گيس تيل ۽ سنڌ ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    گيس تيل پاڪستان جو سنڌ ۾ تمام جڳهن تي لڀيو آهي جنهن جو تخمينو 360 ڪلوميٽر ڪيوب آهي ۽ هر ضلعي ۾ تمام گهڻيون فيلڊون گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 20 ته آهن ئي آهن ڪو سنڌ جو اهڙو ضلعو ئي نه آهي جنهن ۾ گيس نه لڀي هجي ويندي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان شڪارپور جيڪب آباد گهوٽڪي سکر لاڙڪاڻو شهداد ڪوٽ خيرپور نوشهرو فيروز نواب شاه دادو حيدرآباد سانگهڙ ميرپور خاص بدين ٿرپارڪر عمر ڪوٽ ڄامشورو ۽ سنڌ جو ساحل پڻ . ماهر ٻڌائين ٿا ته هي وافر مقدار ۾ استعمال ڪجي ته به 5 صديون هلي نه کپي ته پو بابا ان مان پورو پاڪستان مستفيد پيو ٿي ۽ ڪرڻ وڃن پيا ته پو ان جو ٽرڪل ڊائون سنڌ تي ڪڏهن ٿيندو وري همراه ايل اين جي جي شوق ۾ يا ترڪمانستان جي وچور ۾ يا ايران جي عاشقي ۾ پيا عوام ۽ سسٽم کي بليڪ ميل ڪندا ۽ بي سبب انهن پروجيڪٽس جي هلچل هلائي ملڪ کي نقصان ڏيڻ جو ڪم پيا ڪندا . ها سنڌ جي گيس استعمال ڪريو پر انهيءَ اصول تي جنهن تي ايل اين جي يا ايران سان يا ترڪمانستان سان سودو ڪرڻ جا سانباها ڪيل آهن .نتيجو اهو نڪرندو ته سنڌ جو وسيلو سنڌ تي خرچ ٿيندو ڪنهن کي شڪايت به نه ٿيندي ۽ عوام به آسودو ٿيندو ...پر هي ته ڄڻ سنڌ دشمني ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ٿيا آهن . ايڪسپلوريشن کان وٺي ٽراسميشن کان وٺي يوٽلٽي استعمال تائين سنڌ سان ويساه گهاتي پيا ڪن . اهو ڪيئن اهو ان طرح ته ايڪسپلوريشن ۾ اڪثر اسٽاف غير سنڌي ،ٽراانسپورٽ وغيره به سنڌ جي نه وري ٽرانسميشن ۾ ايس ايس جي سي ۾ سڄو بورڊ نان سنڌي ايم ڊي کان وٺي عام ميمبر تائين * تمام ٿورو اسٽاف سنڌ جو ۽ وري مزي جي ڳاله ته ايس ايس جي سي سنڌ بلوچستان ۾ آپريٽو آهي ته هنن بي هودن سئي ناردرن کي دادو تائين ۽ خيرپور تائين آپريٽو بڻائي ڇڏيو آهي يعني خيرپور تائي پنجاب جي ملڪيت ٿي وئي ٽرانسميشن لائين .اهڙو دود ڪڏهن به نه ٿيو پر جيئن ته 50 کان به وڌ تيل ۽ گيس سيڪٽر ۾ هر هڪ ۾ 10 کن بورڊ جا ميمبر هوندا آهن اهي سڀ جا سڀ غير سنڌي جن کي سنڌ جي تباهي ڪرڻ جو اونو فڪر هوندو آهي جتي جتي سنڌ جي فائدي جي ڳاله هوندي هو ڪجه به نه ٻڌندا سواءِ پنجاب جي فائدي لاءِ .. وري ٻي مزي جي ڳاله ته هي مٺي گيس بي وجه ساڙن پيا پلانٽن ۾ يعني فليئر ڪرڻ جي بهاني مٺي گيس به هو ختم ڪرڻ لاءِ ساڙي ٻڌائين اهو ٿا ته اسان زهريلي گيس ساڙيون ٿا ...پر نه هنن جي بد نيتي آ جو گهوٽڪي جو ايڏو فليم جو ڪنڌڪوٽ سکر تائين روشني پئي ايندي ۽ هو پيور ميٿين آ جيڪا مٺي گيس آ . سو هي گيس جو وسيلو سنڌ جو بي جا زور زبردستي سان استعمال به ڪن پيا ۽ ان کي ساڙڻ جي صورت ۾ ضايع به ڪن ٿا جيڪو سرار ملڪي نقصان آهي ........۽ سنڌي ماڻهو جي گهرن ۾ جيڪي انهن گيس فيلڊن جي ڪور ۾ اچن ٿا تائين گيس نه ڏيئي هڪ جرم ڪيو آ هن ملڪ جي عوام سان . مان يقين سان چوان ٿو ته جي هي ڪورنگ ايريا صرف گيس سنڌ کي چلهي ٻارڻ لاءِ ملي ته هوند ڪو ڳوٺ سنڌ جو گيس جي استعمال کان نه بچي سڀ ان کان مسفتيد ٿين . پر هتي بي داد نگري آ ڪو ڪڇڻ وارو نه آهي جي سنڌ حڪومت ڪجه قدر آواز اٿايو ته به هيڪڙ ٻيڪڙ جن کي پوري ڄاڻ به نه آهي ۽ انهن به پنهنجي پلانٽن جي فائدي واري ڳاله ته ڪئي پر هنن کي عوام وسري ويو . ۽ هنن جي سوشل ريسپانس جي مد ۾ جيترو فنڊ آهي اهو به لڪائي ويٺا آهن عوام تي اهو به خرچ نه ٿا ڪن هيڪڙ ٻيڪڙ اسڪول لاءِ ڪي ڀڳل بينچو يا ڪو نلڪو يا ڪو پکو وغيره ڏيئي فوٽو سيشن ڪري همرا وتن ٿا موج ڪندا سنڌي قوم پريشان حال الله جي ڏنل وسيلن جي صورت ۾ انعامن تي به هنن جو قبضو فطري آسودگي کي به هي مليا ميٽ ڪري پنجاب جي فائدي لاءِ ڪم ڪندا ويندا ... يا الله تون ڪو اهڙو حشر ڪر جو هي سنڌي عام غريب ماڻهو ڪو سک جو ساه کڻن ...
    آمين يا رب العٰلمين سنڌ جي گيس تي گهري نظر رکنڊڙ هڪ سالک
     
    شاھنواز سومرورو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو