شهيد بي نظير يوٿ ڊويلپمينٽ پروگرام تحت ويب ڊيزائيننگ جو ڪورس ڪري رهيو هيم ته هڪ دوست عزيز ميمڻ سان دعا سلام ٿي ۔ سندس وٽ ليپ ٽاپ اهو به ونڊوز 7 سان ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي پو ڇا ۔ ادي عزيز کي بس ادا وڏا جا پراڻا ناول پڙهڻ لا ڏيندو رهيم ۽ سندس ليپ ٽاپ مون وٽ ۔ ڪڏهن دادو شهر ۾ ته ڪڏهن ڳوٺ ۔ دوست عزيز ب خوش ۽ مان به ۔ پر هڪ ڏينهن ادا عامر ليپ ٽاپ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا جڏهن اسٽارٽ تي ڪلڪ ڪري سرچ واري جا تي jpg.* لکي انٽر ڪيو ۔ بس دوستو پو ته منهنجا ترا نڪري ويا تڏهن ئي مون فائيلز ۽ فولڊرز کي لڪائڻ، گم ڪرڻ يا وري اهڙي طرح پاسورڊ لڳائيندڙ هي سافٽويئر انسٽال ڪيو جنهن سان فائيلز ۽ فولڊر ڳولڻ سان به نه ملن بس هڪ ميگا بائيٽ جيتري هلڪ سافٽويئر File And Folder Protector v3.4 کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو
جواب: پنهنجي فائلز ۽ فولڊرز کي تالو لڳايو ادا اوهان مٿان ته سندن پول پڌرا ٿيا پر اوهان ٻين مٿان ته سندن پول پڌرا نه ڪريو۔۔۔ هڪ ته انهيءَ دوست اوهان کي ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو رهندو وري۔۔۔۔ ها ها ها بس سائين اوهان کي ۽ ادي عامر ضياءَکي ڇا چئجي۔۔۔۔ پر اهو ته ٻڌايو ته هن سافٽ ويئر جو ڏس انهيءَ دوست کي به ڏنو اٿوَ يا بس سنڌ سلامت تي شيئر ڪري جان ڇڏائي اٿوَ۔۔
جواب: پنهنجي فائلز ۽ فولڊرز کي تالو لڳايو بهترين سافٽ ويئر آهي ادا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو آهي سدائين گڏ
جواب: پنهنجي فائلز ۽ فولڊرز کي تالو لڳايو ادا سائين جنهن ڪمپيوٽر ۾ هي سافٽ ويئر انسٽال آهي اتي ته لاڪ رهندو پر ڇا اهو فائيل ٻئي ڪنهن ڪمپيوٽر ۾ لڳائجي ته اتي به ڪارگر رهندو يا اُتي فائل کُلي ويندو؟ احمدخان