آرڪيالاجي جي ڪنهن پرچي ۾ ملي ٿو. پر مڪمل رپورٽ صاحب پاڻ سان کڻي ويو. اها سروي حاڪم علي شاهه بخاريءَ ڪئي هئي. ائين ڊاڪٽر رفيق مغل جڏهن پاڪستان آرڪيالاجي جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو ته سنڌو تهذيب جي 414 ماڳن تي چولستان ۾ ڪم ٿيو. انهن جا نالا ته ڪٿي نه ڪٿي ڊاڪٽر صاحب اٽڪائي ويو. پر انهن ماڳن جي مڪمل رپورٽ پاڻ سان کڻي ويو. سو رکل داس بينرجي سان به ڪجهه ائين ٿيو، جو سندس سڄو ڪم جان مارشل جي نالي تي چڙهيو. موهين جي دڙي بابت سندس هڪ لکڻي ڪلڪته ميونسپل گزيٽيئر ۾ نومبر 1928ع ۾ ڇپي هئي. سندس جبري رٽائرمينت ۾ وارو معاملو به اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي. پر گمان آهي ته سندس جان مارشل سان تعلقات خراب ٿي پيا هئا، حالانڪه اهڙي ڪا به باظابطه رپورٽ سامهون ڪا نه آهي، نه ڪو ايندي پر انٽرنيٽ تي پيل هڪ مضمون جو منڍ اجهو هيئن آهي جيڪا رپورٽ رکلداس بينرجي بابت آهي. “ASI Manipulation in publishing report on IVC (Indus Valley Civilization) The ASI (Archaeological Survey of India) headed by the British had evidently Interests which were beyond the principles of Archaelogy or history and hence, the person headed manipulated and even suppressed the reports prepared by Indian Office R.D Banerfi, the superintendent of ASI, who worked with John Marshal had to such experience”. مٿين رپورٽ مان اهو ظاهر آهي ته ڪنهن وڏي انگريز آفيسر نه پئي چاهيو ته اها رپورٽ ڇپجي ۽ اهو مان ۽ مرتبو هڪ مقامي ماڻهوءَ کي ملي، جنهنڪري سندس موڪليل رپورٽون نه مان لهڻي نه سگهيون پر مورڳو گم ڪيون ويون، جنهن ڪري رکل داس بينرجي ضرور چڙيو هوندو. ڇو ته کيس نظر آيو پئي ته سندس ٻن ٽن سالن جي ڪمائي ڪٽ ٿي رهي آ- ۽ انگريز فيل مست هو. مٿس ڪي الزام مڙهيا ويا هوندا، ساڳي رپورٽ ۾ اڳتي به ڪي اشارا ملن ٿا. “….When John Marshal wrote on the monument of India in Cambrige History of India (1922), considering the cyclopean walls of Rajgriha to the ancient moist remain of India, expressed his ignorance about the great monuments of Mohan Jo Daro underheath the stupa site”. 1922ع تائين چئن موسمن ۾ موهين جي گهڻي کوٽائي ٿي چڪي هئي، جنهن جو حال احوال ۽ لکت ۾ رپورٽون جان مارشل کي پهتيون هيون، پوءِ به هن هيڏي وڏي تهذيب جو ڪٿي حوالي نه ڏنو، جو ان ۾ هڪ مقامي بنگاليءَ جي ناماچاري ٿئي ها. ان ڪري رکل داس بينرجي باهه مان نوڪري ڇڏي هليو ويو. پوءِ وڃي هندو يونيورسٽي بنارس جو پروفيسر ٿيو. اتي ئي موهين جي دڙي تي هڪ آرٽيڪل ’موهن جو دڙو‘ نالي بنگالي ٻوليءَ ۾ لکيائين، جيڪو باسومتي نالي هڪ رسالي ۾ 1925ع ڌاري ڇپيو. پاڻ 30 مئي 1930ع تي وفات ڪري ويو. 1926ع تي پاڻ موهين جي دڙي تي مڪمل رپورٽ، فوٽوگرافي ۽ نقشا جمع ڪرايا هئائين، جيڪي لڪايا ويا هئا. چار سال اها رپورٽ گم رهي، پر پوءِ 31 جنوري 1930ع تي بنا ڪنهن دستخط يا پڙتالي خط جي اها رپورٽ ظاهر ٿي، ڇو ته جان مارشل جي جاءِ تي نئون ڊائريڪٽر جنرل اچي چڪو هو. اها رپورٽ پوءِ دير سان 1994ع ۾ شايع ٿي. بهرحال مڙس انگريز بهادر سان جهيڙيو گهڻوئي. نيٺ نوڪري تان هٿ ڌوئڻا پيس. پر پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو، شايد بنگالي انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍا ضديرا آهن. پنهنجي موقف کي چٽو رکڻ ۽ مڃائن لاءِ سر جي بازي لائي ڏيندا آهن، جنهن جو تازو مثال مجيب الرحمان ۽ بنگلاديش آهي. اسان کيس سلام پيش ڪيون ٿا. سلام رکل داس بينرجي. ٻي شخصيت هئي نيني گوپال مجمدار، جيڪو رکل داس بينرجي کان پوءِ سال 1927ع ۾ ساڳي عهدي تي اچي ويٺو، جنهن تي اڳ ۾ رکل داس بينرجي ويٺل هو. انهيءَ دوران موهين جي تهذيب بابت گهڻائي ڪتاب ۽ آرٽيڪل ڇپجي چڪا هئا. تهذيب جا نقش چٽا ٿي چڪا هئا. دنيا ڄاڻي ورتو هو. پر ڪم سڀ ٻاهرين ماڻهن جو هو، جيڪو انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. دهلي دور هئي. ڪلڪتو پري هيو. ان لاءِ موهين بابت هتان جي ماڻهن کي پوري سڻو پرائي ڪا نه هئي. پاڻ جان مارشل، ديارام ساهني، اي. جي، ايڇ مئڪي سان موهين جي دڙي ۽ ٻين هنڌن وارين کوٽاين ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو هو. پاڻ پنهنجي ڪتاب ’Exploration in Sindh‘ ۾ لکي ٿو ته: ”مون لاءِ خوشقسمتي جي ڳالهه اها هئي ته 1925ع ۾ مون کي موهين جي کوجنا، وقت، سرجان مارشل، راءِ بهادر ديارام ساهني ۽ ڊاڪٽر اي. جي. ايڇ مئڪي سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ مون سنڌو تهذيب جي پراڻين شين کي سڃاڻڻ جو چڱو تجربو حاصل ڪري ورتو هو. 1927ع جي سياري جي مند ۾ سر جان مارشل طرفان مون کي منهنجي خواهش موجب ڪم ڏنو، جنهن ڪري مون کي لاڙڪاڻي ڀرسان جهڪر جي ماڳن تي وچولي قسم جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪرڻ جو سونهري موقعو مليو. اين. جي مجمدار جو جنم 1897ع ۾ ٿيو. هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي 1920ع ۾ اتي ئي استاد مقرر ٿيو. 1924ع ۾ راجشاهي عجائب گهر جو ڪيوريٽر مقرر ڪيو ويو. 1927ع ۾ آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. هي جان مارشل جو اعتماد وارو ماڻهو هو، کيس جهڪر جي کوٽائي سان گڏ موهين جي دڙي جي چارج ڏني وئي، جنهنڪري هو ٻنهي پاسي ڌيان ڏئي نه سگهيو. 1928ع ڌاري جان مارشل ۽ مسٽر هارگريوس ڏکڻ سنڌ ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي پڙتال ڪرڻ جو ڪم مجمدار جي حوالي ڪيو. پاڻ آڪٽوبر 1929ع ۾ ڪراچي پهتو، کيس رکل داس بينرجي جو تجربو آڏو هو، جنهنڪري هن موهين جي دڙي ڏانهن ڪو نه ڏٺو ۽ سڌو اچي جهڪر جي دڙي تي بيٺو ۽ اتان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي. هن سنڌو تهذيب جي هيٺين ماڳن کي ڳولي لڌو ۽ ڪن جي کوٽائي ڪري نتيجا به ڏنا آهن. اوائلي سنڌو تهذيب جا ماڳ: (1) احمد شاهه (ٿاڻو بولا خان)، (2) آمري (ڪوٽڙي)، (3) عارب جو ٿاڻو (ٿاڻو بولا خان)، (4) ٻنڌڻي (منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ ۾)، (5) چورلو (منڇر ڍنڍ جي ڏکڻ ۾)، (6) دمب بٺي (منڇر جي ڏکڻ ۾)، (7) ڇٽي جي ڪنڊ (منڇر جي ڏکڻ ۾)، (8) گاجي شاهه (جوهي/ منڇر جي اتر ۾)، (9) گورانڊي (جوهي/ گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾)، (10) گورانڊي (ب) (جوهي/ گاجي شاهه جي ڏکڻ ۾)، (11) کجور لانڍي (ٿاڻو بولا خان)، (12) ڪوهتراش (ٿاڻو بولا خان)، (13) لوهري (جوهي- منڇر جي ڪنڌيءَ تي)، (14) لنڊي بٺي (نيئنگ کان ڏيڍ ميل ڏکڻ، تعلقو سيوهڻ)، (15) پاندي واهي بٺي (ناڙي نئن- جوهي)، (16) پانڌي واهي (منڇر جي اتر ۾- جوهي)، (17) پوکراڻ (ڪرچات- تعلقو ٿاڻو بولا خان)، (18) راڄو ديرو (جوهي). سنڌوءَ جي اوج وارا ماڳ: (1) آڏت جو دڙو (ڏوڪري)، (2) علي مراد (منڇر جي اتر ۾)، (3) دمب بٺي (منڇر جي ڏکڻ ۾- هتي اوائلي اوج واري زماني جا ٻئي تهه ملن ٿا)، (4) ڏيسوئي (ٿاڻو بولا خان)، (5) آملاڻو (نئن مول ۽ نئن ملير جي سنگم تي)، (6) ڏلهه بٺي (منڇر جي ڏکڻ ۾)، (7) لاکيو پير (منڇر ڍنڍ)، (8) لوهم جو دڙو (پيارو ڳوٺ -دادو)، (9) عثمان جي بٺي (جوهي)، (10) اورنگي (ڪراچي)، (11) شاهه جو ڪوٽيڙ (جوهي)، (12) ٽنڊو رحيم خان (جوهي). سنڌو تهذيب کان پوءِ جا ماڳ: (1) چانهون جو دڙو (سڪرنڊ- نوابشاهه)، (2) جهڪر (لاڙڪاڻو). مٿي ڄاڻايل ماڳ صرف سنڌو تهذيب واري دور جا يعني موهين جي دڙي جا سهيوڳي آهن. ڪي ته ان کان به پراڻا آهن. جيئن آمري، گاجي شاهه، دمب بٺي وغيره. رڳو اهو نه پر ٻيا به تاريخي دور جا يا وچ تاريخي دور جا دڙا، ڀڙا، گبربند، قبرستان هن ڳولي انهن جو احوال لکيو. هن 1928ع کان 1938ع تائين ساندهه 10 سال جابلو علائقن، منڇر جي ڪنڌين، ڪنارن ۽ ميدانن تي ڪم ڪندو ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ (1931ع) کيس بنگال بدلي ڪيو ويو هو پر اتي به سنڌ جي ياد کيس ستائيندي رهي ۽ موٽي آيو ۽ اچي ڪم کي لڳو. 27 آڪٽوبر 1938ع کان وري هي جوهي جي جابلو پڊن جي خاڪ ۽ واري ڇاڻڻ لڳو. ساڻس هميشه ماڳن تان مليل وٿن جون ڀريل ٻوريون گڏ هونديون هيون، جو جيڪو وٿون لڀندو هو انهن کي سموهي سهيڙي نمبر ڏئي انهن جون خاصيتون لکي دادو جي ڪليڪٽر وٽ جمع ڪرائيندو هو ته جيئن اهي مرڪزي آرڪيالاجي کاتي وٽ پهچن. 11 نومبر 1938ع تي ڪم ڪري اچي پنهنجي خيمي ۾ ويٺو ته پٽ گل محمد کان ڌاڙو هڻي موٽندڙ ڌاڙيلن ٻورين کي سون جون ٻوريون سمجهي کيس شهيد ڪري وڌو. جڏهن سوڀو گيانچنداڻي رابندرناٿ ٽئگور سان مليو هو ته ان کيس ميار ڏني هئي ته او بيقدرا قدر نه ڪيڙو ڪو... جوهي تعلقي ۾ نئن گاج ڀرسان قتل ٿيڻ وقت هڪ ماڳ روهيل جي ڪنڀ وٽ سندس خيمو لڳل هو. ڌاڙيلن جا نالا اسان کي حڪيم محمد حسن لغاري قصبي واري )عمر اٽڪل 100 سال) ٻڌايا هئا، پر اسان وساري ڇڏيا. ڌاڙيلن جا نالا ياد ڪرڻ مان فائدو ئي ڪهڙو؟ اسان ته مري ويل جي ياد ۾ ڪو ٿنڀ ٿوڻي به نه هنئي آ- ته ڌاڙيلن کي ڪهڙيون ڦاهيون ڏيارينداسين. ڪاش دادو-جوهي واري ٺهندڙ دروازي جو نالو مجمدار گيٽ رکيو وڃي. جيئن رکل داس بينرجي موهين جي دڙي جي تهذيب کي دنيا سان روشناس ڪرائي اسان کان سلام لهڻو، تيئن نيني گوپال مجمدار به سنڌو تهذيب جا 32 ماڳ ڳولي اسان تي وڏو وڙ ڪيو. آخر ۾ هن مٽيءَ تي پنهنجي خون جا نشان ڇڏي اسان کي سدائين بنگالين آڏو شرمندو ٿيڻ لاءِ ڇڏي ويو- سلام مجمدار سلام...