ڪڏھن سوچيو اٿو ؟ ھن زندگيءَ جو سفر ڪيڏو انوکو سفر آھي، ۽ ان سفر جي ياد کان اسان بيخبر آھيون. ايئن ڇو؟؟ ھر سفر جي مسافر کي خبر ھوندي آھي ته منھنجي منزل ڪيتري پنڌ تي آھيِ يا انقريب پھچڻ واري آھي ، پوءِ ھو پنھنجي تياري ڪري وٺندو آھي، جيئن پھچڻ مھل تڪليف نه ٿئي ۽ پنھنجو ثمر تيار ھجي ته جيئن پنھنجي منزل تي پھچڻ مھل آرام سان لھي وٺان. اڄ ڪالھ انسان ايترو ته مسروف ٿي ويو آھي جو جنھن مقصد جي لاءِ دنيا ۾ آيو اھو مقصد بلڪل وساري چڪو آھي، ڇا اسان کي ايئن ڪرڻ زيب ڏئي ٿو ؟؟ نه نه ھرگز نه جڏھن رزق جو سوال ٿو اچي ته ھر جاندار جي رزق جو ذمو الله تعاليٰ تي آھي (الله تعاليٰ ئي رزاق آھي) جيڪڏھن ڪنھن ڪم جو ڪوئي دوست ، مھربان، يا ڪو عزيز ذمو کڻي ويھندو آھي ته اسان پر سڪون ۽ ڪيڏا بيفقر ٿي ويندا آھيون ته بس فلاڻو ڪم ھاڻي فلاڻي جي ذمي آھي. حالانڪ انسان ڏاڍو ڪمزور آھي ان کان ان ڪم ۾ ڪوتاھي به ٿي سگھي ٿي پر اسان ڏاڍا پر سڪون ھوندا آھيو ۽ جنھن حقيقي مالڪ رزق جو ذمو پاڻ کيو ھجي ۽ اسان ان رزق لاءَ پريشان ھجون ته پوءِ ڇا اسان اھو ٻانھپ جو حق ادا ڪيو سين؟ دنيا سڄي کي ڳولھي ڏسو زمينن، آسمانن، پاڻي۽ ھوائن۾ رھڻ واري ھر مخلوق کي ھر جڳھ تي روزي ڪير ٿو پھچائي ۽اسان جو ايمان آھي ته اھو الله آھي . پوء اسان پريشان ڇو ھجون؟ اسان ڏسون پيا ته جيڪي مَحلن، ماڙين ۾ رھڻ وارا آھن انھن جون پريشانيون به ان مَحَلَنِ ۽ ماڙين کان به وڏيون آھن ۽ جيڪي مسڪين مارون ڪکاون جھوپڙين ۾ رھن ٿا ته اھي اوھان کي پريشان نظر ئي ڪون ايندا جيڪڏھن اوھان کي انھن وٽ پريشاني کڻي ڪنھن وقت نظر به اچي ته اھا ايڏي وڏي پريشاني ته ڪونه ھوندي رڳو سڀاڻي جي رزق جي تلاش جو فقر ھوندو اسان سرنديءَ وارن تي ان مسڪينن غريبن جو حق آھي انھن جي سار سنڀار لھڻ جيڪڏھن اسان پنھنجي پاڙي محلي ، ۽ غريب رشتيدار جو خيال رکنداسي ته اھا اسان لاءِ خيرات به ڀلي آھي ۽ الله تعاليٰ وٽ ان جو اجر به عظيم آھي ان سان گڏ خيرات ڪرڻ واري لاءِ ڏھ دنيا ستر آخريت آھي جيڪڏھن اڃان ان کي رب وڌائي ته سندس وس ۾ آھي. ھڪ ڀيري حضرت موسيٰ عليه السلام طور جبل ڏانھن پي ويو (طور جبل تي بارگاه رب العزت۾ ڪلام جو شرف حاصل ھوندو ھيس) رستي ۾ ھڪ ھمراه مليس عرض ڪيائينس اي موسيٰ تون الله تعاليٰ جو نبي آھين مان ته بکون ڪاٽي ڪاٽي تنگ ٿي ويو آھيان مون کي اھو سڀ رزق الله تعاليٰ کان ھڪ مھل ڪَٺو وٺي ڏي مان کائي پنھنجو پيٽ ڀريان پوءِ ڀلي مري وڃان ! حضرت موسيٰ عليه السلام جڏھن جبل طور تي پهتو ۽ الله رب العزت جي باگاه ۾ ڪلام جو شرف حاصل ٿيس عرض ڪيائين اي منھنجا الله فلاڻو تنھنجو ٻانھون عرض ڪري رھيو ھو ته منھنجو رزق مونکي ڪٺو عطا ڪيو وڃي مان کائي ھڪ ڀيرو پنھنجو پيٽ ڀريان پوءِ ڀلي مري وڃا الله تعاليٰ اھو عرض قبول ڪيو ۽ ان جي رزق کي ان ڏانھن موڪليو ويو ان مسڪين جي طرف ڪوئي ڏاند ڪاھي آيو ڪوئي مکڻ پھچائي ويو ڪوئي چانور کڻي آيو مطلب ته سڀ سامان ان وٽ پھچي ويو. ھن ايئن ڪيو جو ڏاند کي ذبح ڪيائين چانور ۽ ٻيو موجود سامان پچائي طعام تيار ڪيائين پاڻ کائي پيٽ به ڀريائين ۽ باقي سمورو تيار ڪيل طعام خيرات في سبيل الله ڪيائين بس پوءِ ته اھو سلسلو جاري ٿي ويس ھرطرف کان سامان ايندو پئي ويو ۽ ھي خيرات ڪندو پئي ويو ڪجھ سالن کان پوء جڏھنِ وري حضرت موسيٰ عليه السلام جو اتان ان شھر کان گذر ٿيو ته خلق جو ھجوم ڏٺائين ۽ خيرات في سبيل الله جاري ھئي خيرات ڪرڻ وارو اھو ساڳيو شخص ھيو جنھن پنھنجي رزق جي تنگيءَ جي فرياد ڪئي ھئي الله تعالي ان جو سمورو رزق ان کي عطا ڪري ڇڏيو ھو، اھو سڀ ڪجھ ڏسي الله جو نبي تعجب ۾ اچي ويو ته ھي ڇا معاملو آھي جڏھن طورسينا جبل تي پھتو بارگاھ رب العزت ۾ عرض ڪيائين ته اي اسان جا پالڻھار انھي ٻانھي کي ته ان جو رزق ان محل سڀ ملي ويو ھيو مگر ان وٽ ته خيرات اڃا به ان کان زياده جاري آھي. الله تعاليٰ فرمايس ته اي موسيٰ ان ٻانھي کي جيڪو رزق اسان موڪلي ڏنو ھيو ھن وري اھو سڀ خيرات ڪري اسان ڏانھن واپس موڪليو پوءِ اسان ان لاءِ ان جي رزق کي وڌائي موڪليوسي ۽ اھو ٻانھون خيرات ڪري اسان ڏانھن موڪلي ٿو ان جي ڪري اھو سلسلو جاري آھي ۽ جاري رھندو ھن مثال مان صاف ظآھر آھي ته خيرات مال کي وڌائي ٿي رڳو اوھان خيرات ڪري ته ڏسو. حديث شريف جو مفھوم آھي ھڪ اصحابي سڳوري عرض ڪيو يارسول الله جيڪڏھن مان خيرات ڪريان ھڪ رپيو مجاھد کي ڏيان (اسلام لاءِ جنگ ڪندڙ) ٻيو رپيو مسڪين، يتيم کي ڏيان ٽيون رپيو پنھنجي اولاد تي خرچ ڪريان ، انھن سڀني رپين مان منھنجي لاءِ خيرات وارو رپيو ڪھڙو بهتر ھوندو پاڻ فرمايائو ته جيڪو اوھان پنھنجي اولاد لاءِ خرچ ڪيو سبحان الله سڀ کان ڀلي خيرات پنھنجي اولاد تي جائز خرچ ڪرڻ آھي ان کان پوءِ جيڪي پنھنجا مسڪين رشتيدار ھجن ان کان پوءِ پنھجي پاڙي محلي ڳوٺ وارا مسڪين ۽ پوءَ عام مسڪين خيرات جا حقدار آھن سڪندر ذالقرنين کي الله تعاليٰ روءِ زمين جي بادشاھي عطا ڪئي جڏھن مرڻ جو وقت قريب آيس ته وسيعت ڪيائين ته منھنجا ٻئي ھٿ ڪفن ما ٻاھر ڪڍجو ته جيئن دنيا وارن کي خبر پوي ته روءِ زمين جو بادشاھ به مرڻ محل خالي ھٿ کنيو ويو پوءِ عقل وارا ان ڳالھين ماضرور فائدو وٺندا، ھر سفر جا اختيا انسان جي پنھنجي وس ھوندا آھن پوءِ به ان عارضي سفر ۾ به منزل جي آسائش جي فل تياري ڪري وٺبي آھي. ڪڏھن زندگيءَ جي سفر لاءِ اسان زرو به پريشان ناھيون ٿيندا جنھن سفر کي نه ڪوئي روکي ٿو سگهي نه ڪوئي معلوم ڪري ٿو سگهي ته اڃان منزل ڪيتري فاصلي تي آھي؟ نه منزل جي ئي خبر آھي ؟ ھن اڻ ڏٺي سفر لاءِ به ڪجھ نه ڪريون ته پوءِ ھيءَ اسان جي ناداني ناھي ته ٻيو ڇاھي؟ اڄ 13آڪٽوبر2017 جمعو (بقلم : احمد محمدي)