• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

سرمد چانڊيو


تون پاڻ اچين يا خواب اچن، من مست ڪري احساس نچن
هن ڌرتيءَ جا من ورتيءَ جا، سڀ رنگ پرين رچنا ۾ رچن

مان کيت خزان ۾ کيڙيان ٿو، ۽ سپنو سپنو ميڙيان ٿو
هيءَ ننڊ اکين مان ڦيڙيان ٿو، تون پاڙين شال وصال وچن

اڄ دم دم دلڙي ڌڙڪي ٿي، ۽ کاٻي اک به ڦڙڪي ٿي
وشواس پيا در کڙڪائن، ٿا پُور نوان پل پل ۾ پچن

تون آءُ هلي تون آءُ هلي، مون نيڻ وڇايا آڳر تي
پَرُ سال جيان ڪي هيل وري، ڀرپور نوان ميلا ته مچن

هِي پيار ته آهي کير ندي، چاندي کان چٽي، ڪڏهين نه ڦٽي
هن دير سوير جي دنيا ۾، سرمد نه ٿيو ڪو سور سچن.

9tdcnl.jpg

تعارف

نالو: سونو خان چانڊيو
ادبي نالو: سرمد چانڊيو
جنم تاريخ: 20 آگسٽ 1947
جنم هنڌ: ڳوٺ جمال خان چانڊيو،
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ
رهائش: لاڙڪاڻو سٽي.
 
Back
Top