***غار ثور ۾ اسان جي آقا صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن جو اچڻ *** ============================= ھيءَ اھارات ھُئي جنھن رات اسان جا محبوب اسان جا آقا اسان جا سھڻا نبي ﷺ جن مڪہ معظمہ کان مدينه منوره ڏانھن ھجرت لاءِ سفر جو ارادو فرمايو آ ان رات پنھنجي بستري پاڪ تي حضرت علي ڪرم الله وجهٗ کي سمھاريو آ جيئن صبح جو امانتون ماڻھن کي صحيح سلامت موٽائي واپس ڏنيون وڃن ۽ پاڻ الله جو نالو وٺي ٻاھر نڪتا ، ان سفر ۾ ساڻن گڏ (رفيق) حضرت ابوبڪر صديق رضہ الله عنہ آھي سندن جي پھرين منزل غا ثور آھي جڏھن غار ثور جي دروازي تي پھتا آھن ته پاڻ ڪريم ﷺ جن غار جي اندر داخل ٿيڻ جو ارادو فرمايو آھي ته حضرت ابوبڪر صديق رضی اللّٰہ تعالٰی عنہ عرض ڪريٿو ته يارسول الله ﷺ اوھان کي الله پاڪ جو واسطو آھي اوھان غار۾ داخل نه ٿجو پھريان مان اوھان جو غلام ان غار ۾ داخل ٿيندس متان ڪو ايذائيندڙ جانور ڪوئي (نانگ وڇون وغيره ) نه ھجي ڀلي اھو مونکي ايذائي ايئن چئي صديق اڪبررضہ غار ۾ داخل ٿيو آھي ۽ غار ۾ ٻھاري ڏيڻ شروع ڪيائين ان غار جي سفائي ڪندو رھيو پٿريون ميڙي پورو غار صاف ڪيائين غار جي ھڪ ڪنڊ ۾ آيو ان ڪنڊ ۾ ڏٺائين ڪافي سوراخ موجود ھئا اھي سوراخ بند ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڪپڙي مبارڪ مان ليڙون ڦاڙيندو ويو ۽ ان سوراخن جا منھن بند ڪندو ويو تان جو ڪپڙو به پورو ٿي ويو ۽ ٻه سوراخ باقي رھجي ويا ھاڻي صديق اڪبر رضہ ان سوراخن جي مٿان پنھنجي پيرن جون کڙيون مبارڪ رکيون آھن ته جيئن ڪوئي موضي جانور نانگ وڇون وغيره ٻاھر نڪري نه اچي ۽ منھنجي محبوب کي تڪليف نه پھچائي ھاڻي جڏھن پوري تسليٰ ڪيائين ته غار محفوظ ٿي چڪو آھي پوءِ عرض ڪيائين ته يارسول الله ﷺ ھاڻي غار جي اندر ڀلي اچو پاڻ ڪريم ﷺ جن ان غار ۾ داخل ٿين ٿا ۽ پنھنجو سرمبارڪ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جي جھوليءَ مبارڪ ۾ رکي آرام فرمائين ٿا ۽ محبوبن ڪريمن ﷺ جن کي آرام اچي ويو آھي ھوڏانھن ھڪ سوراخ جي اندران ھڪ نانگ حضرت ابوبڪر صديق کي ڏنگڻ شروع ڪيو آھي حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنہ ساڳيءَ طرح خاموش ويٺو رھيو آھي ڪيڏان چرپر به نه ڪيائين ته متان منھنجو آقا ننڊ مان سجھاڳ ٿي پوي ، جڏھن اھو نانگ جي ڏنگڻ وارو زھر جسم مبارڪ ۾ تمام گھڻو اثر ڪيو آھي ۽ درد برداشت کان وڌي ويو آھي ته لڙڪ اکين مان بي انداز نڪري آيا آھن، مگر پوءَ به پنھنجي جسم مبارڪ کي چر پر ۾ ڪون آندائون، اتفاق سان ھڪ لڙڪ مبارڪ ، سندن جي چھرائي اقدس صلي الله عليه وآلهٖ وسلم تي آيو آھي ۽ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن سجھاڳ ٿيا آھن ۽ نھاري پاڻ حضرت ابوبڪر رضہ جي چھري ڏانھن ڏٺائون ۽ فرمائن ٿا ته ابوبڪر رضہ ڇا ڳالھ آھي؟ عرض ڪيائين ته يارسول الله صلي الله عليه وآلهٖ وسلم ، مونکي نانگ ڏنگيو آھي جنھن جي درد کان اھڙو حال آھي پوء پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن پنھنجي پاڪ لعاب دھن مبارڪ سندن ان جڳھ تي لڳائين ٿا ته زھر لھي ٿو وڃي ۽ درد بلڪل ختم ٿي وڃي ٿو، ان ڏھاڙن ۾ سھڻي صديق اڪبر رضي الله عنها پنھنجي فرزند حضرت عبدالله رضہ کي حڪم فرمايو ھيو ته جيڪي ڏينھن جو مڪه مڪرمه ۾ واقع پيش اچن اھي رات جو اسان کي اچي ٻڌاء وڃ ِ پوءِ عبدالله رضہ روزانو رات جو ايندو ھيو، ۽ رات جو اچي غار ثور ۾ سندن جي خدمت ۾ عرض رکندو ھيو، عامر بن فهيره جيڪو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه جو غلام به ھيو ۽ ٻڪرين چارڻ وارو ڌنار ھيو ان کي فرمايائون ته تون ٻڪريون جھنگ ۾ چاري رات جو غارثور وٽ آڻيندو ڪر ۽ ھو ايئن ڪندو ھيو پوءَ جڏھن عبدالله رضہ صبح جو غار کان واپس ورندو ھيو ته اھو ڌنار ٻڪريون فيري سندن جي پيرن جا نشان ڊاھي ڇڏيندو ھيو ته متان ڪوئي ڏسي نه وٺي، ۽ رات جو ان ٻڪرين جو تازو کير غار اندر سدن جي خدمت ۾ پيش ڪندو ھو محبوبن ڪريمن ﷺ جن جي خدمت ۾ ساڻن گڏ حضرت ابوبڪر صديق به اھو تازو کير نوش فرمائيندا ھئا ھوڏانھن مڪي جي قريش جڏھن ڳولھي ڳولھي استغفرالله (قتل) ڪرڻ کان عاجز ٿيا ته ان انڌن مديني واري گھوٽ صلي الله وآلهٖ وسلم جن جي دشمنن اعلان ڪيو ته جيڪو (استغفرالله) حضور صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن کي(گرفتار) ڪري آڻيندو ته ان کي 100 اٺ انعام ۾ ڏنا ويندا، ڪيترا لالچي بدبخت نڪري پيا حضور صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن کي تلاش ڪرڻ لاءِ ڪا جاءَ ڪون ڇڏيائون ڳولھندي ڳولھيندي اچي غار ثور جي دروازي تي پھتا حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنها ڪجھ پريشان ٿيا ته متان نھاري ڏسي نه وٺن پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جن فرمايو ته اي ابوبڪر رضہ تون فڪر نه ڪر اسان اڪيلا ناھيون اسان ساڻ الله تعاليٰ گڏ آھي سبحان الله ھڪ رويت ۾ آھي ته ان محل غار جي منھن تي ڪوريئڙي تانيو ڏيئي ڇڏيون ھيون ۽ ڪبوتر ڪاٺيون گڏ ڪري آکيرو جوڙي آنا لاھي انھن جي مٿا آرو پچائڻ لاءَ ويھي رھيو پوء ڪافرن غار جي اھا حالت ڏسي غار ۾ تلاشي نه ڪئي ۽ ايئن واپس موٽي ھليا ويا حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن 3 ڏينھن 3 راتيون مسلسل ان غار ۾ رھيا پوءَ مدينہ منورہ ڏانھن روانا ٿي ويا. سبحان الله ھن حقيقت کي اڳتي دوستن تائين به پھچائي ثواب حاصل ڪندا. بقلم : احمد محمدي (مان محمدﷺ جوغلام)