• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيار جو خسارو ...

پيار جي خساري کي ڪرڻ پورو هليا آهيون
____________________________
پيار جي خساري کي ڪرڻ پورو هليا آهيون
مليا جي ناهيون اڳ ۾ پاڻ ملڻ هاڻي هليا آهيون

اسان جو پيار بي پرواه هلي هجت حبيبن سان
اسان کي دل ۾ ڌڙڪڻ آ حياتي ۾ جليا آهيون

هي ڪهڙي قربداري آ جوهن لئه بيقراري آ
لڇي ٿا زندگي گهاريون اسان هن لئه رليا آهيو

سکي جي سڪ جو سانگو رهيو هردم اندر ۾ آ
ائين باندي بره جا ٿي سدائين جيئن جهريا آهيون

ڏيوحوصلو لبستم کي چئي ٿي سڪ سالم ٿي
اسان جو تون ئي هڪ بالم نه ڪنهن ٻي تي ڀليا آهيون

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top