عجب جھڙي ڳالھ ........................ بادشاھ جڏھن پنھنجي رعيت جي خاموشي ڏٺي ته پريشان ٿي ويو سوچيائين ته ھن قومن جو ڪھڙو حال ٿيندو جيڪي پنھنجي حق لاء پنھنجي زبان مان ھڪ لفظ به ڪڇن کان معزور آھن ، انھن لاءَ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان ويچارن کان پوءَ بادشاھ سوچيو ته قومن کي جاڳائڻ ۾ ئي قومن جي بقا ھوندي آھي سو ھن ايئن ڪيو جو انھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ انھن کي آواز اٿارڻ تي مجبور ڪرڻ لاء ھن ِ ھڪ پروگرام تيار ڪيو ته جيئن ھنن ۾ ڪجھ سجھاڳي پيدا ٿئي. بادشاھ وزير کي حڪم ڏنو ته شھر کان ٻاھران واري شاخ جي مٿان ڪاٺي رکي پل جوڙي وڃي ۽ سڀني لاءِ اسان جي طرفان حڪم جاري ڪيو وڃي ته روزانو ھرھڪ صبح جو اٿي سڀ کان اول وڃي ان پل جي مٿان گذري وري واپس اچي پوءِ پنھجي ڪم ڪار سان ھليو وڃي. بادشاھ سمجھيو ته بنا ڪنھن سبب جي جيڪڏھن ھنن کي ھيڏي ساري تڪليف پھچندي ته ھي لازمي دانھن ڪندا ۽ پنھنجي مصيبت کي حل ڪرائڻ لاءَ ڳالھائڻ تي مجبور ٿيندا. وزير بادشاھ جي حڪم مطابق پل جوڙائي ۽ سڀني کي بادشاھ جي طرفان مليل حڪم جاري ڪري ڇڏيو، ان حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ڪنھن به اعتراض نه ڪيو ۽ نه وري ڪنھن وزير کان ان جو سبب پڇيو ته ھي سزا بادشاھ سلامت اسان جي لاءَ ِ ڇو مقرر ڪئي آھي؟ بنا ڪنجھ معلوم ڪرڻ جي ان حڪم جي تعبيداريءَ ۾ مصروف ٿي ويا ۽ اھو سلسلو ان پل جي مٿان لنگھڻ وارو شروع ڪري ڏنائون، ھوڏانھن بادشاھ انتظار ۾ رھيو ته اجھو ٿا اچي احتجاج ڪن.....!!! پر ايئن ڪون ٿيو ڪافي عرصو گذري ويو ۽ ھنن جو ساڳيءَ طرح شاخ تان گذري وري واپس ورڻ وارو سلسلو ھلندو رھيو ڪنھن کي ذري برابر به شڪايت ڪونه ٿي ته ھي اسان سان ايئن ڇو ٿي رھيو آھي؟ بادشاھ سلامت کي ھنن ُ جي انتھائي خاموشيءَ واري حالت تي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ پوءِ ھن ان پل جي ھڪڙي پاسي کان ھڪ ھمراھ بيھاري ان کي مقرر ڪري ڇڏيو ته جيڪو ھن پل تان گذري ته ان کي گذرڻ کان پھريان لازمي ھڪ پادر لڳايو وڃي پوءِ پل ڪراس ڪري، جڏھن ھيءُ ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو. ته ڪجھ ماڻھو بادشاھ سلامت ڏانھن شڪايت ڪرڻ لاء تيار ٿيا جڏھن بادشاھي مھل تائين پھتا ۽ فرياد لاءِ در کڙڪايائون ته بادشاھ تمام گھڻو خوش ٿيو ته شايد اسان جي رعايا ۾ ھاڻي شعور پيدا ٿي چڪو آھي ۽ ھو پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجو آواز اٿارڻ جي قابل ٿي ويا آھن،اڄ شايد احتجاج طور مونوٽ پھتا آھن، بادشاھ خوش ٿيندي انھن کي دربار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ اجازت ڏني جڏھن اھي بادشاھ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته عرض ڪيائون ته بادشاھ سلامت اوھان جو ھر حڪم اسان جي اکين تي اسان اوھان جي حڪم مطابق روزانو اھا پل پارڪري ايندا ويندا آھيون ھاڻي وري ان پل تي اوھان جي طرفان پادر ھڻڻ لاءِ ھڪ ھمراھ مقرر ڪيو ويو آھي جنھن لاءِ اسان مان ڪنھن کي به اعترض ناھي ، رڳواسان کي ھاڻي اھا تڪليف ٿي رھي آھي جو اھو پادر ھڻڻ وارو ھڪڙو آھي ۽ اسان گھڻا آھيون، ان لاءِ اسان تي اھا مھرباني ڪئي وڃي ھڪڙو پادر ھڻڻ وارو اسان لاءِ ڪافي ڪونھي مھرباني ڪري ھڪ ٻيو به ٻيو به وڌايو وڃي ته جيئن اسان پنھنجو ٽائيم بچائي سگھون ۽ جلد پادر کائي وري پنھنجي ڪم ڪار سان لڳي وڃون بادشاھ اھا حالت ڏسي خاموش ٿي ويو ۽ ڏٺائين ته ھن قومن ته پنھنجو ٻيڙو پاڻ ھٿ سان ٻوڙيو آھي، ڇا ٿيندو اھڙي قوم جو جيڪا پنھنجي نجات لاءِ ته سوال ئي نه ٿي ڪري اڃان پادر ھڻڻ واري کي وڌائڻ لاءِ احتجاج ڪري رھي آھي افسوس ...... *** جيڪي قومون خاموش ھونديون آھن انھن کي ڪافي ڪجھ برداشت ڪرڻو پوندو آھي اھڙيون قومون غلاميءَ لاء تيار رھن . جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا ته دنيا جي مثالي قومن مان ھڪ قوم بڻجون ته پوءِ خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو...!! پنھنجا جائز حق ڇني وٺڻ جي سگھ رکو ھر ان جڳھ تي پنھنجي آواز کي بلند ڪريو. جنھن جڳھ تي توھان جي ڳالھائڻ جي ضرورت ھجي اتي ڪڏھن به خاموش نه رھجو ظلم جي خلاف جلد اٿي کڙا ٿيو ورنه ظالمن جي ظلم ۾ اضافو ٿيندو ويندو، مظلوم کي ايئن نه ڏسو ته ڪير آھي ان جو درد پنھنجو درد سمجھو جيستائين اوھان پاڻ ۾ انقلاب آڻڻ جي جرئت نه رکندئو تيستائين توھان خود غلام آھيو ۽ غلام بڻجي سڀ ڪجھ سھڻ لاءِ تيار ھجو ***** ***** ***** ***** ***** استاد بخاري ته ھيئن ٿو چوي ته .. جي جنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو، هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو، او منزل _ مقصود ، هي واعدو آهي آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي وڌيڪ اوھان خود مختيار آھيو ھن تحرير مان سبق پرايو انشاءَالله اوھان ۾ ھمٿ ضرور پيدا ٿيندي اردو ترجمہ، اضافو ۽ ترتيب: احمد محمدي (مان محمد صلي الله عليه وآلهٖ وسلم جو غلام)