• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪويلين کي سڏيان ويٺو ...

ڪويلين کي سڏيا ن ويٺو
اچو مون سان اچي کيڏو
رهاڻيون ڀي ڪيو مونسان
اوهان کي جي نه اکيون آهن
ارپيان ٿو نظر پنهنجي
اوهان جو ساٿ اهڙو آ
نه ڪي انسان جهڙو آ
خلوص قربتن ۾ ٿي
ملو ٿيونپاڻ گلي ڀاڪر
هر هڪ سان اهو ناتو
هتي آدم نه ڪي ڄاتو
انسان ڪينو انسان سان
جلي پڄري الاءِ ڇاکان
ڇڏي دنيا ويا ڪيئي
نه ئي واپس وريا سي ئي
هتي جا محل بنگلا سڀ
اجايا هن اجيا هن
ڪتيو ڪا ڪار چڱائيءَ جي
نه ڪيو ڪا ڳاله برائيءَ جي
منداين کي مٽايو سڀ
ڏيو آسيس انسان کي
ڪيو گم گار بم بارود
اجايو ڪيو ٿا بت معبود
هڪ الله هڪ الله
هر هنڌ جو آهي موليٰ
هر هنڌ جو آهي موليٰ

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top