اين ايف سي جي ظلمت ۽ سنڌ ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اسان جي سنڌ سونهاري صدين کان آزاد حثيت ۾ رهي آ پر انگريزن جي اچڻ کان پو هت وڏو ڊرامو ڪيو ويو هندو کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جيڪو اڃا تائين پيو ٿو هلي هي هڪ ٻيو موضوع آ اسان اڄ اين ايف سي تي جرح ڪنداسين .
    اين ايف سي ۽ ايف بي آر هڪ وفاقي طرز جنهن ۾ پوري ملڪ جا پيسا گڏي پو انهن جي گهرج موجب واپس ڪرڻ جو نالو اين ايف سي رکيو ويو جنهن جو بنياد آبادي چيو ويو پيسا ڪنهن جا به هجن پر ڪنهن جي آبادي وڌيڪ انهن کي وڌيڪ پيسا پيا ملن صوبن جي خرچن لاءِ پر سائين اهو ڪهڙو اسلام آ حق آ انسانبيت آ ماڻهپو آ جو جنهن صوبي جا وسيلا وڌيڪ هجن ان کي محڪوم ڪري ان جي وسيلن تي ڌاڙو هڻجي اهو ته اسلامي لحاظ کان به ڏوه آ جيڪا سنڌ هن ملڪ ۾ شامل ٿي ان جو ڪارڻ مسلماني هيو پر هنن ان مسلماني کي ناس ڪري ڇڏيو وري جي هن وفاق ۾ شموليت هئي ته به پنهنجي وجود جي برقرار رکڻ جون سڀ گهرجون ڄاڻايون ويو هيون هن سال سنڌ 45 کرب جنهن ۾ هڪ کرب ۾ سو ارب پوندا آهن جي رقم وفاق ۾ جمع ڪرائي ان ايف بي آر جي ڪليڪشن جي مدد سان ۽ واپس ٿيا 10 کرب سو به رڙائي رڙائي جنهن سان ترقياتي اسڪيمون بنه رڪجي رڪجي هلن پيو جنهن سان عوام جو سنڌ جي حڪمرانن لاءِ پريشر الڳ ته ڪجه به نه ٿو ٿي سنڌ ۾ ۽ هو پنهنجي مرضي سان چڪنو چڪنو ڪري ڏين ٿا اها رقم جيڪا ان صوبي منجهان گڏ ڪئي وئي .
    بابا اسان کي اهو اين ايف سي وارو ڀنڊڻ گهرجي ئي نه ٿو بس خدارا اسان کي وڌيڪ نه ڏيو پر سنڌ جي رقم ان کي گڏ ڪرڻ جو اختيار ڏيو جيئن هي صوبائي خودمختياري جو اصل روح سرهو ٿي جنهن ۾ ڀل وفاق لاءِ ٻين صوبن جي برابر حصو سنڌ کان وٺو جيترو پنجاب کان وٺو جيترو ڪي پي ڪي کان وٺو جيترو بلوچستان کان وٺو اوترو ڏيڻ لاءِ سنڌ آماده آهي باقي هي سڀ ديرو بٽائي ڪري کڻي وڃڻ نا انصافي آ وفاق لاءِ نقصان آ يڪجهتي لاءِ نقصان آ هڪ ٿيڻ لاءِ پريشاني آ رنج آ الم آ .
    سو مهرباني ڪري هي ظالمانه ورهاست بند ڪريو شيئرنگ سسٽم هلايو صوبن جي پنهنجي روينيو گڏ ڪرڻ جو مڪينزم جوڙيو جنهن ۾ سنڌ ۾ ايس بي آر ٺاهيو ته ڪو سڪ وڌي صحيح رخ ۾ ملڪ هلي جي نه ته دنيا جا اشاره جيئن بلوچستان لاءِ لنڊن جي ٽيڪسين ۾ بلوچستان کي آزاد ڪريو جي مهم هلي پئي سو اگر شڪايت هوندي ته مهم هلندي احتجاج به ٿيندا زور زبردستي نه هلندي .
    سنڌ جي گهر آ ته
    هن جو سڀ روينيو سنڌ پاڻ گڏ ڪري وفاق کي حصو ڏي ٻين جيترو
    سنڌ مان ڌاري آبادي کي خروج ڏيو ٻاهر ڪڍو جيڪا هن جي معيشت تي بار آ ۽ امن امان جو مسئلو پيدا ڪيون ويٺي آ نفرتن جا ٻج پيا ڦٽن هي حقيت آ ڪا ڪهاڻي نه آهي جيئن روهينگيا بنگالي ڏيڍ صدي کان پو واپس بنگال ويا تيئن هي غير سنڌي غير فطري آبادي به سنڌ مان ويندي جي توهان جوڳو بندو بست ڪيو ته واه واهجنه ته فطرت پاڻ رستا جوڙندي آهي ...
    سنڌي سوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو