• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي پسند

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
وري درد جهوريو وري ياد آئي..
ستارن جي چنچل صدا ياد آئي..
اوهان جي شهر جا عجب رنگ آهن..
معصوم دل جي ادا ياد آئي...
 
عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
وڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.

اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛
غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.

ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛
لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا.

پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا.

نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.

جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛
قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا.

پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا
 
مان پوان نادانُ ٿي هو اگر ٿورو ڏسي
تَرُ وڃي حيرانُ ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

مينگه ٿي موسم پوي جُهڙ وڃي پُرجوش ٿي
۽ پوي باران ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

ولوَلا دل جي اندر ٿي پوَن ۽ دردَ ڀي
سڀ وڃن ويران ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

ڇير پيرن ۾ ٻڌي ساز جي هر راڳ تي
مان نچان مستان ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

نيڻ جي مون ڏي کڻي ناءُ جي مون کان پُڇي
مان وڃان قربان ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

جان مايوسي ڇڏي سورَ ڀي دوري ڪرن
مَنُ پوي خاقان ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

ڪاش اکڙين ۾ لکيل داستان منهنجو هجي
مان پڙهان عرفان ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

منتظر کي لوڪ ٿو پيو ڏئي مهڻا يڪو
پئي ختم ارمان ٿي هو اگر ٿورو ڏسي

شاعر: نويد منتظر سومرو
 
تنهنجي سوچن کان پرين مان آزاد ڪٿي آهيان؟
هي به سچ آهي سڄڻ توکي مان ياد ڪٿي آهيان..
 
Back
Top