استاد برڪت علي : غزل جو شهنشاهه راڳي محمد عثمان ميمڻ استاد علي بخش خبر ناهي ڇا محسوس ڪيو ڪري، پنهنجي قصوري گهراڻي جي هوندي به، پٽيالا گهراڻي جي استاد فتح علي خان جنهن کي جرنيل جو خطاب مليل هو ان جو شاگرد ٿيو.علي بخش خان استاد بڙي غلام علي خان ۽ برڪت علي خان جو والد هو. ۽ استاد ڪالي خان جو چاچو هو. چون ٿا ته بڙي غلام علي خان جڏهن سُر تال ۾ تيار ٿي ويو ته پنهنجي استاد پيءُ کان پڇيائين بابا منهنجي باري ”اوهان جو ڇا خيال آهي“ ته علي بخش خا ن چيو پٽ منهنجو استاد فتح علي خان هڪ روپيه هو، تون اڃا اٺ آنا آهين، گواليار گهراڻي جو ماهر موسيقار ۽ لاجواب گويو استاد اميد علي خان جو والد استاد پيارو خان به انهي فتح علي خان جو شاگرد ٿيو هو. اصل ۾ سُر جي ڇيڙ، سر جو ٽڪاءُ،تانن جو هڪٻئي پٺيان رچاءُ، لاهو چاڙهو ۽ حسين لئي ڪاري علي بخش خان ۽ فتح خان وٽ اهڙيون قابو ۾ هونديون هيون جو وقت جي وڏن وڏن ڳائڻن ۽ موسيقارن سندن شاگرد ٿيڻ تي مجبور ٿيا. شايد اهو ئي سبب آهي جو بڙي غلام علي خان جي والد پنهنجي پٽ کي مجبور ڪيوهو ته هو استاد عاشق علي خان کان سڳو ٻڌرائي(آهنگ) جڏهن ته ان وقت بڙي غلام علي خان ڀرپور انداز ۾ ڳائيندو هو، پر پوءِ به هن عظيم فنڪار پيءُ کي راضي رکڻ لاءِ پنهنجي هم عمر استاد عاشق خان جي شاگردي اختيار ڪئي، حالانڪه سندس گائيڪي جو انداز استاد عاشق علي خان مختلف هو ۽ پوءِ به رهيو. استاد برڪت علي خان جنهن جو هتي پاڻ ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا اهو استاد بڙي غلام علي جو ننڍو ڀاءُ ۽ علي بخش خان جو نهايت سريلو پٽ هو. سندس گلي ۾ رس ۽ سر ٻئي بيتاب رهندا هئا. برڪت علي خان 1905ع ڌاري علي بخش خان جي گهر قصور ۾ ڄائو. استاد بڙي غلام علي خان سندس وڏو ڀاءُ هو. هن موسيقيءَ جي شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتي، ان جي لاڏاڻي کانپوءِ استاد بڙي غلام علي خان هن جي تربيت ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ برڪت علي خان گهڻو توجهه هلڪي ڦلڪي موسيقي ڏانهن ڏنو جنهن ۾ غزل، گيت، ٺمري ۽ دادرو اچي وڃن ٿا. کيس پورپ ۽ پنجاب انگ ۾ ٺمري ڳائڻ جو خاص استاد مڃيو ويو آهي. ڪن موسيقي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٺمري ڳائڻ ۾ برڪت علي خان پنهنجي وڏي ڀاءُ بڙي غلام علي کان ٻه چار رتيون ڪسر هو. برڪت علي خان جا غزل گائيڪي ۾ ٻه شاگرد تمام اهم آهن، غلام علي ۽ فريده خانم، جن ماڻهن کيس ڏٺو انهن جو چوڻ آهي ته سادگيءَ ۽ انڪساري سندس خاص سڃاڻپ هئي، برڪت علي خان غزل ڳائڻ جا نوان اسلوب متعارف ڪرايا، جنهن ڪري کيس ”غزل جي شهنشاهه“ جو ۾ خطاب مليل هو. سندس گائيڪي جو تمام ڀلو عرصو 1960ع تائين رهيو. انهي زماني ۾ پاڻ ۽ بيگم اختر ئي هئا، جن غزل جي گائيڪي ۾ خاص مقام حاصل ڪيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان تي هڪ انٽرويو ڏنو هئائين. جنهن ۾ هن چيو ته: اسان جا وڏا اصل ۾ ڪشمير جي پهاڙي علائقن جا رهواسي هئا، انهن جي گائيڪي ۾ پهاڙي علائقي جو عنصر گهڻو هو. مون پهاڙي راڳ پنهنجي وڏن کان سکيو، سندس ڪي اهم غزل هي آهن. (1) دونون جهان تيري محبت ۾ هارڪي، (فيض احمد فيض)، (2) باغون مين پڙي جهولي-تم ڀول کڻي هم ڪو (ماهيا)، (3) اب ڪي سانون ڪو بلم گهر آجا، (4) اس بزم مين، (5) آهه ڪو چاهيئي اڪ عمر اثر هوني تڪ: (مرزا غالب)، (6) هستي اپني حجاب ڪي سي هي(ميرتقي عمر)، (7) ابن مريم هوا ڪري ڪوئي، (مرزاغالب)، (8) اشاري ڪرتا هي، (9) لگي نهين چوٽي، (10) ناوڪ ناز سي مشڪل هي بچانادل ڪا(امير مينائي)، (11) وه آڪي خواب مين (مرزاغالب)، (12) محبت جب سڪون زندگي(جگر مراد آباد)، (13) پريم ڪي نگري جيا مين سنگن رهي هي ۽ (14) ڪبهي هم ڀي ٿي تم سي آشنا (مومن). جڏهن برڪت علي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ڳائيندو هو ته ڇا منظر هوندو. اهو رڳو سوچي سگهجي ٿو. جڏهن اسان سندس ڳايل غزل ٻڌڻ کانپوءِ ته سمجهي سگهون ٿا ته سادگي ۽ سلاست جي باوجود انداز گهڻو مشڪل آ. ايترو ته مشڪل آهي جو ڪي ڪي جايون وڏا وڏا گائيڪ گلي مان ڪڍي ڪو نه سگهندا. استاد برڪت علي خان هر لفظ کي مرڪن ۽ مرڪين سان ادا ڪرڻ جو عادي هو. هو لفظ ۾ جان وجهي ڇڏيندو هو ڄڻ لفظن جو مسيحا هجي، هن جي انداز کي پوءِ مهدي حسن پنهنجو ڪيو. ان جي ڳائڻ ۾ به هڪ قسم جو ٽڪاءُ آهي، سر جو رچاءُ آهي، ڳمڀيرتا آهي پر برڪت علي خان جي مرڪ ڏيڻ محال آهي. استاد برڪت علي جي زماني ۾ ڪا وڏي آرڪسٽرا موجود ڪو نه هئي، هڪ طبلو، هڪ سارنگي ۽ هارمونيم، انهي تمام مختصر آرڪسٽرا تي ڳائي هن برصغير جي ڪن رسين ۽ استادن گائڪن کان داد وصول ڪيو. برڪت علي خان جيڪو ڳايو ان ۾ دل جو خون شامل ڪري ڳايو، هي پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر ٽيپ جي سرن تي آساني سان هليو ويندو. سندس سيني ۾ غضب جو سوز سمايل هو، جڏهن ”آ“ڪندو هو ته دنيا جو سمورو حسن سندس گلي ۾ لهي ايندو هو. پاڻ 55 سالن جي عمر ۾ 19 جون 1963ع ۾ وفات ڪيائين، اهڙي نموني غزل ڳائڻ جو انداز پوءِ غلام علي ۽ مهدي حسن پنهنجو ڪيو پر پوءِ به برڪت علي خان جي سوز ۽ درد کي ٻئي ڇهي نه سگهيا. اڄ جيڪو برصغير ۾ غزل جي گائيڪي ۾ سوين گائڪ ملن ٿا انهن تي هرحال ۾ برڪت عليءَ جي ڇاپ آهي ۽ رهندي.