اچاريوچپن

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اچاريوچپن سان ته واه واه وڃي ٿي
    لکو جي سٽن سان ته واه واه وڃي ٿي

    چيا گيت جيڪي اوهان جي سکن لئه
    ڪتابي هي چهرو منهنجي خطن لئه
    لکان سڀ اهي گيت پنهنجي وطن لئه
    ڏسان سنڌ اکين سان ته واه واه وڃي ٿي

    اسان گيت سنگيت سنسار سارو
    ملي جي محبت ڪري پيار پيارو
    هجون ساٿ سان نه ٿي ڪو ڪنارو
    هڻي مهندي هٿن سان ته واه واه وڃي ٿي

    اهي گيت منهنجا گفتار تو لئه
    سڪن ٿا سڪن ٿا حبدار تو لئه
    هجي سک سڄو هي سنسار تو لئه
    هجين تون گگن سان ته واه واه وڃي ٿي

    امر گيت منهنجو تڏهن يار ٿيندو
    اوهان کي انهن سان جڏهن پيار ٿيندو
    سڄولوڪ تن لئه پو طلب گار ٿيندو
    هجي حب وطن سان ته واه واه وڃي ٿي

    نه دنيا جا ڏک هي اسان کي منجهائن
    نه دردن جا دهمان اسان کي ستائين
    لبستم سان ڀلي هو ڏيئي ڏک اچائين
    سنڀاريو سخن سان ته واه واه وڃي ٿي

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو